حيدرآباد(رپورٽ: امتياز چانڊيو/عتيق ملاح) حرن جي روحاني پيشوا ۽ مسلم ليگ فنڪشنل جي سربراهه پير سيد صبغت الله شاهه راشدي پير پاڳاري چيو آهي ته سنڌ جو وجود ۽ وحدت خطري ۾ ڏسندي پنهنجن اصولن تي حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو حتمي فيصلو ڪيو، نئين مڪاني نظام سميت ڪنهن به معاملي تي حڪومت اعتماد ۾ نه پئي ورتو، سنڌي ماڻهو پنهنجون اکيون کولين، ڪالاباغ ڊيم نه پر سنڌوءَ درياهه مٿان ڪالاباغ بئراج ٺهي رهيو آهي، ملڪ کي ڊيم جي ضرورت آهي، اهو ڪنهن ٻئي هنڌ ٺهڻ گهرجي، ان لاءِ اسان تغاريون کڻي به ڪم ڪنداسين، ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ ڪا حتمي حديث ناهي، دوستن کي واضح چيو آهي ته اسان متحد سنڌ ۽ متحد پاڪستان جو نعرو هنيو آهي، ايم ڪيو ايم جو پنهنجو رستو ۽ الڳ سوچ آهي، اردو ڳالهائيندڙ اسان جا ۽ اسان انهن جا آهيون، نئين مڪاني نظام تحت ميئر کي وزيراعليٰ جا اختيار ڏنا ويا آهن ته پوءِ سنڌ ۾ ڇا بچيو، پنجاب ملڪ جو وڏو صوبو آهي، پر سنڌ سمورن صوبن کان وڌيڪ اهميت رکندڙ صوبو آهي، حالتن جي تبديلي سان سنڌ ۽ ملڪ کي نئون پارٽي منشور ڏنو آهي، جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ نياڻين کي تعليم ڏيڻ واري نڪتي تي زور ڀريل آهي، نياڻين جي تعليم کان سواءِ سنڌ ۽ ملڪ جو مستقبل محفوظ ناهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه فنڪشنل ليگ جي حيدرآباد ۾ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي عوامي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن جلسي ۾ لکين ماڻهن شرڪت ڪئي، جن ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به شامل هئا، حيدرآباد باءِ پاس وٽ رٿيل هن جلسي ۾ سڄو ڏينهن ڀيڄ پاڳارا جا نعرا گونجندا رهيا ۽ اسٽيج توڙي پنڊال کي فنڪشنل ليگ جي جهنڊن سان سينگاريو ويو هو. پير پاڳاري لکين ماڻهن جي ميڙ کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته مڪاني نظام وارو آرڊيننس آڻڻ بابت اسان کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو، ان جي باوجود به اسان لکت ۾ پنهنجون تجويزون ڏنيون، پر انهن تي ڪو به عمل نه ڪيو ويو، جڏهن سنڌ ڌرتي ماءُ جي وجود ۽ وحدت کي خطري ۾ ڏٺوسين ته پوءِ اصولن تحت حڪومت کان ڌار ٿي وياسين ۽ هاڻ پنهنجن اصولن تي ئي قائم رهنداسين، ڪنهن به صورت ۾ سنڌ ۽ ملڪ جي مفادن کان پوئتي نه هٽنداسين. هن چيو ته نئين مڪاني نظام تحت وزيراعليٰ جا اختيار ميئر جي حوالي ڪيا ويا آهن، اهڙي صورتحال ۾ سنڌ ۾ ڪجهه به نه رهندو، تنهن ڪري هي گڏ ٿيل عوام جو سمنڊ ان نظام خلاف نظر اچي رهيو آهي. هن چيو ته آرڊيننس تي اعتماد ۾ وٺڻ ته پري پر سندن پيش ڪيل ترميمن تي پڻ عمل نه ڪيو ويو. هن چيو ته حڪومت جي اهڙي رويي کان پوءِ هن محسوس ڪيو ته هاڻ حڪومت جي پاليسين سبب سنڌ کي خطرو وڌي ويو آهي، تنهن ڪري هن مختلف دوستن، پارٽي اڳواڻن، اديبن، ليکڪن، قومپرستن، صحافين ۽ وڪيلن سان صلاح مشوري ڪرڻ کان پوءِ حڪومت کان الڳ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ هن ساڻن صلاح مشورو ڪندڙ دوستن سان نفي ۽ نقصان ۾ گڏ هجڻ جو پڻ فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته هن محسوس ڪيو ته جيڪڏهن حڪومت سان سندس وڌيڪ اتحاد رهيو ۽ سندس اتحادين ساڻس صلاح مشوري کان سواءِ ڪي فيصلا ڪيا ۽ اهي سنڌ خلاف ثابت ٿيا ته اسان جي ايندڙ نسل جو مستقبل خطري ۾ پئجي ويندو. هن چيو ته پيپلز پارٽي کي ايڏو وڏو مينڊيٽ مليل آهي جو ان کي حڪومت ٺاهڻ لاءِ ايم ڪيو ايم جي ضرورت ناهي، پر ان جي باوجود خبر ناهي ته پيپلز پارٽي ڇو ايم ڪيو ايم آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيا آهن ۽ پ پ سنڌ جو سودو ڪري وڏي وزير جا اختيار ميئر کي منتقل ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته نئين مڪاني نظام وارو بل آڻڻ دوران اسان سان ڪير صحيح طريقي سان ڳالهائڻ لاءِ تيار به نه هو، جنهن ڏينهن بل تي صحيح پئي ڪئي وئي، ان ڏينهن اسان کي ٻڌايو ويو ته بل تي صحيح نه پئي ڪئي وڃي، بعد ۾ رات جو خبر پئي ته بل تي صحيح ٿي وئي ۽ مٺايون ورهايون پئي ويون. هن چيو ته هن امتياز شيخ کي چيو ته هو گورنر هائوس وڃي بل بابت ڄاڻ حاصل ڪري، پر اتحادين سندن ڪا به ڳالهه نه ٻڌي ۽ ائين پئي لڳو ته جيئن جن ۴ يا ۵ ماڻهن ويهي نئين مڪاني نظام بابت فيصلو ڏنو آهي، اهي ئي صحيح آهن، باقي سنڌ جا پروفيسر، اديب، ليکڪ، ڊاڪٽر ۽ ليڪچرار سڀ چريا آهن، صرف اهي 5 ماڻهو عقلمند آهن. هن چيو ته سڄو سنڌ آرڊيننس جي خلاف هو ۽ سنڌ جا اديب، دانشور، ليکڪ، ليڪچرار، استاد ۽ هر طبقي جا ماڻهو آرڊيننس خلاف بيان ڏئي رهيا هئا. هن ٻڌايو ته فنڪشنل ليگ جڏهن آرڊيننس جي ڪاپي گهري ته پ پ وارن ڪاپي ڏيڻ کان انڪار ڪيو، جنهن بعد هنن ڪنهن ٻئي طريقي سان ڪاپي گهرائي، جڏهن نامياري وڪيل مجيب پيرزادو کي پاڻ وٽ گهرائي بل پڙهايو ويو ته نظر آيو ته بل ذريعي سنڌ کي وڏو نقصان پهچايو ويو آهي. هن چيو ته پنجاب ملڪ جو وڏو صوبو آهي، پر سنڌ، پاڪستان ۾ وڏي اهميت رکندڙ صوبو آهي. هن چيو ته پيپلر پارٽي کي هميشه سنڌ ۾ ووٽ مليا، ان ووٽ جو ڪاٿي قدر ٿيو ته ڪاٿي نه ٿيو. هن چيو ته فنڪشنل ليگ سدائين ڪالاباغ ڊيم جي مخالف رهي آهي، هو جڏهن آبپاشي جو وزير هو، تڏهن پنجاب چشما جهلم لنڪ ڪينال کولرائي سنڌ جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو ته هن اسلام آباد وڃي وزيراعظم وٽ احتجاج ڪري ڪينال بند ڪرائي سنڌ کي پاڻي ڏياريو هو. هن چيو ته ايوب جي دور ۾ ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ تي وڏو زور پيو، پر هو ڪالاباغ ڊيم ٺاهي نه سگهيو ۽ يحييٰ به اهو ڪم نه ڪري سگهيو، جڏهن ته 73 ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ڪالاباغ ڊيم ميگا پروجيڪٽ تي صحيح ڪري ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي ۽ 88ع ۾ شهيد بينظير ڀٽو ڪالاباغ ڊيم کي ريڊزائين ڪرائي ان لاءِ فنڊ رکيا، جنهن کان پوءِ هاڻ ڪالاباغ ڊيم نه پر ڪالاباغ بئراج بڻجي رهيو آهي. هن چيو ته ملڪ کي ڊيم جي ضرورت آهي، جيڪڏهن ڊيم نه ٺهيو ته 5 يا 8 سالن کان پوءِ ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي ويندي، پر اسان کي ڪالاباغ ڊيم قبول ناهي ۽ نه ئي ڪالاباغ ڊيم ڪنهن حديث ۾ لکيل آهي، تنهن ڪري ڪالاباغ ڊيم کي دفن ڪري ڪنهن ٻي جاءِ تي ڊيم ٺاهيو وڃي ته ان لاءِ اسين تغاريون کڻڻ لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته ٻٽي نظام کان پوءِ هاڻي هڪ ٻي سازش ٿي رهي آهي ته ڪجهه ڏينهن ۾ ايم ڪيو ايم کي مخالفن جي سيٽن تي ويهاري ۽ ايم ڪيو ايم جي مرضيءَ سان ملڪ ۾ نگران حڪومت آڻي ڌانڌلي ذريعي حڪومت ٺاهي وڃي. هن چيو ته نوشهروفيروز ۾ ٿيل چونڊن ۾ وڏي ڌانڌلي ڪئي وئي، جنهن بابت اسان اليڪشن ڪميشن کي ثبوتن سميت شڪايت ڪئي آهي. هن چيو ته اليڪشن ۾ ڌانڌلي سان عوام ۾ نفرتن جو طوفان وڌندو. هن چيو ته ايم ڪيو ايم جو پنهنجو رستو ۽ سوچ آهي، تنهن ڪري پ پ کي پنهنجي رستي ۽ سوچ تي هلڻ گهرجي، کيس حڪومتي راند ۾ نه اچڻ گهرجي. پير پاڳاري چيو ته ملڪ جي خوشحالي هڪ سوال بڻجي چڪي آهي، ڪرپشن چوٽچڙهي وئي آهي، ترقياتي ڪمن لاءِ ايندڙ فنڊن مان 70 سيڪڙو رقم هڙپ ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته روزاني ۴ کان ۷ ارب روپيا روزاني پاڪستان جو پيسو ٻاهرين ملڪن ۾ منتقل ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته تعليم، صحت ، زراعت جو ٻيڙو ٻڏي ويو آهي، تعليم کاتو پهرين نمبر تي ڪرپٽ بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم کي سنڌين سان هلڻو آهي، جيڪو سنڌ ۾ رهي ٿو، اهو سنڌي آهي. هن چيو ته جيڪو پنجاب مان لڏي اچي ٿو، انهن جون زمينون سنڌ ۾ هجڻ تي جي اسان کي ڪو مسئلو ناهي ته ايم ڪيو ايم وارن سان به ڪو مسئلو ناهي، پر غريب کي انصاف ۽ عزت کپي ۽ ايم ڪيو ايم سنڌ ۾ غريبن کي عزت ۽ انصاف نٿي ڏي. هن چيو ته حالتن مطابق اسان کي نئون منشور ٺاهڻو آهي، جنهن ۾ اسان نياڻين جي تعليم کي وڌيڪ اهميت ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته اسان وٽ امن امان وڏو مسئلو بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته سندس جيڪي به خواهشون هيون، هن پنهنجي والد جي زندگي ۾ پوريون ڪيون، هاڻ سندس ڪا به خواهش ۽ لالچ ناهي، سندس ڪوشش آهي ته سڀني کي گڏ وٺي هلجي، سنڌ بچايو ڪميٽي سان صرف نئين مڪاني نظام جي خاتمي واري نڪتي تي گڏ آهيون-. عوامي آواز جي ٿورن سان۔
جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!! توتي سنڌ هزار سلام! خوش رهه باغ بهار مُدام! خوش رهه خندان با آرام! جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!! ”ڀاءُ آ پنهنجو هر انسان“ پنهنجو آهي هي ايمان! پنهنجو آهي هي اسلام! جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!! ”ڪينو فتنو ٿئي برباد!“ ”قرب محبت زندهه آباد“ پنهنجو آهي هي پيغام! جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!! جيئي سنڌ ۽ جيئي سنڌ!! جامِ محبت پيئي سنڌ! خاص ۽ عام، پئن هي جام! جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!! جيئي هند ۽ جيئي سنڌ!! جيئي جيءَ مٺو هر هنڌ! پيار بهار ٿئي عام ۽ جام! جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!! سنڌي سهڻو سادو صاف، هن جي تلاش آ حق انصاف! هن وٽ آهه نفاق حرام! جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!!
جيتوڻيڪ هي جلسو فنڪشنل ليگ جو پهريون سياسي جلسو هيو، جنهن جي خوشي ٿي ته هاڻي فنڪشنل ليگ سياسي طور ميدان ۾ لٿي آهي۔ هن جلسي جي اهم ۽ خوشي واري ڳالهه آهي ماڻهن جو ايتري تعداد گڏ ٿيڻ ۔۔۔۔۔فنڪشنل ليگ جي سربراهه پير صاحب پاڳاري مان اها اميد ته شايد ايندڙ اليڪشن کانپوء هو سنڌ ۽ سنڌين جي ڳالهه ڪري ۔۔۔ پر پوء به هي جلسو الائي ڇو مونکي ڪنهن اميد جي ڪرڻ نه لڳو۔ ڇو ته هي جلسو اصل ۾ پ پ پ جي ڪائونٽر ۾ هيو ۽ پ پ پ جي خلاف هيو۔ جلسي ۾ پاڪستان جون ڳالهيون ٿينديون رهيون ۽ سنڌ جي خود مختاري يا حق خود اراديت جي ڪنهن به ڪا ڳالهه ڪانه ڪئي۔ ٿيڻ ته ايئن گهربو هو ته مشرف دور ۾ ايم ڪيو ايم سان ملي ڪراچي جي ضلعن جي حيثيت ختم ڪرڻ، ضلع ڪائونسل ڪراچي جي حيثيت ختم ڪرڻ، سنڌي شاگردن لاء ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ ڪراچي جي ڊوميسائيل جو شرط، ڪراچي جي نجي ادارن ۾ ڪراچي جي ڊوميسائيل وارو شرط، حيدرآباد کي ٽوڙڻ ۾ اسيمبلي اندر ساٿ ڏيڻ تي فنڪشنل ليگ، اين پي پي ۽ غوث بخش مهر کي معافي وٺي نئين سنڌ لاء جدوجهد جو اعلان ڪرڻ گهربو هو ۔۔۔۔۔ پر منهنجي نظر ۾ هي جلسو صرف سياسي قوت ڏيکاري ڪرسي طرف هڪ وک آهي۔ هن جلسي ۾ شامل جتوئي ڀائر، غوث بخش مهر ۽ فنڪشنل ليگ ڪنهن به مڊل ڪلاس جي شخصيت کي اڳتي آڻڻ بجاء پنهنجي روايتي برتري ۽ جاگيرداري قائم رکندا ۔۔۔۔۔ ها اهو ضرور آهي جو هي جلسو پ پ پ خلاف سٺو سياسي جلسو هو۔ سنڌ جي اندر تبديلي جو امڪان اڃان ڪٿي به نظر ڪونه پيو اچي۔ نه ته سنڌ ۾ ڪنهن سياسي، نه ئي ڪنهن سماجي ۽ تعليمي انقلاب جي ڪا تبديلي نظر پئي اچي۔ پوء به اهڙي ڪامياب جلسي تي منتظمين جس لهڻو۔
ڏانهون ڏينهن لڳي ٿو ته خيبر کان ڪيٽي بندر تائين هي ملڪ نقشي ۾ ئي وڃي هڪ رهيو آهي باقي ڪم پورا آهن۔ نظرياتي طور هي مُلڪ ٽوڪرا ٽوڪرا ٿي چُڪو آهي۔ ڳالهه رڳو ايستائين هُجي ته به ٺيڪ پر سنڌ سان اها ڪار ٻيڻي آهي۔ سنڌ هڪ هجڻ واري ڳالهه به هڪ خواب ٿي لڳي۔ الاءِ ڇو ايئن ٿو لڳي ته سنڌ سان وفا جي دعوى رڳو نعرن ۾ آهي۔ انهن نعرن پُٺيان هر ڪنهن جا وقتي ۽ عارضي مفاد لڪا پيا آهن۔ جيڪو ڏس سو جيري خاطر ٻڪري ڪُهڻ واري ڪم تي لٿل آهي۔ اميد جي ڪرن ڪٿان نظر اچي۔ معاملا ايترا مُنجهي ويا آهن جو ڪنهن به سياسي سرگرمي لاءِ ڪا راءِ نه ٿي جُڙي۔ ۽ جي جُڙي ٿي ته انهي تي اڻ مَيا رايا ويتر مُنجهايو وجهن۔