• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جهرڪين جي آکيرن ۾ سگريٽ

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
جهرڪين جي آکيرن ۾ سگريٽ
تازو هڪ تحقيق سامهون آئي آهي ته جهرڪيون ۽ ٻيا پکي پنهنجي آکيرن ۾ سگريٽ جا فلٽرز رکن ٿا. سينٽ اينڊريوز يونيورسٽي جي ماهرن ان تي پنهنجي تحقيق ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته سگريٽ جي ٽوٽن ۾ موجود نڪوٽين ڪيڙا شڪن جو ڪم ڪري ٿي ، جنهن سبب آکيرن ۾ جيت جڻا نه ٿا اچن. اهوئي سبب آهي جو پکي پنهنجي آکيرن ۾ سگريٽ جا ٽوٽا رکن ٿا. ان کانسواء سگريٽ جا فلٽرز سرديء جي موسم ۾ سيء کان به بچائن ٿا.
چيو وڃي ٿو ته جن آکيرن تي تحقيق ڪئي وئي انهن ۾ سراسري 10 جڏهن ته وڌ کان وڌ 42 سگريٽن جا فلٽر به مليا آهن. سائنسدان تحقيق ڪري رهيا آهن ته پکين کي اهو سڀ ڪيئن معلوم ٿيو.
 
جهرڪين جي آکيرن ۾ سگريٽ
تازو هڪ تحقيق سامهون آئي آهي ته جهرڪيون ۽ ٻيا پکي پنهنجي آکيرن ۾ سگريٽ جا فلٽرز رکن ٿا. سينٽ اينڊريوز يونيورسٽي جي ماهرن ان تي پنهنجي تحقيق ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته سگريٽ جي ٽوٽن ۾ موجود نڪوٽين ڪيڙا شڪن جو ڪم ڪري ٿي ، جنهن سبب آکيرن ۾ جيت جڻا نه ٿا اچن. اهوئي سبب آهي جو پکي پنهنجي آکيرن ۾ سگريٽ جا ٽوٽا رکن ٿا. ان کانسواء سگريٽ جا فلٽرز سرديء جي موسم ۾ به سيء کان بچائن ٿا.
چيو وڃي ٿو ته جن آکيرن تي تحقيق ڪئي وئي انهن ۾ سراسري 10 جڏهن ته وڌ کان وڌ 42 سگريٽن جا فلٽر به مليا آهن. سائنسدان تحقيق ڪري رهيا آهن ته پکين کي اهو سڀ ڪيئن معلوم ٿيو.
سائين ماڻهن کي ڏسي پکي به سياڻا ٿي ويا آهن ليڪن ماڻهو اڃا به ماڻهو مارڻ کان ڪونه ٿا مڙن الله هدايت ڏئي۔
 
سائنسدان تحقيق ڪري رهيا آهن ته پکين کي اهو سڀ ڪيئن معلوم ٿيو.

سائنسدان تحقيق ڪندا ۽ اها خبر پئجي ويندي ته پکين کي اها خبر ڪيئن پئي؟ پر جي نه پئي ته هِن حضرت انسان کي خبر نه پئي ته اهو زهر دونهين جي شڪل ۾ ڇو ٿو پيئي؟ ۽ ڇو نه ٿو سمجهي ته هو پنهنجو پاڻ ۽ آس پاس لاءِ موت جو سبب ٺاهي۔
 
Back
Top