Follow along with the video below to see how to install our site as a web app on your home screen.
نوٽ: This feature may not be available in some browsers.
ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟ سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!
جڳ مشهور اداڪار فريد نواز بلوچ جي وفات کانپوءِ دوستن سميت سرڪار به ڪڏهن ورسي ملهائڻ جو اعلان نه ڪيو. فريد نواز بلوچ کي پي ٽي وي تي مرحوم پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ متعارف ڪرايو هو، هن پنهنجي فني سفر حيدر آباد ريڊيو اسٽيشن کان ڪئي، هن 1946ع ۾ حيدر آباد جي ٿڌڙين هوائن جهڙي شهر ۾ جنم ورتو ۽ اتان ئي گريجوئيشن ڪيائين، مرحوم کي 3 پٽ ۽ هڪ نياڻي جو اولاد آهي، هن 22 سالن جي عمر ۾ پسند جو پرڻو ڪيو هو، فريد نواز بلوچ حيدر آباد کان ڪراچي شوبز دنيا ۽ قسمت آزمائڻ لاءِ پهتو ۽ ڪاميابي ماڻي، ريڊيو، ٽي وي ڊرامن کانسواءِ فلمن ۾ به ڪم ڪيائين، هن جا ٻه پٽ ياسر نواز ۽ دانش نواز شوبز سان لاڳاپيل آهن، جيڪي پاڻ ڊائريڪٽر ۽ اداڪاري جو ڪم ڪري رهيا آهن.
فريد نواز بلوچ کي 15 ڊسمبر 2001ع ۾ ڪراچي ۾ دل ۾ سور پيو، اسپتال ۾ ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ لاڏاڻو ڪري ويو، هڪ طرف ماڻهو عيد جون خريداريون ڪري رهيا هئا پر فريد نواز جي گهر جا ڀاتي سندس لاڏاڻي تي اوڇنگارون ڏئي روئي رهيا هئا، مرحوم جو آخري ڊرامو ”سورج گرهن“ هو، جڏهن ته هن صرف هڪ اردو فلم ”گريبان“ ۾ اداڪاري ڪئي هئي، مرحوم جن مشهور ڊرامن ۾ ڪم ڪيو، انهن ۾ ديوارين، جنگل، نبيرو، ڪارو ڪاري، هوائين، زينت، باک ۽ ٻيا شامل آهن،فريد نواز بلوچ جي پٽ ياسر نواز والد جي وفات کانپوءِ پنهنجي پٽ جو نالو فريد رکيو آهي، مرحوم اداڪار فريد نواز حيدر آباد جي جنهن پاڙي ۾ رهندو هو ان گهٽي جو نالو به ”فريد“ آهي، جيڪا سندس ڏاڏي فريد جي نالي سان منسوب ٿيل آهي. مرحوم اداڪار فريد نواز بلوچ ويندي ويندي پاڻ سان پي ٽي وي انتظاميا ڪراچي جو به ڏک کڻي ويو، سال 2001ع ۾ پي ٽي وي پاران ريجنل ايوارڊ نه ملڻ تي هن احتجاجن سنڌي ڊرامن ۾ ڪم نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو پر ان وقت پروڊيوسر منظور قريشي کيس پرچائي پي ٽي وي تي وٺي آيو هو.