• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

قمر الدين عباسي جي شاعري

ننگر پرويز عباسي

سينيئر رڪن
غزل

الا ڇو ايڏا عـــــــذاب ڏي ٿــــــي
گناهه گهڻا ۽ ثـــواب ڏي ٿــــــي

سجائي مکڙو هميشه پنـهنـجو
اڳيان ورائي نقـــاب ڏي ٿـــــي

دنيا ته آهــي عـــذاب گهر پـــــر
درد سان گــــڏ دوا به ڏي ٿـــــي

سوين ڪيان ٿو سـوال ليڪن
ڪڏهڪو ڀلجي جواب ڏي ٿي

هزار مانجھي منجي مري ويـا
الائي ڪهڙا حساب ڏي ٿـــــــي

قمر اڃا ڪجھ ڪيــو ئي نــــاهـي
هــــزار دنيــــا خــطــاب ڏي ٿــــــــــي

شاعر : قمر الدين عباسي
 
هزار مانجھي منجهي مري ويـا
الائي ڪهڙا حساب ڏي ٿــــــــــي

بس سائين عشق جا سوال به عجيب، عقل وارا ته اصل ڪون پڄن، عشق وارا ئي ڀڃي سگهن ۔۔۔

قمر عباسي صاحب جي سهڻي شاعري ۔۔۔

لڳي ٿو اوهان عباسي شاعرن جا دلداده آهيو، يا وري اوهانجي پنهنجي ڪٽنب ۾ ادب جو درياهه ٿو وهي ۔۔۔۔ تمام سٺو
 
قمر اڃا ڪجھ ڪيــو ئي نــــاهـي
هــــزار دنيــــا خــطــاب ڏي ٿــــــــــي

واهه واهه ۔۔۔ تمام خوبصورت شاعري
 
قمر اڃا ڪجھ ڪيــو ئي نــــاهـي
هــــزار دنيــــا خــطــاب ڏي ٿــــــــــي

واهه واهه ۔۔۔ تمام خوبصورت شاعري
ادا قمر الدين عباسي منهنجو والد صاحب آهي۔ بابا سائين جي شاعري تمام سٺي آهي۔ پر الا ئي ڇو پاڻ شاعري ڇپائڻ نٿا چاهين۔ هاڻي به مون بابا سائين کي چيو ته توهان ڪو پنهنجو غزل ٻڌايو ته سنڌ سلامت تي سنڌي ڀائرن سان ونڊ ڪيان۔ پو وڃي راضي ٿيا۔
 
Back
Top