نثارابڙو
نائب منتظم
+++++++++++++++++++++
اها هڪ حقيقت آهي ته سگريٽ جي هڪ پاسي کان باهه آهي ته ٻي پاسي کان موت ... جڏهن به سگريٽ دکائيندا آهيون ته پنهنجي صحت، پنهنجي زندگي خطري ۾ وجهڻ سان گڏ پنهنجو پئسو باهه ۾ ساڙيندا آهيون.
ماڻهون سگريٽ ڇو ڇڪيندا آهن؟
ان سوال جو جواب هڪ سٽ ۾ اهو ٿيندو،” ڏيکاءَ ڪيو ۽ ذائقو حاصل ڪيو“ اها هڪ حقيقت آهي ته ماڻهون سگريٽ ان ڪري ڇڪڻ شروع ڪندا آهن ته جيئن سندن ڏيکاوَ ۽ نموني ۾ فرق پوي ۽ جنسي طور ڪشش پئدا ٿئي. پر ان ڏيکاءَ ۾ اهڙو ڦاسجي ٿو جو ڄڻ ماڻهون گچڻ ۾ گچي پوي ٿو ۽ پوءِ ماڻهون نفسياتي ۽ جسماني طور تي سگريٽ تي ڀاڙي ويهي ٿو ڇاڪاڻ ته سگريٽ ۾ موجود نڪوٽين عادت پڪي ڪرڻ جو اهم عنصر آهي.
سگريٽ بابت هڪ ٻي چوڻي ته تماڪ ڇڪڻ سان مردانگي وڌي ٿي. ڇاڪاڻ سگريٽ ٺاهيندڙ ڪمپنيون اهو چونديون رهن ٿيون ته ”جت مردانگي اتي تماڪ“ جڏهن ته حقيقت ۾ تماڪ ڇڪڻ مردانگي گهٽائي يا ختم ڪري ٿو.
هيٺ ڪجهه سگريٽ بابت حقيقتون ڏجن ٿيون
1. سگريٽ يا تماڪ ڇڪڻ واري جي عمر ۾ کوٽ پئدا ٿئي ٿي. جيڪا لڳ ڀڳ 14 سال ٿئي ٿي.
2. سگريٽ پيئڻ جي 10 سيڪنڊن ۾ نڪوٽين جسم جي هر حصي ۾ پهچي وڃي ٿي. خاص ڪري دماغ تائين تمام جلد پهچي ٿي.
3. اهو هڪ خيال آهي ته تماڪ ڇڪڻ سان حاضمو صحي ٿئي ٿو. پر حقيقت ۾ تماڪ ڇڪڻ سان حاضمو وڌيڪ سست ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته نڪوٽين خون جي دوري کي مادي کان ڦيرائي ٻين عضون ڏانهن وڌائي ٿي. جڏهن ته ان وقت مادي کي رت جي تيز گردش جي ضرورت هجي ٿي.
4. قانوني طور تي تماڪ يا سگريٽ 18 سالن کان گهٽ عمر جي ماڻهن ۾ وڪرو ڪرڻ ڏوهه هوندو آهي ۽ جاپان ۾ ان جي حد 20 سال آهي.
5. تماڪ ۾ ٻيون به ڪجهه شيون ملائجن ٿيون ته جيئن ان ۾ ذائقو يا خوشبو پئدا ڪيو وڃي جيئن، لونگ، نارنگين جو تيل، چاڪليٽ ۽ ٻيون ڪئي شيون ... وغيره
6. يوريا ... جيڪا پيشاب مان ڪڍي سگريٽ جي ذائقي ۽ خوشبوءَ لاءِ استعمال ٿئي ٿي.
7. آمريڪا جي ڪمپنين ۾ ٺهندڙ سگريٽن جي کپت آمريڪا کان ٻين ملڪن ۽ قومن ۾ گهڻي آهي،
8. دنيا جي مارڪيٽ ۾ 70 فيصد آمريڪا جا سگريٽ جهڙوڪ؛ مارلبورو، ڪئمل، ڪينٽ يا ڪول کپجن ٿا.
9. دنيا جي ملڪن ۾ 25 فيصد سگريٽ غير قانون اسمگلنگ ڪيا وڃن ٿا.
10. سگريٽ جي صنعت سالانه 400 بلين ڊالرن جو واپار ڪري ٿي، جيڪو دنيا ۾ ٻين سڀني شين کان وڌيڪ آهي.
صحت بابت هڪ انٽرنيٽ سائيٽ http://researchonmedical.com/ تان کنيل مواد