وائي

شيرين

سينيئر رڪن
(وائي)
هڪڙو هٿ ڪري،
ٻئي کي وڃائڻ مان،
ڪهڙو مليئه فائدو!
آرڊيننس جي آڙ ۾،
سنڌ ورهائڻ مان،
ڪهڙو مليئه فائدو!
وڏڙن جي تاريخ کي،
هيئن ورجائڻ مان،
ڪهڙو مليئه فائدو.
سنڌڙيءَ جو سودو ڪري،
ڌوڙ ئي پائڻ مان،
ڪهڙو مليئه فائدو.
(ساجد چانڊيو)
 
Back
Top