شيرين
سينيئر رڪن
(غزل)
سونهن ۽ سنسار ۾ ڦاٿل رهيس،
مان پکي هس جار ۾ ڦاٿل رهيس.
دل جي ٻڌجي پيار ۾ يا ذهن جي،
بس انهيءَ تڪرار ۾ ڦاٿل رهيس.
ديس جنهن ۾ ڀي ويس تنهنجو قسم،
سنڌ تنهنجي سار ۾ ڦاٿل رهيس.
هن کي اکر مان مسيحا ڪيئن چوان،
جو چئي بيمار ۾ ڦاٿل رهيس.
عشق ۾ ناڪام ٿي بيڪار ٿيس،
عمران ئي هار ۾ ڦاٿل رهيس.
زندگي جا راز کوليندي سدا،
سوچ ۽ ويچار ۾ ڦاٿل رهيس.
(محبوب ڦل)