شاعري

'سنڌي شاعري' فورم ۾ ماريه ڪنول طرفان آندل موضوعَ ‏16 ڊسمبر 2012۔

  1. ماريه ڪنول

    ماريه ڪنول
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 نومبر 2012
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    108
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    govt empoly
    هڪ خيال۔۔۔​
    ڪجهه تون دنياداري ۾ مصروف ٿي وئين!!!​
    مان به ڪجهه گهر جي ڪمن ۾،​
    اهو نه سوچجان ته مان اگر،​
    تهنجي چنتا نه ٿي ڪيان!!!​
    ڳولا نه ٿي ڪيان!!!​
    ڇو ته تون من مندر مورت آهين!!!​
    مان اڄ به روح جي گهراين سان،​
    سجدي ۾ ياد ڪندي !!!​
    هڪ هلڪي مرڪ !!!​
    رب اڳيان پيش ڪندي آهيان!!!​
    ڇو ته!!!​
    تو چيو هيو،​
    او مٺي!!!​
    مهنجي مٺي!!!​
    تهنجن سنهڙن چپن مان نڪرندڙ ٽهڪ۔۔۔۔​
    ٻنهي ڪنارن ۾ ٺهندڙ​
    ڊمپل گهرا ڊمپل !!!!​
    مهنجي زندگي آهن​
    ايئن ئي مرڪندي رهجان​
    هاڻ ٽهڪ نه​
    پر مرڪ سجدن ۾​
    رب اڳيان ڏيندي۔۔۔۔۔​
    تهنجي ساڀيائن کي​
    زندگي ڏيندي آهيان​
    ماريه ڪنول​
    — with Arif Jhatial and 43 others.​
    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. منصور ميراڻي

    منصور ميراڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    153
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ڄامشورو
    واھ ۔۔۔ بهترين شاعري ۽ سٺي ونڊ
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    تنهنجن سنهڙن چپڙن تي کلندڙ مرڪ۔۔۔۔​
    ۽ ٻنهي ڪنارن تي ٺهندڙ​
    چگهه گهرا چگهه!!!!​
    منهنجي زندگي آهن​

    اوهانجي استعمال ڪيل لفظ ٽهڪ جي جا تي مون مرڪ استعمال ڪئي آهي ۔۔۔ ڇاڪاڻ ته چپڙن تي مرڪ ٽڙندي آهي ۽ ٽهڪ نڙي مان نڪرندا آهن ۔۔۔ ۽ ڊمپل جي جا تي مون لفظ چگهه استعمال ڪيو آهي ۔۔۔ ”چُگهَه“ جيڪي مشڪڻ وقت ڳٽن ۾ پوندا آهن ۔۔۔ ڊمپل لفظ سنڌي شاعري ۾ استعمال ٿي سگهي ٿو پر سنڌي لفظ ”چگهه“ وڌيڪ سهڻو لڳي ٿو۔

    وڌيڪ اوهان شاعر آهيو ۽ شاعرانه صلاحيتن سان مالا مال آهيو ۔۔۔۔ انڪري مونکان وڌيڪ اوهان بهتر سمجهي سگهو ٿيون ۔۔۔۔ اوهان تمام سهڻي ڀيٽا پيشا ڪئي آهي پنهنجي محبوب کي جنهن جي ڳالهه کي اوهان هر سجدي ۾ ورجائي، ثواب حاصل ڪريو ٿا ۔۔۔۔
    تمام سهڻو ۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    خوبصورت خيال ۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    ڪجهه تون دنياداري ۾ مصروف ٿي وئين!!!​
    مان به ڪجهه گهر جي ڪمن ۾،​
    اهو نه سوچجان ته مان اگر،​
    تهنجي چنتا نه ٿي ڪيان!!!​
    ڳولا نه ٿي ڪيان!!!​

    ها ڙي افسوس! جڪر مون پاران به پنهنجي پرين بابت اهڙي چنتا ڪيان ها ته اڄ هئين پڇتا ۾ نه گهاريان ها۔۔۔ پر منهنجو اهو پچتا مان ئي ڄاڻان ٿو ته ڪنهن مجبوري سبب پرين جي چنتا نه ڪري سگهيس، اها مجبوري صدين جو وڇوڙو بڻجي منهنجي حصي ۾ بيوفائي وارو داغ کڻي آئي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ماريه ڪنول

    ماريه ڪنول
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 نومبر 2012
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    108
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    govt empoly
    ادا نثار معزرت سان پر هڪ ڀيرو جنهن سوچ سان مون لکيو آهي اهو ٻيهر پڙهندا ان جو مقصد آهي ته جدائي کان پو مون ٽهڪ ڏيڻ ڇڏي ڏنو آهي  ان لا جو نماز ٽٽي پوندي آهي هاني صرف مرڪندي آهيان ڇو ته ٽهڪ  مرڪ اچڻ سان ڊمپل اچي ويندا آهن فيس ۾، باقي ادا ٽهڪ يا چگهه لفظ جا زير زبر نه ڏنا اٿم اها غلطي وڏي اهي پر مون کي نه ٿا اچن ڏيڻ اهو مهنجو وڏو نقص آهي ته اڃان مان ايتري سٺي ٽاپنگ نه ٿي ڄاڻيان اصلاح جا قرب
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    منهنجي ڀيڻ ماريه ڪنول صاحبه۔۔۔جئين ته سائين نثار صاحب توهان جي جن لفظن کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي اهي هي آهن۔

    تهنجن سنهڙن چپن مان نڪرندڙ ٽهڪ۔۔۔۔​
    ٻنهي ڪنارن ۾ ٺهندڙ​
    ڊمپل گهرا ڊمپل !!!!​
    مهنجي زندگي آهن​
    هنن لفظن ۾ جيڪا تبديلي سائين نثار صاحب جن ڪئي آهي اها ٺيڪ آهي ڇو ته توهان شاعري ۾ محبوب جي ڳالهين جي جيڪا نشاندهي ڪئي آهي ان مان ثابت ٿئي ٿو ته اهو ٽهڪ نه پر مرڪ ئي هوندي۔ ۽ هلڪڙي مُشڪ ڏيڻ سان ڳٽن تي ننڍڙا چُگهه پيدا ٿي پوندا آهن۔ جنهنجو خاص سنڌي لفظ به ضرور هوندو پر منهنجي علم ۾ ڪونهي، پر جئين ته ڊمپل (ڳٽي يا ڄاڙي تي ننڍڙو هلڪو چُگهه) کي چوندا آهن، جيڪو انگريزي جو لفظ آهي، جيڪڏهن شاعري کي حقيقي روپ ڏيڻو آهي ته نج سنڌي لفظ استعمال ڪرڻ سان ان شاعري ۾ روح اچي ويندو۔۔۔۽ ڀيڻ اوهان جي اصلاح لا سنڌي ڪيبورڊ جو عڪس موڪلي رهيو آهيان اميد ته ان جو مشاهدو ڪري لکندا ته اميد ته سهڻي نموني سنڌي لکي سگهندا۔۔​
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ماريه ڪنول

    ماريه ڪنول
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 نومبر 2012
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    108
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    govt empoly
    ادا نثار  ادا منظور اوهان صحيه هوندا ڇو ته مهنجي سنڌي اوهان جهڙي پختي ناهي اصلاح جي مهرباني
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    ادي سنڌي ته اباڻي ٻولي آهي، جڏهن پاڻ ٻاتڙي ٻولي ٻوليندا هئا سين تڏهن کان وٺي اڃ تائين اهي ساڳيا ئي پنهنجي ٻولي جا لفظ آهن توهان ڪوشش ڪري جيترو سنڌي ۾ پڙهندا اوترو توهان سنڌي جا لفظ سهڻي نموني لکي سگهندا۔۔ڪوشش ڪيو ته اردو يا انگريزي لفظن کي پنهنجي ٻولي ۾ لکڻ ۾ استعمال نه ڪيو۔ ها اهي لفظ ڳالهائڻ ۾ ته هلي وڃن ٿا پر نج سنڌي ۾ ڌاري ٻولي جا لفظ ان جي چاشني ختم ڪريو ڇڏين۔۔باقي اوهان جي ڪوشش کي ساراهيون ٿا ته اوهان پنهنجي ٻولي ۾ اهڙا سهڻا لفظ سرجيو ٿا۔۔شل جڙيا هجو۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. ننگر پرويز عباسي

    ننگر پرويز عباسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 مئي 2012
    تحريرون:
    40
    ورتل پسنديدگيون:
    99
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ٺٽو
    ۔تمام سهڻي شاعري۔ ادا نثار توهان جيڪي غلطيون درست ڪيون آهن سي بلڪل صحيح آهن۔ پر چوندا آهن ته انسان غلطيٰءَ مان ئي ڪجهه سکندو آهي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. ننگر پرويز عباسي

    ننگر پرويز عباسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 مئي 2012
    تحريرون:
    40
    ورتل پسنديدگيون:
    99
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ٺٽو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو