توهان ڇو ڪنهن سان ناراض ٿيندا آهيو!

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ صنم طرفان آندل موضوعَ ‏17 ڊسمبر 2012۔

  1. صنم

    صنم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 مارچ 2011
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    124
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    توهان ڇو ڪنهن سان ناراض ٿيندا آهيو!
    هي زندگي مختصر آهي،انسان جو وجود مختصر آهي،وقت پاڻي جي لهر وانگر گذاريندو ٿو وڃي،اک ڇنڀ ۾ صبح کان شام ٿئي ٿي وڃي، چئين ڏينهن جي زندگي آهي ،ان کي خوش خوش گذاريو۔ ڪو سٺو ۽ نيڪ عمل ڪري ٻين ماڻهون جي ڪم اچو،جنهن کي اوهان جي مدد جي ضرورت آهي ، هن جي مدد ڪرڻ ۾ هڪ منٽ جي به دير نه ڪيو۔هر ڪنهن کي سٺا عمل ڪرڻا آهن ، خبر نه آهي ته ڪڏهن ابدي منزل ڏانهن روانگي جو سڏ اچي وڃي۔
    ڇڏيو ڪاوڙون، ختم ڪريو عدواتون۔کولي ڇڏيو دل جا دروازا، ڪنهن سان ناراض ٿئي ڪري ته تسلي ته پنهنجي دل کي به نه ملندي آهي ، پوء ڪاوڙجڻ ۾ ڪهڙو مزو! ٿئي سگهي ٿو ڪير اڃا تائين به اوهان جو منتظر هجئي۔ جيڪڏهن توهان هن دنيا ۾ پنهنجو نالو هميشه لاء ڇڏي وڃڻ ٿا چاهيو ته هميشه انهن چپن تي مسڪهرائٽ پکيڙڻ جي ڪوشش ڪيو، جن جون مسڪهرائٽون وقت جي حالتن ۾ پسجندي الائي ڪاڏي گم ٿئي ويون آهن، ڪنهن ٻئي جي ڪم اچڻ سان ئي زندگي گذارڻ جو صحيحي طريقو اچي ويندو آهي۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. جاويد حسين

    جاويد حسين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    546
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    Manager I.T & Finance - Bawany Group Of Companies
    ماڳ:
    حيدرآباد
    نه ڏسو ڪنهن کي به نفرت جي نگاه سان۔
    هر چهرو ڪنهن نه ڪنهن جو محبوب هوندو آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    بهترين پيارا ٻول... ادي جاري رکو...
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺي ڳالهه

    مونکي لطيف سائين جون ستون پيون ياد اچن :

    رتي رُس مَ تن سين جن ريء سري نه ساهه
    هو جهيڙين تون جهڪو ٿي پاند ڳچيء ڳل پاء
    وڃي پاڻ پرچاء متان رٺو ئي رهجي وڃين
     
  5. جاويد حسين

    جاويد حسين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    546
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    Manager I.T & Finance - Bawany Group Of Companies
    ماڳ:
    حيدرآباد

    واه بهترين سٽون لاجواب چوند موقعي جي مناسبت سان۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو