پوپٽي ھيراننداڻي : سنڌي ٻوليءَ جي ويڙھاڪ ليکڪا

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏17 ڊسمبر 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    پوپٽي ھيراننداڻي : سنڌي ٻوليءَجي ويڙھاڪ ليکڪا
    ابو رافع
    حيدرآباد، سنڌ جو علمي ۽ ادبي شهر، اسان جي جديد علم ۽ تهذيب جي هڪ نئين سڃاڻپ رکندڙ شهر، جنهن سنڌ جي علم ۽ ادب ۾ نهايت معتبر حيثيت رکندڙ عالم ۽ اديب پيدا ڪيا. جنهن شهر جي شام جون هوائون پنهنجي خاص سڃاڻپ رکنديون هيون، جيڪي اڳتي هلي ويهين صديءَ جي آخري ڏهاڪي ۾ رت هاڻيون ٿي ويون ۽ حيدرآباد شهر لساني گروپن ۾ ورهائجي ويو. ڌرتيءَ ڌڻي ڌرتيءَ ڌڪاڻا بڻجي ويا ۽ هن سنڌ جي سدا بهار شهر ۾ پناهه وٺندڙ ان جي وارثيءَ جي دعوا ڪرڻ لڳا. ڪيئي طوفان آيا، ڪيئي قتل ٿيا. اڻ ڳڻيون گوليون هليون پر هن شهر جي علمي ادبي اهميت اڄ به اها ساڳي آهي، جيڪا ٻن اڍائي سون سالن کان هئي.



    ادب جي ميدان ۾ ورهاڱي کان اڳ هن شهر جي ٽن نهايت اهم خواتين کي جنم ڏنو. مون کي فخر حاصل رهندو ته انهن ٽنهي سان منهنجو مکا ميلو ٿيو. اهي آهن؛ پوپٽي هيراننداڻي، سندري اتم چنداڻي ۽ ريٽا شهاڻي. اڄ مون کي ان خاتون ليکڪا تي لکڻو آهي، جنهن هڪ پڙهيل ڳڙهيل گهر ۾ جنم ورتو ۽ اڳتي هلي سنڌي ادب کي ايترو ڏنو جو اهو سندس ان دان عيوض کيس ڪڏهن به وساري نه سگهندو. هن خاتون جو نالو آهي، پوپٽي هيراننداڻي.
    سندس جنم ۱۷-۰۹-۱۹۲۴تي رامچند هيراننداڻيءَ جي گهر ۾ ٿيو ۽ عجيب اتفاق ته اهو ئي ڏهاڙو هن جي وفات جو به آهي، جيڪو ۱۷-۱۲-۲۰۰۵آهي. ائين پوپٽي هيراننداڻيءَ جي سالگرهه جو به ڏينهن اهو آهي ته ورسيءَ جو ڏينهن به اهو آهي.

    پوپٽيءَ ورهاڱي جي هاڃي وقت حيدرآباد سان گڏ سنڌ به ڇڏي ۽ سنڌ هن ڪهڙين حالتن ۾ ڇڏي اهو داستان سندس لکيل آتم ڪٿا واري ڪتاب ”منهنجي زندگيءَ جا سونا روپا ورق“ ۾ پڙهي سگهجي ٿو، هي ڪتاب نه رڳو پوپٽي هيرا ننداڻيءَ جو ورهاڱي جو داستان آهي، پر هي ڪتاب انهن سڀني سنڌي هندن جو داستان آهن، جن کان زوريءَ سنڌ ڇڏرائي وئي هئي، مان ڳالهه ورجايان ٿو ته سنڌي هندن کان زوريءَ سنڌ ڇڏرائي وئي هئي، هنن پاڻ سنڌ ڇڏي نه هئي، اهڙو دستاويز هيءُ ڪتاب آهي، ٻيءَ طرح پوپٽي هيراننداڻي سنڌي ٻوليءَ جي اها بيباڪ ليکڪا آهي، جنهن ادب جي لڳ ڀڳ سڀني صفن ۾ لکيو آهي، ڪهاڻيون، ناول، مضمون، خاڪا، سفر ڪٿا، شعر، آتم ڪٿا، ادبي تاريخ ۽ سنڌي ٻولي، انهن صفن ۾ شامل آهن، ائين هن پنهنجي ايڪاسي سالن جي ڄمار ۾ لڳ ڀڳ ايترائي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ کي ڏنا آهن، جن ۾ منهنجي ڄاڻ موجب سندس آخري ڪتاب ”سچ ٿا مرد چون“ آهي، جنهن ۾ هن زندگيءَ جا ڪي ڪڙا واقعا بيان ڪيا آهن، جيڪي اڄ تواريخ جو حصو بڻجي ويا آهن. هيءَ ڪتاب پوپٽيءَ جي زندگيءَ جي واقعن سان ڀرپور آهي، ”سنڌي ڪالهه ۽ اڄ، ماڻڪ موتي لعل، شاهه جون سورميون“ سندس اهم ترين ڪتابن ۾ ڳڻيا ويندا آهن، ماڻڪ موتي لعل ڪتاب ۾ پوپٽيءَ جا شخصيتن بابت لکيل خاڪا آهن، جيڪي هن نهايت ئي سچ ۽ روشنيءَ جي پاڇي ۾ ويهي لکيا آهن. جن ۾ ڪي بزرگ آهن، ڪي درويش آهن، ڪي عالم اديب ۽ شاعر آهن، ڪي تعليمي ماهر آهن ۽ ڪجھه سماج جون اهم شخصيتون آهن، جن تي پوپٽيءَ ائين ئي لکيو آهي، جيئن هن انهن کي ڏنو آهي، هيءُ سڀ پهلو پوپٽيءَ جا واڌ وجهلو آهن، پر بنيادي طور هوءَ هڪ ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس طور ئي ادب ۾ سڃاتي ويندي آهي ۽ اها ئي سڃاڻپ هن لاءِ فخر واري آهي، هن جا ڪيترائي ڪتاب هندستان گڏ سنڌ ۾ شايع ٿيا آهن، هوءَ هڪ بيباڪ ليکڪا طور مشهور آهي، هن جي سڃاڻپ جتي بيباڪ ڪهاڻيون ۽ ناول آهن، اتي هن جي شخصيت جي هڪ سڃاڻپ هن جا بيباڪ ٽهڪ پڻ آهن، جيڪي سندس آخري عمر ۾ جهيڻا ئي سهي پر ٻڌڻ جو هڪ ڀيرو مون کي موقعو مليو، چيو ويندو آهي ته سندس انهن بيباڪ ڪهاڻين، ناولن ۽ ٽهڪن پويان هن جو باغي مزاج موجود آهي، جنهن جو هڪڙو مثال اهو به آهي ته هڪ نوجوان جيڪو کيس پسند ڪندو هو، ان جي مائٽن هن جي گهراڻي کان وڏي ڏاج جي گهر ڪئي، جنهن تي هن احتجاج ڪندي چيو ته هو مون کي به وٺڻ ٿا چاهين ۽ ڏاج کي به. ان ڪري هن اهو رشتو ٺڪرائي ڇڏيو ۽ زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين شادي نه ڪيائين، سنڌ ڇڏي هند ۾ رهندي، پڙهائڻ جي پيشي کي اختيار ڪيائين، پروفيسر بڻي، سنڌين کي نه رڳو ڪاليجي علم ڏنائين پر پنهنجي لکڻين وسيلي هڪ اعليٰ شعور به ڏنائين ته سنڌيت جو شعور به ڏنائين، نئين ٽهيءَ کي پنهنجي تهذيب، ثقافت ۽ ٻوليءَ سان پيار ڪرڻ جا درس ڏنائين، سنڌيت سان جڙيل پهرئين ٽمور تي گوبند مالهي، اي جي اتم ۽ ڪيرت ٻاٻاڻيءَ سان گڏجي سڄي هندستان ۾ رٽن ڪيائين ۽ سنڌين ۾ سنڌيت جي جوت جاڳايائين، عورتن ليکڪائن جي پهرئين ٽمورتي، پوپٽي هيراننداڻي، سندري اتم چنداڻي ۽ ڪالا پرڪاش ئي لکي ۽ ليکي ويندي آهي، باقي ليکڪائون پوءِ ٿيون اچن، ڪيتريون محبتون ماڻيائين، ڪيتريون ئي مخالفتون ڀوڳيائين، تنقيدن جا تير سٺائين، هند ۽ سنڌ ۾ هڪ ليکڪا طور گهڻي گهڻي مڃتا ماڻيائين، سترهين ڊسمبر ٻه هزار پنج تي ممبئيءَ جهڙي مهانگريءَ ۾ سنڌ کي هڪ ڀيرو ڏسڻ جي خواهش دل ۾ سانڍي دم ڏنائين ۽ بس!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو