ڪجهه ڏينه اڳ نثارابڙو صاحب سگريٽ جي موالين تي لکيو۔ هاڻي پڙهو ٽالپر صاحب جو ڪاوش ۾ لکيل جنرل قسم جي وڏن وڏن موالين تي ليک۔ وڌيڪ ته نثار صاحب ئي ٻڌائيندا ته سعودي ۾ اها ڍنڍ آهي يا موالي هرو ڀرو پيا وڙهي مرن۔ ڊاڪٽر عزيز ٽالپر ڳوٺ جي ٻاهران موالين جو هڪ ٺڪاڻو آهي، جتي ذات موالي اچي لهندو آهي. نه رڳو ڳوٺ جا پر اوڙي پاڙي جي ڳوٺن جا موالي به خير سگاليءَ طور اعزازي شرڪت ڪندا آهن. اُتي آفيم، چرس، ٺرو، ڀنگ ..... هر قسم جو نشو پيو هلندو آهي. نعرن جي گونج، ڀوڳ چرچا، ٺشا پشا- اصل دنيا ئي ٻي هوندي آهي. آئون به ڪڏهن ڪڏهن پريشان ٿيندو آهيان، جڏهن بجليءَ جو بل ايندو آهي هڪ لک، ايڪٽيهه هزار، ڇهه سئو ستاسي رپيا..... يا قرض گهرندڙ زبان تي لونگي مرچ رکي ڳالهائيندا آهن، ..... يا مائي ڪاڪڙو هڻندي آهي، ته سِڪون خاطر اُن ٺڪاڻي تي لڙي پوندو آهيان، ڪو چُڪو، ڪو سُوٽو هڻي، بي پرواهه بادشاهه ٿي گهر موٽندو آهيان. ڪالهه جو ٺِڪاڻي تي وڃان ته موالين ۾ ڦڙ ڦوٽ لڳي پئي هئي، نشا پتا ڌوڙ ٿيا پيا هئا، ڏنڊا ڪونڊا اونڌا پيا هئا، سُلفيون سڙيون پيون هيون، اسٽامپ وينڊر اچي اتي ميز ڪُرسي رکي هئي. رٽائر ماستر درخواستون لکڻ لاءِ قطارون ڪريو ويٺا هئا. دينوءَ درخواست پئي لکائي، ڦتوءَ فارم پئي ڀرايو. پڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته ماستر خميسو پاسي جي کيسي ۾ ڪا اخبار ويڙهي ٺڪاڻي تي کڻي آيو هو. ان ۾ اها خبر موالين کي پڙهي ٻڌيائين ته سعودي عرب جي جبلن وچ ۾ ڪنهن مواليءَ شراب جي هڪ خُفيه ڍنڍ ٺاهي آهي، جنهن ۾ 500 قسمن جا ولائتي شراب وڌا اٿس، مٿان وري جو اُن ڍنڍ جو فوٽو موالين کي ڏيکاريائين ته موالين جو وات ڪِٽلي، اصل نچڻ لڳا. يڪ راءِ فيصلو ڪيائون ته ان ڍنڍ تي وڃي چوڪيداري ڪنداسين ۽ سڄي عمر پيا عيش ڪنداسين. سو سڀ لڳي ويا ڪاغذ پٽ ٺهرائڻ ۾. نورو ويو نادرا آفيس، شمون ويو شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ، بصر برٿ سرٽيفڪيٽ وٺڻ، بدرو ”ب“ فارم ڪڍرائڻ، پرو ويو پاسپورٽ آفيس، واسئو ويو ويزا لڳرائڻ ..... همراهن ۾ ٿرٿلو پئجي ويو. ڪو مال پيو وڪڻي، ڪو زيور، ڪو گهر جا ديڳڙا، ڪو گهر جي ڇت ڊاهي چونڪا ۽ ٽيئر گارڊر پيو وڪڻي. سڀ چون رڳو سعودي پهچون، ڍنڍ تي نوڪري نه ملي ته به ٻڙهن وانگر چئن ڪاٺين کي اُڀو ڪري رلي ٽنگي ڍنڍ جي ڪناري تي رهي پونداسين، چُرون ڀري پيا شراب پيئنداسين. طالب چيو: ”آئون ته ٻوڏ وارو مليل تنبو وڃي هڻندس، ۽ ترهو ٺاهي ڍنڍ ۾ لهي ٻئي ٻُڪ ڀري پيو ڏوڪيندس“. ٻالي چيو، ”آئون ته ابا واري مليل ٻني ٿو وڪڻان، اتي پڪي جاءِ ٺهرائي، هيٺ مٿي ٺانڪيون جوڙائي ڍنڍ جي ڪناري ڊگڊي هڻائي پيو شراب ڇڪيندس.“ ان تي ٻين موالين چيو، ”اسين مري ويا آهيون، جو تون ڊگڊگي هڻي شراب ڇڪيندين‘ پائيپ ۽ بيلٽ وڍي، مشين جون شافٽون ٽوڙي ڇڏينداسين.“ ٻالي چيو: ”ميشن اوهانجي پيءَ جي آهي، جو ٽوڙيندا؟“ ..... پوءِ ڇا ٿيو؟ ..... گٿن لفظن جي مٽا سٽا شروع ٿي ويئي، اصل کرڙيءَ جي جنگ لڳي ويئي. چوندا آهن ته، ”کڳو پيو آهي کوهه ۾، ويڳر پيا ڪُٽجن“. سو اڃا سعودي عرب واري ڍنڍ تي پهتا ئي ڪونهن ته هتي ئي اُڀا آهن، اُتي ته وڏا گند ڪندا. نيٺ اسٽامپ وينڊر ۽ رٽائر ماسترن وچ ۾ پئي جهيڙو ٽاريو. ڏينهن ٻن ۾ ڪاغذ پٽ ٺهرائي، همراهه وڃي سعودي ايمبسيءَ پهتا. سعودي ايمبسيءَ جي انتظاميا سندن شڪليون ۽ لڇڻ ڏسي، لٺيون هڻي کين ڊوڙائي ڪڍيو. اُتي ته اخبار پڙهي سڄي سنڌ جا مواليءَ به اچي پهتا هئا. پر ايمبسيءَ موالين جو قدر نه ڪيو. ان کانپوءِ موالين ۾ تاءُ اچي ويو. انهن سڀني موالي تنظيمن جي اي پي سي گهرائي، نئين پارٽي آل سنڌ موالي اتحاد ٺاهي ورتي ۽ ڍنڍ جدوجهد ڪاميٽي ٺاهي تحريڪ شروع ڪري ڏني. سڄو ملڪ موالين تپائي ڏنو. جلسا، جلوس، ريليون، سيمينار، مزاحمتي مشاعرا، جاڳرتا مهمون، مچ ڪچهريون، بک هڙتالون ..... موالين تاريخي جدوجهدون ڪري ڌرتي ٽامون ڪري ڇڏي. نيٺ منصفن پاڻ مرادو نوٽيس وٺندي انتظاميا کي ڇنڊ پٽي. تِن موالين سان ڳالهيون ڪيون. ڳالهين جا ڪيئن دور ناڪام ٿيا پر هڪ دور مِٺي مواليءَ جي شرڪت کانپوءِ ڪامياب ٿيو، جنهن مطابق موالين شراب جي ڍنڍ، ٺري جي ڍنڍ، چرس ۽ آفيم جي گدامن تان هٿ کنيو، فقط ڀنگ جي ڍنڍ تي راضي ٿيا. ان لاءِ حڪم جاري ٿيو. بجيٽ منظور ٿي ۽ موالين کي خيرپور جي کجين وچ ۾ ڀنگ جي هڪ خفيه ڍنڍ ٺهي ملي ۽ موالين اتي وڃي جهوپڙيون ٺاهي ڳوٺ ٻڌو. بقول ڪنهن شاعر جي، (شاهه لطيف کان معذرت سان) موالي ميڙي ڳوٺ ٻڌجي هڪڙو، تنين جي ويڙهي، پاڻيهي ايندو پاتشاهه موالين جي شاندار ۽ ڪامياب جدوجهد کانپوءِ مون کين وڃي سُلفين جا هار پاريا ۽ ڪُونڊا اونڌا ڪري مٿي ۾ وڌا، پوءِ موالين وڃي يومِ تاسيس ملهايو.
واهه سائين توهان مونکان اڳ ۾ ئي اهو موضوع پيش ڪري گو کڻي ويا، مون جڏهن صبح ڪاوش ۾ اهو موضوع پڙهيو ته سوچيم ته سنڌ سلامت جي دوستن سان ونڊ ڪندس۔ پر بجلي نه هئڻ سبب ان مهل سنڌ سلامت تي نه اچي سگهيس، هاڻ سوچين ته ڀلا ونڊ ڪيان ، ڇا ڏسان ته اوهان پاران ساڳيو موضوع ڏنل آهي۔۔ بس سائين هاڻ ته موالي به پنهنجي ڳالهه مڃرائي ٿا وڃن پر پاڻ موالين جهڙا به نه رهيا آهيون۔