جمهوري حڪومت ايندي ئي سالن کان نوڪرين تي لڳل پابنديون هٽڻ لڳنديون آهن۔ کاتن ۾ سالن کان خالي پيل پوسٽن تي نيون ڀرتيون شروع ٿيڻ لڳنديون آهن۔ اهي پوسٽون خالي هُيون ته سالن کان ادارا ايئن ئي پئي هليا جيئن هاڻي وزير پير مشير جي پرچي تي نوڪري وٺي ويهندڙ ماڻهن جي اچڻ کان پوءِ هلندا۔ پر پوءِ به مُلڪ جي وسيع تر مفاد ۽ پنهنجي تمام مناسب ۽ ٿورڙي مفاد کي مدِ نظر رکندي جمهوري حڪومت پاران نوڪريون ڏيڻ جي پرم پرا قائم دائم رهي آهي۔ اهو سلسلو هونئن ته شروع ۾ ئي شروع ٿيو وڃي پر جمهوري حڪموت پهريان سال ٻه ته اهي آسرا ڏيندي ڪڍيو وڃي ته بابا صبر ڪريو۔ ۔ ۔ ۔ ۔ بيهو ته سهي۔ ۔ ۔ ۔ڏسون ته سهي۔ ۔ ۔ ۔ڪٿي ڪا جاءِ نڪري سگهي ٿي۔ ڪم ڪيئن ٿيندو۔ ۔ ۔وغره وغيره۔ ۽ پوءِ الاءِ ڪهڙا چمچاگير جِن اچيو ماڻهن وٽ پُهچن ۽ بي روزگارن کي آسرا ڏيڻ شروع۔ ۽ بي روزگار به هُش ۾ خوش۔ هر ڪنهن کي ٻڌائيندا وتندا ته فلاڻي کاتي ۾ اجهو ٿيون نوڪريون اچن ۽ هڪ دفعو نوڪريون اخبار ۾ اچن ته وڏيري پڪ ڏني آهي نوڪري ته پڪي آهي۔ گهڻا غريب ته انهي آسري قرض به کنيو وڃن۔ پر اصل فنڪاريون تڏهن ٿينديون آهن جڏنهن حڪومت وڃڻ واري هوندي آهي۔ نوڪريون ايئن پيو تذڪرو ٿينديون آهن جيئن ٻوڏ ۾ امداد۔ ويچارا نوجوان (هن گورنمنٽ نوڪري لاءِ حد 43 سال ڪري نوجواني جي عمر به وڌائي ڇڏي آهي) اڃان وڌيڪ اميد رکڻ لڳن ٿا۔ جنهن گلي چوڪ تان گُذر ته اهي ئي جملا پيا ٻڌبا هن دفعي آسرو پڪو آهي۔ سفارش مان اڳين دفعي به ڪم نه ٿيو سو هن دفعي پئسا به ڏنا آهن يار آرڊر نڪري ويا آهن بس ملڻ جي دير آهي فائيل سي ايم جي ٽئبل تي آهي جڏنهن ڪڍي چون ٿا لسٽ ٺهي وئي آهي۔ بس رڳو آخري صحيحيون ٿين ۽ انهي کان علاوه ڀوتارن جا عجيب ۽ روائتي بهانا جيڪي هنن جا چمچا پُر اعتماد نموني ٻڌائين ٿا ۽ ويچارا بي روزگار مڃيو به وڃن۔ مهيني جي شروع جي تاريخن ۾ اهي بهانا ته صاحب مصروف هوندو۔ شروع جون تاريخون آهن۔ ۽ پوين تاريخن ۾ اهو بهانو ته آخري تاريخون آحن۔ مهيني جي بجيٽ جا حساب ڪتاب هڪ پاسي ٿين ته خزاني کاتي وارا نوڪريون ڏين۔ ۽ ايئن الله الله ڪري هزارن مان ڪي ٻه ٽي وڃي آرڊر وٺن ٿا انهن سان نوان مسئلا۔ پوسٽنگ نه ملڻ، پگهار نه ملڻ۔ ۽ وري اوچتو آرڊر رد ٿيڻ۔ هڪڙا ته اهڙا ڪيس به ٻڌا ته همراهن ٽي لک وٺي نوڪري ڏني۔ سال لاءِ انهن ئي پئسن مان 10 هزار پگهار موڪليندا رهيا اڪائونٽ ۾۔ ايئن اهي ڪوڙا همراهه پنهنجي ساک قائم ڪري ويا ٻين ڪيترن کي بيوقوف ڪري لکين روپيا ڦُري ويا۔ ۽ هاڻي ته ننڍين نوڪرين جا به ايڏا ريٽ ٿي ويا آهن جو حساب ٿو لڳائجي ته ڇهه سال نوڪري ڪبي تڏنهن وڃي نوڪري وٺڻ لاءِ ڏنل پئسا وصول ٿيندا۔ حيرت آهي پوءِ به ماڻهو خوش ته نوڪري آهي۔ الاءِ ڪيستائين اهو سلسلو پيو هلندو ۽ سڀاجهڙا پيا بيوقوف بڻبا۔ _ _ الله ڪري هاڻي جيڪي آخر ۾ ماستر ٿا ڀرتي ڪن اهي ٿي وڃن ۽ هو به سچائي ڏيکاريندي ٻار پڙهائين ته ڪا سٺي اميد رکجي۔ پنهنجي ڳوٺ ۾ مٿي بيان ڪيل ڪردارن مان هڪ عمران نالي نوجوان۔ هن کي انهي نوڪري جو پڪو آسرو آهي۔
هههههههههههه ”””ڪتي جو پڇ 12 مهينا نڙ ۾ وجهڻ کانپو به ٽيڙي جو ٽيڙو ۔۔۔““““ بس ڙي يار حفيظ، ڇوٿو پراڻا سور جاڳائين ۔۔۔۔ اسين انهي باهه مان سڙي سڙي آخر سنڌ ڇڏي اچ هت پرديس وسايو آهي ۔۔۔ !!! پنهنجي پٺي تي لکيل آهي ۔۔۔۔” نه ڇيڙ ملنگان نون“
اهو مضمون پڙهيم ۽ مونکي مرتضى جي ياد پئي آئي ۔۔۔ ڀلي شام ان موضوع تي ساڻس ڪچهري ڪري ڏسجان ۔۔۔۔ گهڻيون ڳالهيون آهن جيڪي هتي لکڻ مناسب ناهن۔