شيرين
سينيئر رڪن
(غزل)
سانت ۾ڪو ٽهڪ ٽيڙي تو ڇڏيو،
ڄڻ مڌر ڪو ساز ڇيڙي تو ڇڏيو.
ڏور کان پوتي اڏاري اوچتو،
واءُ ۾ خوشبو پکيڙي تو ڇڏيو.
حسرتن سان گڏ هئاسين منتشر،
شاعري! آخر سهيڙي تو ڇڏيو.
لانگ بوٽن جي لتاڙن ۾ اچي،
نئين صبح لئه کيت کيڙي تو ڇڏيو.
ڪا نئين بارش وٺي ناهي اڃا،
آسرن کي ڇو اڊيڙي تو ڇڏيو.
هن اداسي کان فقط وڇڙين ته تون،
هر خوشي جو رخ به ٿيڙي ڇڏيو
(اداسي جکراڻي)