توهان ڪنهن جا مريد آهيو؟ هڪڙي مسجد ۾ ٻه همراه ويٺا هئا ۽ زماني جون ڳالهيون ڪري رهيا هئا۔ هڪ ماڻهون ٻئي کان پڇو: توهان ڪنهن جا مريد آهيو؟ ٻئي ماڻهون چيو ته : ” مان پنهنجي مرشد جو نالو ايئن ڪونه ٻڌائيندس،ترسو ته پهريائين مان وضو ڪري اچان، پوء ٿو انهن جو نالو ٻڌايان۔ ان کانپوء ان ماڻهون ڏاڍي سٺي نموني وضو ڪيو ۽ ٻه رڪعت نماز پڙهي ۔ سڀ ماڻهون جيڪي مسجد ۾ ويٺا هئا ، انتظار ڪرڻ لاڳا ته ان ماڻهون جي مرشد جو نالو ٻڌن۔ ماڻهن ڏٺو ته ان همراه جي اکين ۾ شڪراني ۽ عقيدت جا لڙڪ وهي آيا ۽ هن انتهائي احترام ۽ عقيدت سان ڪنڌ جهڪائي چيو! ! ! ! ! ! ! ! ! ! ! ! ! ! ! ! ! ! ! ادا سان ته پنهنجي زال جامريد آهيون سائين منهنجاهاڻي توهان ٻڌايو ته ڪنهن جا مريد آهيو؟ سچ ڳالهئجو۔
ادا اهو هڪ لطيفو هو ان ۾ وڻڻ يانه وڻڻ جي ڪهڙي ڳاله آهي ۔ هن ۾ اصلي مرشد جي باري ۾ ڪابه ڳاله نه چيل آهي، صرف بيگمن جي باري ۾ هڪ لطيفو آهي۔ لطيفي کي پنهنجي ٻارڻي سوچ تحت غلط رنگ نه ڏيندا صوفي صاحب۔
سائين بهترين لطيفو آهي۔پر افسوس جو مان زال جو مريد نه آهيان صرف ان ڪري جو منهنجي زال آهي ئي ڪانه۔ مان ته پنهنجي پيٽ جو مريد آهيان، پنهنجن خواهشن جو مريد آهيان، مان ته پنهنجن خوشين جو مريد آهيان۔
ادا ٻاراڻي ڳالهه ناهي لطيفي ۾ اهڙا عظيم جملا استعال ناهن ڪبا مثال: مسجد ،نماز،مرشد ،وضو هي لطيفو الله سائين کان نا شڪري جو اظهار ڪري رهيو آهي ڄڻ توهان شادي ڪري ڦاسي ويا آهيو۔۔۔ توهان آخري جملا پڙهي ڏسو۔۔۔ ڀا آ توهان تي تنقيد نٿو ڪران پر اوهان سمٍجهدار آهيو اميد ته اوهان سمجهي ويندا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔سنڌ سلامت ساٿ سلامت۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔،،،،،،،،،
صوفي صاحب يا ته لطيفي ۾ موجود مزاح اوهان کي سمجه ۾ نه آيو يا ان کي اوهان ٻئي رخ ۾ کڻي ويا۔الائي توهان ان لطيفي مان ڪيئن سمجهو ته اسان شادي ڪري ڦاسي ويا آهيون ، توهان کي ان قسم جي ڪمينٽس ڏيڻ جو نه حق آهي نه اجازت آهي۔لطيفي ۾ مسجد،نماز، مرشد يا وضو کي ڪنهن غلط شي لاء استعمال نه ڪيو ويو آهي، توهان پنهنجي محدود ذهني سوچ کي وسعت ڏيو۔ معاف ڪجو جهڙو پنهنجي اوتار واري ڦوٽو ۾ ٻار لڳو ٿا آهڙي توهان جي سوچ ٻارڻي ٿي لڳي۔لطيفي کي لطيفو ڪري وٺبو آهي ۽ ان تي سريس ڪمينٽس نه ڏناويندا آهن۔
سائين ڪجهه ڳالهيون اهڙيون هونديون آهن جيڪي اصل ظاهر نه ڪبيون آهن مان ته گهٽ ۾ گهٽ ائين نه چوندس ته مون جو مرشد به زور آهي
بس سائين مهرباني الله تعالى بهتر ڄاڻي ٿو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۔۔۔۔ اهي اسلام دشمن ماڻهو ڪندا آهن اسان وري انهن کي لطيفو سمجهي اڳيان شيئر ڪري ڇڏيندا آهيون۔۔۔۔۽ اهو ناهيون سوچيندا پهريون انکي غور سان پڙهي ته ڏسون ان ۾ لکيل ڇا آهي۔۔۔۔ مهرباني ادا توهان صحيح آهيو۔۔۔۔ ان ڳالهه کي اتي ئي ختم ڪيو۔۔۔۔۔۔۔
ادا تمام بهترين لطيفو آهي ۔۔پر ادا صوفي شفيق احمد حسيني صاحب جن کي عرض آهي ته هي محبت ڀريو اڱڻ آهي هن تي اهڙي ڳالھ نه ڪجي جنهن سان سنڌ سلامت جي ساٿين جي دل ڏکي ۔ مگر هن لطيفي ۾ ڪا اهڙي ڳاله ته نه آهي جنهن سان اسانجي مذهب کي ڪو نقصان رسي هي ته هڪ مزاح جي بنياد تي ڪيل ڳالھ آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔