پينو فقير ڪاوش اخبار ۾ سب ايڊيٽر هئس، منهنجي روز جي روٽين هوندي هئي ته مارڪيٽ مان رڪشا ڪرائي سڌو پنهنجي آفيس ويندو هئس، مونکي لوڪل سواري تي ذليل ٿيڻ هرگز پسند نه آهي۔ اهو ڏينهن به عام ڏينهن وانگر هو، هميشه وانگر هڪ ڪلاڪ دير سان مارڪيٽ وٽ پهتس، رڪشا ڪرائي آفيس ڏانهن روانو ٿيس۔ ان ڏينهن حيدرآباد ۽ ڄامشوري جون هوائون موجن ۾ هيون ۽ زماني جو ڪار و وهنوار جوڀن سان جاري هو۔ شام جي پهر ۾ سورج اولھ کي ڳاڙهي رنگ سان رنگي ڇڏيو هو ۽ ڏينهن به آخري پساهن ۾ هو۔ گل سينٽر وٽ اچاگ ٽريفڪ جام ٿي وئي ۽ گاڏين جي رش ۾ پير پائڻ جي جڳه به باقي نه بچي هئي۔ جنهن رڪشا ۾ مان ويٺو هئس اهو به رڪجي ويو۔ روڊ جي ساڄي پاسي ڪنڌ ورائي ڏٺم ته ٽريفڪ پوليس جا ڪامورا دڪانن جي اڳيان بيٽل گاڏين جي مالڪن سان جٺ ڪري رهيا هئا ۽ گاڏين رستي کان پري ڪرائي رهيا هئا۔ مون جڏهن کاٻي پاسي ڪنڌ ورائي ڏٺو ته ذري گهٽ منهنجو ڇرڪ نڪري ويو، هڪ ڀوائتي منهن وارو پينو فقير رڪشا جي ڀرسان ڪنڌ ڪلهي تي ڪيرايون بيٺو هو۔ پيلي رنگ جي خوفانڪ اکين وارو پينو فقير مون ڏانهن ڏسي رهيو هو، هن جي چاپڙي ڏاڙهي جا وار ڪنهن ٻير جي لامن جيان پاڻ ۾ وچڙيل هيا۔ ميرن ڪپڙن سان ڀانيم ٿي 6 مهينن کان منهن تي پاڻي جو ڇنڊو نه ڪونه هنيو هيائين۔ هو جڏهن مون ڏانهن وڌيو ته هن جي خوفناڪ شڪل کي ڏسي منهنجو جسم ڪنبي رهيو هو۔ گهڙي کن هو مسڪرايو، هن جي ٻٽيهي جا تاڪ ٽٽل هئا، هن جي وات ۾ بدبو اچي رهي هئي، مون پنهنجي نڪ تي رومال رکي ڇڏيو هو۔ هن جئين ئي پنهنجي باسدار وات مان خير وٺڻ ڪاڻ آواز ڪڍيو ته ٽريفڪ لائيٽ سائي ٿي وئي۔