شيرين
سينيئر رڪن
مائٽن کي آزمائي ڏٺو آ،
دوستن کي آزمائي ڏٺو آ۔
دور تعلق آهي مفاد خاطر،
واسطن کي آزمائش ڏٺوآ۔
دشمنن جي ناهي ضرورت دوست،
دوستن کي آزمائي ڏٺو آ۔
رهندا ساڻ ناهن هي سدا،
گلابن کي آزمائي ڏٺو آ۔
کڻ کلي پئي نيڻ،
احمد شاڪر گائنجو۔
ڏئي نه ڏک آزار پيارا،
ڪر نه دل کان ڌار پيارا۔
آدمي آهي، دنيا ۾،
آدمي آ ڌار پيارا۔
منهنجي دل جو خيال ڪر ڪجهه،
ڪجهه ته ڪر ويچار پيارا۔
مون ته آ کولي ٻڌايو،
تون به ڪي اظهار پيارا۔
ڌار کي وجهه ڌوڙ منهن ۾،
اڃ اچي گڏ گهار پيارا۔
کڻ کلي پئي نيڻ پيارا،
ديد سان دل ٺار پيارا۔
پنهنجي شاڪر کي نه ڏئي تون،
سور صدما مار پيارا۔
(محمد صفدر ٺٽوي)