غزل

شيرين

سينيئر رڪن
مائٽن کي آزمائي ڏٺو آ،​
دوستن کي آزمائي ڏٺو آ۔​
دور تعلق آهي مفاد خاطر،​
واسطن کي آزمائش ڏٺوآ۔​
دشمنن جي ناهي ضرورت دوست،​
دوستن کي آزمائي ڏٺو آ۔​
رهندا ساڻ ناهن هي سدا،​
گلابن کي آزمائي ڏٺو آ۔​
کڻ کلي پئي نيڻ،​
احمد شاڪر گائنجو۔​
ڏئي نه ڏک آزار پيارا،​
ڪر نه دل کان ڌار پيارا۔​
آدمي آهي، دنيا ۾،​
آدمي آ ڌار پيارا۔​
منهنجي دل جو خيال ڪر ڪجهه،​
ڪجهه ته ڪر ويچار پيارا۔​
مون ته آ کولي ٻڌايو،​
تون به ڪي اظهار پيارا۔​
ڌار کي وجهه ڌوڙ منهن ۾،​
اڃ اچي گڏ گهار پيارا۔​
کڻ کلي پئي نيڻ پيارا،​
ديد سان دل ٺار پيارا۔​
پنهنجي شاڪر کي نه ڏئي تون،​
سور صدما مار پيارا۔​
(محمد صفدر ٺٽوي)​
 
مائٽن کي آزمائي ڏٺو آ،​
دوستن کي آزمائي ڏٺو آ۔​
دور تعلق آهي مفاد خاطر،​
واسطن کي آزمائش ڏٺوآ۔​
دشمنن جي ناهي ضرورت دوست،​
دوستن کي آزمائي ڏٺو آ۔​
رهندا ساڻ ناهن هي سدا،​
گلابن کي آزمائي ڏٺو آ۔​
کڻ کلي پئي نيڻ،​
احمد شاڪر گائنجو۔​
ڏئي نه ڏک آزار پيارا،​
ڪر نه دل کان ڌار پيارا۔​
آدمي آهي، دنيا ۾،​
آدمي آ ڌار پيارا۔​
منهنجي دل جو خيال ڪر ڪجهه،​
ڪجهه ته ڪر ويچار پيارا۔​
مون ته آ کولي ٻڌايو،​
تون به ڪي اظهار پيارا۔​
ڌار کي وجهه ڌوڙ منهن ۾،​
اڃ اچي گڏ گهار پيارا۔​
کڻ کلي پئي نيڻ پيارا،​
ديد سان دل ٺار پيارا۔​
پنهنجي شاڪر کي نه ڏئي تون،​
سور صدما مار پيارا۔​
(محمد صفدر ٺٽوي)​
دغا آهي دوستن ۾، ناهي عزيزن ۾ ڪو اعتبار
سک ۾ ساٿي سڀڪو، ناهي ڏک ۾ ڪو ڀائيوار
 
دشمنن جي ناهي ضرورت دوست،
دوستن کي آزمائي ڏٺو آ۔
ادڙي شيرين اسلام عليڪم! محترم صفدر ٺٽوي جي سٺن ۽ سچن احساسن تي مشتمل شاعري هن اڳڻ جي ڪينئوس تي چٽي اسان کي ان مان مستفيد ٿيڻ جو موقعو ڏنو آهي۔
 
Back
Top