نيڪ دل انسان قطب الدين ايبڪ شڪار لاء نڪتو۔هڪ هاري کي زمين تي هر هلائيندي ڏسي ۔هن کان پڇائين: ” ڏينهن ۾ گهڻا پيسئا ڪمائيندو آهين؟ هاري جواب ڏنو : ” چار رپيا“۔ قطب الدين ايبڪ پڇوء:” اهئي چار رپيا ڪيئن خرچ ڪندو آهين؟ هاري جواب ڏنو:” هڪ رپيو پاڻ تي، هڪ رپيو قرض ڏيندو آهيان، هڪ رپيو ورتل قرض ۾ واپس ڪندو آهيان ۽ هڪ رپيو کوه ۾ اڇلائي ڇڏيندو آهيان“ قطب الدين ايبڪ چيوء: ” اسان توهانجي ڳاله جو مطلب نه سمجهي سگهياسين ؟“ هاري جواب ڏنو: ” هڪ رپيو مان پاڻ ۽ پنهنجي ذال تي خرچ ڪندو آهيان، ٻيو رپيو پنهنجي اولاد تي خرچ ڪندو اهيان تاڪي جڏهن مان پوڙهو ٿئي وڃان ته هو منهنجي خدمت ڪن،ٽِيون رپيو پنهنجي پوڙهن والدين تي خرچ ڪندو آهيان ،جن ننڍي هوندي مون تي خرچ ڪيو هو ۽ چوٿون رپيو مان خيرات ڪندو آهيان جنهن جو آجر مان هن دنيا ۾ نه ٿو چاهيان پر آخرت ۾ الله پاڪ کان وٺندس ان جو آجر۔ محترم ميمبرس هن مختصر ڪهاڻي ۾ سمايل رمزشل اسان ۽ اوهان کي چڳي طرح سمجه ۾ اچي وڃي تاڪي اسان به ان هاري وانگرپنهنجا پيسئا خرچ ڪيون۔
سائين خوبصورت ليک موڪليو اٿو هاريء جون تمام وڏيون ۽ ڏاهپ ڀريون ڳالهيون ۔۔۔ ڪاش انسان زندگيء جي مقصد کي سمجهي