• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

غزل

شيرين

سينيئر رڪن
اهو به صحيح آ، ته ناهيچڱي خودڪشي،
مگر انت دردن جو آ، خودڪشي خودڪشي۔
وئي عمر گذري آ اوڌر ۾ پنهنجي سڄي،
۽ پاڇي ۾ آهي بس بچي خودڪشي۔
اچي رات چنڊ هڪڙي گهرجي اڱڻ کان پڇيو،
ته ڇو وصل جي رات هن آ ڪئي خودڪشي؟
هئا رستا خاموش سڀ شهر جا خوف کان،
سندن چهري تي هو ويو ڪو لکي خودڪشي۔
مليا هوندا ڪن کي ته ٽهڪن جا تحفا، مگر،
اسان کي ته سوکڙي ۾ ملي خودڪشي۔
انڌيرين ۾ گم روشين جا ٿيا قافلا،
جو راهن ۾ پئي ٿي مسلسل ٻري خودڪشي۔
ڪري دانهن ڌرتي چيو اڀ کي ڏک منجهان،
آ پاڻي بنا دوست! مون ۾ ڦٽي خودڪشي۔
منجهد ٽاڪ جهڙي آ هاڻي حياتي بڻي،
۽ ٿي آ وئي باک جهڙي عڌي خودڪشي۔
پيل هن جي کيسي ۾ ڪاغذ مٿان هو لکيل،
نه محبوب جي ڄڻ ڪا آهي چمي خودڪشي۔
انهي کان وڏا بدر! ٻيا ڪهڙا ٿيندا عذاب،
جو هي رات ٻکجي اسان سان ستي خودڪشي۔
(بدر شاهه)
 
Back
Top