شيرين
سينيئر رڪن
زندگي تولا ڏس ڇا ڇا نه ٿو ڪرڻو پوي،
ڪڏ ٿيون زندهه پيا ٿو ڪڏ مرڻو پوي۔
پي پوڙهو ٿي چڪو، ٿا سڀ ڌڪارن در وٽان!
لوڪ جو ڪيڏو ستم اڄ يار ٿو سهڻو پوي۔
دور ڪهڙو آ اهو، ننڍڙن هٿن کي آ حنا!؟
نيڻ کوليا ناري هاڻي ٿو پرڻو پوي،
سنڌ توکي روشني ڏيندو رهان، جلندو رهان!
ڀل جان مونکي سج جان هت ڇونه ئي جلڻو پوي،
سنڌ واسين کي کپي آزاد بس پنهنجو وطن۔
اي ڀٽائي تنهنجي در هي سور ٿو سلڻو پوي۔
(محسن ميمڻ)