سلام مڪي پاڪ کان

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏8 نومبر 2009۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سنڌ سلامت جا دوستو
    حق موجود
    ڪالهه پنجاه ڏينهن جي موڪل پوري ڪري سنڌ ياترا ڪري اچي مڪي پاڪ پهتو آهيان ... سفر سٺو ۽ سڻائو گذريو... ڪئي نوان پراڻا دوست مليا ... رشتيدار ۽ پرين پيارا مليا ... سڀ ڏک لٿا ۽ حقيقت پڇو ته سڀ بيماريون ختم ٿي ويون هيون ...
    ٿورائتو آهيان دوست عبدالرشيد سمي صاحب جو جنهن سان صحبت ڪرڻ ۾ ڪافي مزو به آيو ۽ سندس ئي معرفت ڪئي سنڌ سلامت جا دوست پڻ مليا جن ۾ سائين نثار ناز صاحب، سائين زاهد سومرو صاحب، وحيد سمون صاحب ۽... ڪجه ٻيا دوست پڻ مليا يا وري رابطو ٿيو ... رشيد سمي صاحب جي نماڻي ۽ ٻاجهاري طبيعت سبب ڪافي مزو آيو ۽ سٺن دوستن جي مختصر تفصيل ۾ هڪ اهم اضافو ٿيو ...
    باقي سنڌ جون سماجي ۽ سياسي حالتن مطلق ته اهو ئي چئبو ته واڳ ڌڻيءَ وس آهي باقي قوم جي حالت انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ تڪليف واري آهي سا ته اوهين سڀ خوب ڄاڻو ٿا ...
    بس دعائون جاري آهن۔۔۔۔
    سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار ...
    موڪل ختم ٿي آهي ته اوهان دوستن جي ساٿ ۾ ڪجه سکڻ جو سلسلو شروع ٿيندو ۽ اميد ته ڏي وٺ ٿيندي رهندي ...
    دعائن ۾ گڏ

    sindhsalamatsaathsal
     
  2. جهاندادسمون

    جهاندادسمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,730
    ورتل پسنديدگيون:
    117
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ادا واپسي لئه توهان جي وڏي مهرباني سنڌ سلامت توهان جي بنا اڌورو آهي
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    مهرباني ادا جهانداد، دوستن جي اهميت واقعي تمام گهڻي هوندي آهي، جيڪڏهن ڪو دوست سٿ مان ڪجه ڏينهن غائب ٿي وڃي ته ڪمي ضرور محسوس ٿيندي آهي ۽ اڻ تڻ پئدا ٿيندي آهي ...
    wslam

    shal judy hujeen

    sindhsalamatsaathsal
     
  4. علي منير پاٽائي

    علي منير پاٽائي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 جون 2009
    تحريرون:
    97
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    و عليڪم سلام ورحمة الله وبرڪات
    سائين نثار ابڙا صاحب
    حمد لله على سلامة . سائين تمام گھڻي خوشي ٿي جو توهان سنڌ سلامت جي دوستن سان مليا جن ۾ چاچا نثار ناز صاحب ۽ سوٽ زاهد سومرو صاحب ۽ ڀاءُ وحيد سمون صاحب ۽... ڪجه ٻيا دوست به توهان سان مليا۔ مان دعاڳو آهيان رب العالمين جي بار گاه ۾ اسان سڀني مسلمانن ڀائرن کي پنهنجي رحمتن ۽ امان ۾ رکي ۔ آمين ۔ سائين هڪڙو ننڍڙو عرض آءٌ توهانکي دل جي گھرائن سان دعوت ڏيان ٿو خميس جي ڏينهن جمع جي رات وقت رات جا 9 اميد ا ٿم ته قبول ڪندا ۔

    sindhsalamatsaathsal
    علي منير پاٽائي
    مڪة مڪرمة کان

    [​IMG]
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا نثار، شڪر الحمد الله جو خيريت سان توهان پنهنجي روزگار واري هنڌ پهچي ويا، اهي به لک ڀلايون پاڪ پروردگار جون جو توهان سان ملاقات ٿي وئي نه ته توهان سان نه ملڻ جي آس في الوقت ته جهوري وجهي ها، بهرحال توهان سان ملڻ جي صدقي ۾ سائين شمشيرالحيدري صاحب سان به ملاقات ٿي، جڏهن توهان سان ملڻ پي آياسين ته گهڻيون ڪجهه ڳالهيون توهان سان ونڊڻ جو کڻي پي آياسين پر لطيف سائين جي انهي بيت ته
    چيتاري چوندياس ڳالهيون ڪي سڄڻين
    جڏهن مُنهن مقابل ٿياس ته ويون سڀ وسري۔۔۔۔​

    انهي هوندي به اهي توهان جا وڏ وڙ هُئا جو اسان جهڙن جهونڙن سان توهان ايترو ته قرب سان مليا، جنهن جي باري ۾ مون وٽ ڪي لفظ ئي ناهن۔ الله سائين توهان کي ۽ توهان جي ساري پريوار کي سدائين پنهنجي حفظ ۽ امان ۾ رکي آمين
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سائين ڀلارا ڀاڳ جو توهان اهڙي ڀلي پار ۾ رهيا پيا آهيو، هونئن ته سنڌ به مقدس سرزمين آهي پر مڪي پاڪ جي ڳالهه ئي الڳ آهي، سائين معاف ڪجو ته اسان توهان سان ملاقات جي سعادت حاصل نه ڪري سگهياسين،، بس انشاءَالله حياتي رهي ته محبتي ماڻهن جا ميلا وري ضرور ٿيندا۔
     
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    محترم سائين نثار ابڙو صاحب۔۔۔
    الائي جي ڪهڙو اتفاق چئبو جو جڏهن توهان اچي رهيا هيو ته منهنجي طبيعت بگڙجي وئي ۽ توهان کي ايئرپورٽ تان رسيوِ به ڪري نه سگهيم ۽ وري جڏهن توهان واپس ڀلي ماڳ ڏانهن وڃي رهيا هيو تڏهن به طبيعت خراب ٿي پئي ۽ توهان کي ايئر پورٽ تي اچي خداحافظ به چئي نه سگهيم۔۔۔۔
    فورم تي به ان ڪري ٻه ٽن ڏينهن کان ڦيرو ڀري نه سگهيم۔۔۔۔ بحرحال توهان خير سان ڀلي ماڳ پهتو ۽ پنهنجا فرض سنڀاليوَ۔۔۔ اها به سٺي خبر آهي۔۔۔
    خبر ته اها به اٿم ته حج ويجهو هجڻ ڪري حاجين جو مڪي ۾ ۽ خاص طور توهان واري هوٽل ۾ هجوم هوندو ۽ مصروفيت تمام گهڻي هوندي پر اهو يقين اٿم ته گهڙي پل لاءِ ئي صحيح جيڪر ٿوري به واندڪائي ملندوَ ته سنڌ سلامت توهان کي ڦيرو ڀرڻ لاءِ مجبور ضرور ڪندو۔۔۔

    ان ڪري سدائين گڏ۔۔۔۔
     
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا علي منير پاٽائي
    السلام عليڪم
    جاني ڀائڙا اوهانجا لک ٿورا ۽ وڏا وڙ دعوت ڏيڻ جا اميد ته ڪوشش ڪري اچي دعوت تي حاضر ٿبو ... پر ڀائڙا هڪ ڳالهه جا ڪيترن ڏينهن کان اوهانکي چوڻ تي دل هر هر ٿي ڪئي ته اوهان اسان سڀني جي لکڻين تي واه واه ته ڪيو ٿا ۽ همٿايو به ٿا پر يار! اوهان پاڻ ڪڏهن ڪو پنهنجو ليک نه موڪليو آهي ... مطلب ته ڪا به لکڻي. ڪو واقعو ڪو کلائيندڙ قصو، ڪو شعر يا ڪا ڪهاڻي، ڪا حديث يا ڪا آيت قرآني ...

    ڀائڙا همٿ مردان ته مدد خدا، همٿ ڪريو ڪجه لکي ڏيکاريو ۽ اسانکي به واه واه ڪرڻ جو موقعو ڏيو ...

    سلام پنهنجي بابا سائينءَ کي چوندا ۽ پنهنجو خيال ڪندا ۽ سنڌ سلامت جي دوستن سان ڪچهرين ۾ ڪوتاهي نه ڪندا ...

    shal judy hujeen

    sindhsalamatsaathsal
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو