• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

وائي

شيرين

سينيئر رڪن
وک وک تي آ موت ڇانيل
وک وک تي ڏهڪا،
ڪنهن کي نه آيوڪو ڪهڪا۔
مرجهايل چهرا ماڻهن جا،
سورن جو سودا،
ڪنهن کي نه آيوڪو ڪهڪا۔
عورت جي لڄ زوري لٽي وئي،
گهر ۾ ڏئي ڊپ ڊا
ڪنهن کي نه آيوڪو ڪهڪا۔
کوڳ ڪراڙي سان نينگر کي،
پرڻايو پي ما
ڪنهن کي نه آيوڪو ڪهڪا۔
سس، سهري ۽ مڙس هٿان ٿيو،
عورت تي انيا
ڪنهن کي نه آيوڪو ڪهڪا۔
ڌرتي تي ٿيندڙ ظلمن جو،
نذير“ لکيو لڪا
ڪنهن کي نه آيوڪو ڪهڪا۔
(نذير احمد ”نذير“)
 
Back
Top