آئون لکڻ نه ٿي چاهيان.

غلام مصطفي ميمڻ

سينيئر رڪن
آئون لکڻ نه ٿئي چاهيان:
شاعره
(سيد گل بيبي شاه بخاري)

لفظ ڀلي نچندا رهن_ پر آئون لکڻ نٿي چاهيان۔
مون کي ستو ئي رهڻ ڏيو،آئون جاڳڻ نه ٿئي چاهيان۔
لفظن جا وار کڻي_ آئون وڙهڻ نه ٿئي چاهيان۔
ڇو جو هن معاشري ۾ ڪا تبديلي نه ٿئي ڀانيان۔
زخم گهڻا سهي _ پر آئون روئڻ نه ٿئي چاهيان۔

منافقن جي غلافن کي جي نٿي لاهي پايان۔
رشتا ڪوڙا صحيحي _ پر وڃائڻ نه ٿئي چاهيان۔
جن جي ڪا ناهي تعبير،اهڙا خوب ڏسڻ نه ٿئي چاهيان۔
هاء مان بزدل ئي صحيحي_ بهادر ٿيڻ نه ٿئي چاهيان۔

آئون گمنام ئي صحيحي_ پر ڪوڙي تعريف نه ٿي چاهيان۔
جن ۾ ڪو سوز نه هجئي ، اهڙي صدا ٿيڻ نه ٿئي چاهيان۔
بند دروازن کي آئون وڄائڻ نه ٿئي چاهيان۔
نه ٿيندو تحرير جو ڪو اثر،آئون پنهنجي پاڻ کي وڃائڻ نه ٿئي چاهيان۔

شامل هجئي جنهن ۾ ڪنهن غريب جو خون۔
آئون اهڙو پڪوان کائڻ نه ٿئي چاهيان۔
ڇپائي اندر کي بند ڪتابن ۾ ۔
آئون ڪوڙي شهرت پائڻ نه ٿئي چاهيان۔
خدار مون کي ”گل“ ئي رهڻ ڏيو۔
آئون مرجهايل شاعر ٿيڻ نه ٿئي چاهيان۔
لفظ ڀلي نچندا رهن_ پر آئون لکڻ نٿي چاهيان۔

لفظ ڀلي نچندا رهن_ پر آئون لکڻ نٿي چاهيان۔
مون کي ستو ئي رهڻ ڏيو،آئون جاڳڻ نه ٿئي چاهيان۔
لفظن جا وار کڻي_ آئون وڙهڻ نه ٿئي چاهيان۔
ڇو جو هن معاشري ۾ ڪا تبديلي نه ٿئي ڀانيان۔
زخم گهڻا سهي _ پر آئون روئڻ نه ٿئي چاهيان۔

زبردست بهترين ونڊ سٺا خيال .
 
Back
Top