• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ايڪتا وارو ڏينھن

Abdul Wahid Soomro

سينيئر رڪن
السلام عليڪم دوستو۔

سنڌ ۾ ايڪتا وارو ڏينھن 21 ء 23 ڊسمبر تي ملھائجي رھيو آھي۔
ڏسو متان وري ڪا ٽين ڌر به نئين تاريخ جو اعلان ڪري۔
آئون ان فڪر ۾ آھيان ته مونکي ڪھڙي ڏينھن تي ايڪتا وارو ڏينھن ملھائڻ کپي۔
 
السلام عليڪم دوستو۔

سنڌ ۾ ايڪتا وارو ڏينھن 21 ء 23 ڊسمبر تي ملھائجي رھيو آھي۔
ڏسو متان وري ڪا ٽين ڌر به نئين تاريخ جو اعلان ڪري۔
آئون ان فڪر ۾ آھيان ته مونکي ڪھڙي ڏينھن تي ايڪتا وارو ڏينھن ملھائڻ کپي۔
ادا اگر ٻئي ڏينهن ملهايو وڃي ته به بهتر ٿيندو ڊبل ڊبل خوشي ٿيندي
 
هي قومپرست ۽ سنڌ سڄڻ ڌريون ڪنهن هڪ تاريخ تي ئي متفق نه آهن ته پوءِ اهي سنڌ جي وحدانيت تي حملي ڪرڻ وارن کي ڪيئن منهن ڏئي سگهندا. ايڪتا جي ڏنل تاريخن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسان سنڌين ۾ ڪيتري ٻڌي آهي.
 
بس يار ڇا ڪيون ۔۔۔ ٻٽي نظام خلاف هڪ آهيون ۽ ايڪتا ڏينهن تي الڳ آهيون ؟؟ واهه ڙي سنڌ، واهه ڙي سڌي ماڻهو ۽ واهه ڙي سنڌي ميڊيا ؟؟؟

تنهنڪري اسان سڀني سان گڏ آهيون 21 وارن سان به ته 23 وارن سان به ۔۔۔۔۔
 
السلام عليڪم دوستو۔

سنڌ ۾ ايڪتا وارو ڏينھن 21 ء 23 ڊسمبر تي ملھائجي رھيو آھي۔
ڏسو متان وري ڪا ٽين ڌر به نئين تاريخ جو اعلان ڪري۔
آئون ان فڪر ۾ آھيان ته مونکي ڪھڙي ڏينھن تي ايڪتا وارو ڏينھن ملھائڻ کپي۔
ادا اگر ٻئي ڏينهن ملهايو وڃي ته به بهتر ٿيندو ڊبل ڊبل خوشي ٿيندي


ادي اسان کي ھڪ ڏينھن تي ٽائيم مشڪل ملندو اوھان وري ٻن ڏينھن جي ڳالھ ٿا ڪيو
 
هي قومپرست ۽ سنڌ سڄڻ ڌريون ڪنهن هڪ تاريخ تي ئي متفق نه آهن ته پوءِ اهي سنڌ جي وحدانيت تي حملي ڪرڻ وارن کي ڪيئن منهن ڏئي سگهندا. ايڪتا جي ڏنل تاريخن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسان سنڌين ۾ ڪيتري ٻڌي آهي.

ادا جاويد دل جي ڳالھ ڪري وڌي اٿوُ
 
ايڪتا واري ڏينهن ملهائڻ جو جيڪو سلسلو هلي چڪو آهي اهو ڪي صديون اڳ ٿيڻ گهرجي ها پر اسين خوشنصيب آهيون جو اهي ثقافتي ڏينهن اسان جي ئي دور ۾ شروع ٿي ويو آهي، هاڻ اسان جي ايندڙ نسل اسان کان ان بابت تاريخ به پڇندي ته اهو ڏينهن ڪڏهن کان ملهائجي رهيو آهي ته هاڻ انهن کي ٻڌائي سگهون ٿا۔ پر افسوس اهو آهي ته ايڪتا وارو ڏينهن جڏهن به ملهايو وڃي ٿو ته ان ۾ هرڪو پنهنجي پنهنجي ڪُني وڃي ٿو چاڙهي، پو ڪنهنجي ڦِڪي ته ڪنهن جي کَٽِي ٿي پچي۔۔ پر جڏهن ته ڳالهه سنڌ جي آهي ته ان ۾ الڳ الڳ ڏينهن ملهائڻ سٺو سنوڻ ڪونهي۔ هاڻ ٿيڻ ائين گهربو هو ته جڏهن ته هي ڏينهن پوري دنيا ۾ مشهوري ماڻي چڪو آهي ته ان ڏينهن کي ملهائڻ جي اعلان کان اڳ جيڪڏهن سڀئي سنڌ جا سڄاڻ، ميڊيا وارا توڙي قومپسرت، ڏاها، شاعر سڀني جي هڪ گڏجاڻي ڪوٺائجي ۽ پو ان گڏجاڻي ۾ حتمي فيصلو ڪري ڪو به هڪ ڏينهن مقررر ڪجي ته جئين سنڌي سٻاجهڙا وائڙن وانگر هِت هُت ڦرندا نه وتن ۽ ڪنهن کان پڇندا به نه وتن ته بابا اهو ڏينهن ڪهڙي تاريخ تي ملهائبو؟؟ سوچڻو پوندو۔۔۔
 
ڪهاڻي

سنڌي ٽوپي زندهه آباد
زاهد منگي

ٽريڪٽر ٽرالي ۾ ان جي ٻورين جيان سٿيل ڳوٺاڻا شهر جي چونڪ تي پهچي آهستي آهستي لهي ڪنڊ وٺي بيهڻ لڳا، ٻه همراهه پاڻ ۾ ڳالهائڻ لڳا، ”ادا! ڏي خبر وري ووٽ آهن ڇا جو رئيس گھرايو آ؟“
”نه ڀائو! لڳي ٿو اڄ ڪا ٻي ماجرا آهي، ڇو جو هن ڀيري واري ڪار اڳ ۾ ڪڏهن نه ٿي آ. ڀلا اڳ ۾ ڪڏهن رئيس ٽوپي ۽ اجرڪ پائي اچڻ جو چيو هو، يا ڪو اهڙو حڪم ڪيو هو؟“
”نه ڪو ادا! هي ته پهريون دفعو آهي، ڏس سڄي ڳوٺ وارن پنهنجون ٽوپيون ۽ اجرڪ آندا اٿئي.“
هڪ همراهه ڳوٺاڻن جي ڦاٽل اجرڪن ۽ اڌوراڻن ٽوپين ڏي آڱر جو اشارو ڪندي چيو.
پريان رئيس ڏونگر خان ظاهر ٿيو. کيس ڪاون سان جرڪندڙ سنڌي ٽوپي ڪلهي تي اجرڪ ۽ بوسڪي جي قميص پاتل هئي. جيئن ئي وڏيرو ڳوٺاڻن جي هجوم ۾ پهتو ته نعرا لڳڻ شروع ٿي ويا.
”سنڌي ٽوپي زنده آباد“
”اجرڪ ٽوپي زنده آباد“
”جيئي جيئي سنڌي ٽوپي“
جيئي جيئي ٽوپي جيئي“
”وڏيرو ڏونگر خان زنده آباد“
هجوم نعرا هڻندو اڳتي وڌڻ لڳو. جلوس جي آخر ۾ هلندڙ ربن ۽ قائم پاڻ ۾ سرٻاٽ ڪرڻ لڳا.
”ادا ربن! ڇا تنهنجي ۽ منهنجي ٽوپي به جيئي؟“
”اڙي! چريو آن، ڇا تنهنجي ۽ منهنجي به هاڻي ڪا ٽوپي آ، جو جيئي! ٽوپي رڳو رئيس جي جئيندي“
”ها ڀائو! بروبر، بروبر ٽوپي رڳو رئيس جي جيئي“ ربن پنهنجي مٿي تي پاتل ٽوپي لاهي ان جي ڦاٽل حصن کي ڏسندي شرمساريءَ مان چيو.
هجوم شهر جي هڪ چونڪ وٽ پهتو رئيس خطاب ڪرڻ لاءِ اڳتي آيو. ڪئمرامين ۽ فوٽو گرافر کيس چوڌاري وڪوڙي ويا. ڪئمرائن جا چمڪاٽ شروع ٿي ويا.
رئيس ڏونگر خان کنڪر ڪندي ڳلو صاف ڪري خطاب شروع ڪيو ”سنڌي ٽوپي اسان جو شان آ، اسان جو مان آ، اسان مري وينداسين پر ٽوپي کي ڪرڻ نه ڏينداسين..........“
رئيس جون ڳالهيون ٻڌي پريان بيٺل قاسم کي اڳئين جمعي جو ڏينهن ياد اچي ويو.
ٻنيءَ تي بٽائي ڪري مس بيٺو هو ته ريئس اچي پهتو هئس. ”قاسم! منهنجي قرض ۽ وياج جو حساب ڪتاب ڪر“
”رئيس! حاضر سمورو قرض ڏيندس، پر هن ڀيري معافي ڏي، نياڻي اٿارڻي اٿم. مٿين مند تي پائي پائي ڏئي ڇڏيندم.“ قاسم رئيس اڳيان ٻانهون ٻڌي ايلاز ڪيو هو.
”نه قاسم! مونکي نه چئه، ڪمدار! کڻ وڃي جون ٻوريون.“
”نه ڀوتار! ٻيلي مون غريب تي رحم ڪر“ قاسم ليلائيندي پنهنجي ٽوپي لاهي رئيس جي پيرن ۾ رکي، رئيس ٽوپيءَ کي اهڙي زور سان اڇلايو جو فٽ بال جيان اڏامندي وڃي پري ڪري.
قاسم کي هوش تڏهن آيو جڏهن پويان بيٺل همراهه کيس اڳتي وڌڻ لاءِ ڌڪو ڏنو، هن ڏٺو رئيس نعرا هڻائي رهيو هو
”سنڌي ٽوپي زنده آباد“
”سنڌي ٽوپي زنده آباد“
قاسم به ٿاٻڙيل لفظن ۾ جواب ڏيڻ لڳو ”زنده آباد.....................
فيسبوڪ تان کنيل۔۔
 
Back
Top