• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هڪ صلاح منهنجي به آهي۔

منظور ڪلهوڙو

سينيئر رڪن
سنڌ سلامت اهڙو پليٽ فارم انٽرنيٽ تي اسان کي مليو جنهن اسان جي علم، شوق، ذوق ۽ سنڌي ٻولي سان چاهه کي وڌائڻ ۾ مددگار ٿيو، ڪيترا سهڻا دوست ملي ويا، ايڏي عزت مان ۽ مرتبو مليو جيڪو ڪڏهن به وسارڻ جوڳو ڪونهي، مان سنڌ سلامت جي انتظاميه جي دوستن کي هڪ صلاح ڏيندس اها هي ته اسان جڏهن سنڌ سلامت جا ساٿي بڻيا سين ته اسان کي اعزاز طور ڪجهه لقب مليا، جيڪي، ميمبر، رڪن، فعال رڪن، جونيئر ميمبر، سينيئر ميمبر آهن۔
ڪجهه سوچڻ کان پوءِ مان هڪ راءِ جوڙي آهي ته جيڪڏهن انهن اعزازن يا لقبن ۾ تبديلي آڻجي ته اوهان جي ڇا راءِ آهي هاڻ انهن اعزازن يا لقبن جي نشاندهي اهڙا سڄاڻ دوست ڪن جيڪي اهي سمجهن ٿا ته هي اعزاز هن دوست لاءِ ٺهڪي ٿو يا ان جي لکڻين مان محسوس ٿئي ٿو۔

هيٺيان اعزاز ڏئي سگهجن ٿا۔
نقاد
سياسي تجزيه نگار
سائنسي تجزيه نگار
مذهبي تجزيه نگار،
ناول نويس
ڪهاڻيڪار
ڪالم نگار
اسڪالر
تخليقڪار
تحقيق دان
شاعر
اديب

هاڻ ياد رکڻ گهرجي ته مٿيان اعزاز صرف ۽ صرف سنڌ سلامت جي انتظاميه پاران نوازيل هوندا، جيڪي سنڌ سلامت تي ئي نظر ايندا، انهن اعزازن جو ڪنهن به رڪن جي ذاتي زندگي سان وابستگي جو ڪو به واسطو نه هوندو، هي اعزاز انتظاميه ان کي ڏئي سگهي ٿي جنهن به رڪن ۾ اهڙي قسم جي صلاحيت محسوس ڪئي وڃي۔ ۽ ٻيا به ڪيترا اهڙا اعزاز اوهان جي ذهن ۾ به هوندا۔
 
ادا ان حوالي سان انتظاميه اڳي به ڪوششون ورتيون آهن۔ هي جيڪو زين فورو تي منتقل ٿيل سنڌ سلامت جو سافٽويئر آهي انهي تي نظر ايندڙ سڀ نوان اطلاع يا ٽائيٽل نثارابڙو جن ڏنا آهن ۽ اوهان جي صلاح تي دوستن جي راءِ اچڻ کان پوءِ ئي انتظاميه پاران ڪو آخري رايو قائم ٿيندو ۔ ذاتي طور منهنجي راءِ اها آهي ته ڪنهن لاءِ به ڪو هڪ اعزاز ڏيڻ ڏکيو ٿيندو۔ ڪير ڪيئن مڃيندو ته هو اديب آهي پر سياسي تجزيه نگار ناهي، تحقيقدان آهن پر مذهبي تجزيه نگار ناهي۔ ۽ اوهان پاڻ ي ٻڌيو ته مٿين اعزازن مان اوهان پاڻ کي ڪهڙو ڏيندؤ؟

ها باقي موجوده اعزاز به تبديلي طلب ضرور آهن جن تي انتظاميه کي غور ڪرڻ کپي۔
 
منهنجا سائين اوهان جي ڳالهه بجا آهي ته پنهنجو پاڻ لا اهڙو اعزاز مقرر ڪرڻ ڏکيو آهي پر جئين هن مهل مونکي سنڌ سلامت پاران سينيئر ميمبر وارو اعزاز مليل آهي ته ڇا مان ايترو سينئر آهيان؟، يقينن نه۔۔پر توهان کان به تمام گهڻو جونيئر آهيان، پر پو به اوهان جهڙن ساٿين جي لسٽ ۾ شمار ٿي رهيا آهيون اها سنڌ سلامت وارن جي وڏي مهرباني آهي، پر هڪ ٻيو به طريقو ٿي سگهي ٿو ته جئين ڪو ماهوار ميگزين جا عهديدار هوندا آهن اهڙي ريت ئي ڪي نوان اعزاز ڏئي سگهجن ٿا جنهن ڪري انهن دوستن جي اعزاز ۾ ويتر چار چنڊ لڳي ويندا۔ هونئن ته سڀئي برابر آهيون هتي ڪو به ڪنهن کان اڳتي نڪرڻ جي ڊوڙ ۾ ڪونهي پر پو به سندن خدمتن جو ڪو نه ڪو اعزاز ڏجي ته سهڻو لڳندو۔
 
دوست منظور ڪلهوڙو صاحب جي سوچ سڄڻن واري آهي ۽ کيس جس هجي جو هو سنڌ سلامت کي وڌيڪ فعال ۽ سهڻي ڪرڻ جا پهه ويٺو پچائي ۔۔۔ لک قرب دوست جا ۔۔۔

هههههههه ۔۔۔۔ کل آئي دوست عبدالحفيظ لغاري جي ڳالهه تي جو جڏهن زين فورو جو ترجمو ٿي ٿيو ته رشيد مونکي ڪجهه لفظ يا جملا موڪليا ته هنن جو ترجمو ڪرڻو آهي ۔۔۔۔ خئير انگريز ته بادشاه قوم آهي، سو انهن جا خطاب ۽ رتبا به پنهنجا ۔۔۔ هڪ خطاب هيو ۔۔۔ شايد ۔۔۔۔ ”Pain in ass> جنهنکي اسين هت سعوديءَ ۾ پي آءَ اي چوندا آهيون) هاڻ آءُ اچي منجهيس ته هن جملي يا خطاب جي سنڌي ڪئين ڪجي ۔۔۔؟؟؟ سوچي سوچي رشيد کي چيم ته يار رشيد! پاڻ کان اهو ڪم ڪونه ٿيندو، تون پاڻ ئي منهن ڏي، سو@ذيشان رشيد، کلي کلي پيٽ ۾ سور چئي وڌيڪ ڪم شروع ڪيو ۽ هاڻ اوهانجي سامهون اهي خطاب ۽ عهدا آهن ۔۔۔۔

خئير ادي منظور جي لفظن مان ڪجهه لفظ چونڊ ڪري سگهجن ٿا پر انهن ۾ جيڪي صرف ڪهاڻيون موڪلن ٿا ته انهن کي ڪهاڻيڪار چئبو پر عمومن هر دوست مختلف ليک موڪلي ٿو، انڪري ڪنهن کي صرف شاعر يا ڪهاڻيڪار چوڻ ڪيئن مناسب ٿيندو ۔۔۔ جيئن سليمان وساڻ، ڪهاڻيڪار به آهي ته مضمونگار به آهي ته تجزيه نگار به آهي ته شاعرن جي شاعري به ونڊ ڪندو آهي ۔۔۔ هاڻ ان گهڻ پاسيئين شخصيت کي ڪهڙو لقب ڏبو ۔۔۔؟؟؟

خئير اڃان دوستن جا رايا اچن ته وڌيڪ سوچبو ۔۔۔۔!!!!
 
هههههههههها،،، منهنجا سائين خير سٺو ٿيو جو مان ڪنهن به اهڙي قسم جو ڪو به اعزاز سڄڻن لا نه جوڙيو آهي جنهن سان اوهان کي پي آ اي يا ٻيو ڪجهه سمجهڻو پوي۔۔۔لک قرب حوصله افزائي لا۔
 
Back
Top