• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڃان مقتلن مان.......

مصور عالم

سينيئر رڪن
اڃان ته مقتلن مان صدائون اچن پيون
خوشبو لهو جي کڻي هوائون اچن پيون
اڃان به سرڪش سرخ موڙ پيا ٻڌن
اڃان به ڪي سچائي سر پيا رکن
مڃون ٿا رهزنو، اوهان جو راڄ آ
اوهان جو تاج آ، اوهان جو تخت آ
پر اڳيان وقت سخت آ،
جڏهن به ڪو حساب ٿيو، اسانجي خون مان ڪو گلاب ٿيو
۽ اسان جو خون انقلاب ٿيو، تڏهن اوهان کي گهرائبو
۽ ٿورو جلائبو، اسان کي آزمايو آ
اوهان کي به آزمائبو.
 
جڏهن به ڪو حساب ٿيو، اسانجي خون مان ڪو گلاب ٿيو
۽ اسان جو خون انقلاب ٿيو، تڏهن اوهان کي گهرائبو

تمام سهڻو نظم ۔۔۔ لاجواب
 
Back
Top