جاويد حسين
سينيئر رڪن
پوڙهو پيءُ سگهي نه ڪمائي، پٽ وڏو ليڊر ٿيو آهي.
مزدوري ۾ لئه ٿي گهٽجي ، ميرن جهڙا خيال پچائي.
گهر ۾ خالي هنڊاٿالهيون، ڇا ته ڪيان قوم هن جون ڳالهيون.
ڪاٽن ڪپڙو جيئن آ نڪتو، هر ڪنهن پني سني ورتو.
ڦوڪيل ڪپڙو جيڪو پائي ، پورهئي کي سو هٿ نه لاهي.
پيٽ نه ڀرجي ڪتاپاليون، ڇا ته ڪيان هن قوم جون ڳالهيون.
پٽ پڙهايم توکي تان تون، پيڙيءَ ڪو سهارو ڏين مون.
بابا پوڙهيو ڪيئن ڪيان مان ، دوست سمورا مونتي کلندا.
امان جون اچ وڪڻي واليون، ڇا ته ڪيان هن قوم جون ڳالهيون.
ٻاهر ڏاڍاٽهڪ ملن ٿا، گهر ۾ بک جا چهبڪ ملن ٿا.
پوڙهيو پيءُ پيو ٻوريون ڊوهي، بک ۾ ننڍڙي ڀيڻ به روئي.
ٻارن جون هن اکڙيون آليون، ڇا ته ڪيان هن قوم جون ڳالهيون.