• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇا پنهنجي هن اڱڻ جي انتظاميه کي ننڍ مان اٿارڻ لاء دهل وڄائڻا پوندا۔

غلام مصطفي ميمڻ

سينيئر رڪن
ڇآ پنهنجي هن اڳڻ جي انتظاميه کي ننڍ مان اٿارڻ لاء دهل وڄائڻا پوندا۔
محترم ميمبرس ڪجه وقت کان اسان کي اهو شدت سان محسوس پيوٿئي ته هن اسان جي ڪکائون اڳڻ جي انتظاميه تمام گهور ننڍ ۾ ستل آهي ، جنهن جي ڪري هن اڳڻ ڏي توجه نه ڏئي رهي آهي۔ مختلف پيارميمبرس پنهنجي اڻڄاڻي جي ڪري پنهنجا ليک تعارف واري شبعي (داڳي) ۾ موڪلين پيا، ايڊيٽر ۽ ٻيا انتطاميه جا سرڪرده حضرت تڪليف ئي نه ٿا گوارا ڪن ته انهن ليکن کي مخصوص داڳي ۾ موڪلين يا نوان دوستن ،جيڪي تعارف واري داڳي ۾ تعارف ڪرائڻ جي بدران پنهنجا ليک، شاعري پوسٽ ڪن ٿا ،جي صحيحي رهنمائي ڪن۔ هاڻي توهان تعارف واري دري کي کوليندا ته تعارف جي بدران مختلف ليک نوان ميمبرس جا اوهان کي ان ۾ نظر ايندا ،جنهن سان ان مخصوص دري جو اصل مقصد ئي فوت ٿئي وڃي ٿو۔ هر ليک پنهنجي مخصوص دري ۾ سٺو لڳندو آهي ۽ پڙهڻ وارن کي هڪ ته ڳولڻ ۾ آساني ٿيندي آهي ٻيو ان سان مليل ماحول ۾ پڙهڻ ۾ مزو ايندو آهي ۔ اسان جا ڪجه دوست جيڪي ٻاهرين ملڪن ۾ رهندا آهن انهن پڻ مٿين ڳاله جي شڪايت ڪئي آهي۔ اسان ۽ اوهان کي خاص طور انتظاميه کي هر ميمبر جي رهنمائي ڪرڻي پوندي تاڪي هو پنهنجو ليک ان مخصوص موضوع واري دري ۾ پيسٽ ڪري سگهي۔
پيارا محترم ميمبرس هر دري ۾ سڀني کان مٿي نئون موضوع لکيل هوندو آهي ،ان تي ڪلڪ ڪري اوهان ان دري جي مناسبت سان پنهنجو ليک لکي ۽ پيسٽ ڪري سگهو ٿا۔جڏهن ته تعارف واري دري ۾ صرف اوهان پنهنجو تعارف،تعليم، مشغل بابت لکندا، نئين موضوع کي ڪلڪ ڪري۔
لڳي ٿوته انتظاميه کي ننڍ مان اٿارڻ لاء اسان کي دهلارين جي مدد وٺڻي پوندي۔ ورنه قانون مونجهارن واري دري ۾ اسان ۽ توهان کي لطيفا پڙهڻ لاء ملندا،مذهب سان وابسط دري ۾ ادب پڙهڻ لاء ملندو ۽ شاعري مختصر نصحيت واري ڪهاڻي ؤ تعارف واري درين ۾ پڙهڻ لاء ملندا۔
واڪا ڪرڻ مون وس وڌيڪ ننڍ ۾ ستل انتظاميه ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔؟
 
هههههه ۔۔۔ ڳاله ته اوهانجي 1000 فيصد صحي آهي پر مون ڪيترائي ليک پنهنجي منزل تي رسايا آهن ۽ ڪيترائي نالا درست ڪيا آهن ۽ ڪيتريون ئي غلطيون به درست ڪيون آهن ۔۔۔ پر پو به ڪم گهڻو آهي، مڙس کپن ۔۔۔۔ مون رشيد احمد کي عرض رکيو هيو ته اڳوڻا ايڊيٽر هاڻ غائب المڪان آهن، انڪري ڪجهه ڪيو پر منهنجو عرض ، عرض ئي رهيو ۔۔۔

خئير وڌيڪ پاڻ سياڻا آهيو ۔۔۔

سدا سلامت هجو ۔۔۔۔
 
هههههه ۔۔۔ ڳاله ته اوهانجي 1000 فيصد صحي آهي پر مون ڪيترائي ليک پنهنجي منزل تي رسايا آهن ۽ ڪيترائي نالا درست ڪيا آهن ۽ ڪيتريون ئي غلطيون به درست ڪيون آهن ۔۔۔ پر پو به ڪم گهڻو آهي، مڙس کپن ۔۔۔۔ مون رشيد احمد کي عرض رکيو هيو ته اڳوڻا ايڊيٽر هاڻ غائب المڪان آهن، انڪري ڪجهه ڪيو پر منهنجو عرض ، عرض ئي رهيو ۔۔۔

خئير وڌيڪ پاڻ سياڻا آهيو ۔۔۔

سدا سلامت هجو ۔۔۔۔
ماشآء الله هن وقت سنڌ سلامت تي ڪافي دوست شامل آهن جن جا ٿريڊ ڏسڻ به ڪافي وقت طلب ڪم آهي ان لاء واقعي مرد کپن۔
 
سائين ميمڻ صاحب اوهانجي هن موضوع جوعنوان پڙهي مونکي لڳوته اوهان انهن انتظامي رڪنن جي ڳالهه ٿا ڪريو جن جي نالي تي ڪلڪ ڪرته آخري سرگرمي ”فهرست ڏسندي“ سابه ڪوٻه مهينا پهرين جي نظر اچي ٿي۔

پر اوهان ته ڳالهه ئي نئين ڪئي۔ اهڙي قسم جا شڪوه اڳي به ٿيا آهن جيئن منهنجي هڪ موضوع جي جواب ۾ عرس پريو ته اصل ڪم ئي لاهي وِڌا هئا۔ بهرحال هي اوطاق جتي محبتي ميڙاڪن جو مرڪز آهي اُتي ميزبانن کان ڪي ڀُل چُڪ ٿيڻ يا ڪي شيون رهجي وڃڻ به اوطاق جي روايتن جو حصو آهن ۽ هو پاڻ به ضرور انهي لاءِ فڪرمند هوندا۔

جيستائين منهنجي پنهنجي راءِ جو تعلق آهي ته اها آئون ٿوري تمهيد سان ڏيندس۔ سنڌ سلامت جي سرموڙ ذيشان رشيد سان کوڙ دفعا اهڙي قسم جا بحث ڇِڙيا آهن ته سندس چوڻ هوندو آهي هي ڪم اڪيلي سر ڪرڻ جا ناهن۔ نه وري ٻه چار ماڻهن جي وس جي ڳالهه آهي۔ توڙي جو انتظامي رڪنن طرفان ڪيڏي به ڪوشش ڪئي وڃي پر سنڌ سلامت تي ايندڙ موضوعن جو تعداد ايترو آهي جنهن کي پنهنجي سيڪشن ۾ رکڻ، انهن جا پروف صحيح ڪرڻ يا انهن تي رايا ڏيڻ نا ممڪن ناهي ته به مشڪل ضرور آهي۔ انهي کان علاوه تقريبن سڀني انتظامي رڪنن تي ٻيون ذميداريون به آهن جيڪي شايد سڀني ميمبرس کي نظر نه به اينديون هُجن۔ پر انهن جو پسِ پرده ڪردار جي نتيجي ۾ ئي سنڌ سلامت ڏينهون مقبوليت ماڻيندي ٿي وڃي۔ ۽ ظاهر آهي هن زندگي جي روز مرهه جي ڪمن جا خفا به ايترا آهن جو مستقل مزاجي سان هڪ فورم هلائڻ ڪا سؤلي ڳالهه به ناهي۔ انهي هوندي به وس آهر ڪوشش جاري آهي۔ رشيد اهي ڳالهيون ڪري آخر اهو ئي پُڇندو آهي ته ڇا ڪجي؟ ايڊيٽرس جو تعداد وڌائجي؟ منهنجي راءِ ته سدائين اها هوندي آهي ته ”نه“۔ ڇو جو انهي سان متان اوهان تي جانبداري جو گُمان ٿئي۔ ايڊيٽر جيڪي ۽ جيترا آهن اُهي ئي صحيح آهن۔ ها باقي اوهان جنهن کي مناسب سمجهو يا رضا ڪارانه طور ڪو ذِمو کڻي ته انهي کي مخصوص اختيار ڏيو۔ مثال طور ڪنهن وٽ پروف (موضوع يا تحرير جي ترميم) جا اختيار هُجن۔ ڪنهن وٽ وري موضوع پنهنجي ٺهڪندڙ سيڪشن ۾ منتقل ڪرڻ جا اختيار وغيره وغيره۔ رشيد انهي تي راضپو ته ڏيکاريو هو۔ پوءِ اڳتي ڇا ڪيائين هو پاڻ بهتر طور ٻڌائي سگهي ٿو۔ يا شايد راءِ عامه جُڙڻ جو انتظار۔

هِتي اهو ضرور لکدس ته هر دفعي جيان انتظاميه جو پاسو وٺي بيهڻ جو منهنجو ٻيو ڪو به مقصد ناهي۔ پر صرف اهو ته اتفاق سان ساڻن ملڻ جُلڻ ڪافي رهي ٿو ته سندن ڪمن ۽ مجبورين کان واقفيت ٿي وئي آهي۔
 
ادا عبدا لحفيظ اسلام عليڪم۔ سائين منهنجا اوهان جي ڳاله کان اسان کي انڪار نه آهي پر انتظاميه اهڙي ڪهڙين اپاء ۾ مصروف آهي جنهن سان هي اڳڻ وڌيڪ مقبوليت پائي رهيو آهي۔ جيڪڏهن شي خوبصورت ۽ سٺي نموني پيش ڪبي آهي ته هو پڙهڻ وارن ۽ مهمانن جي ڌيان کي وڌيڪ ڇڪائيندي آهي پر صرف اسان ۽ توهان رڳو ميمبر وڌائڻ ۾ مصروف ٿئي وڃون ۽ اڳڻ جي خوبصورتي جي طرف خيال نه رکون ته سائين منهنجا پوء اهو ايمپريس مارڪيٽ وارو ڏيک ڏيندو جتي ٽريفڪ بغير ڪنهن اصول يا مخصوص رستي تي هلندي آهي ۽ ايئن پيو محسوس ٿيندو آهي ته اتي ڪنهن قانون يا قائدي جو رواج نه آهي ۽ ايتري ته رش ٿيندي آهي جو ماڻهون بيزار ٿئي پوندو آهي۔ جڏهن توهان هن اڳڻ ۾ مخصوصي دريون مخصوص موضوع وارن ليکن لاء رکيون آهن ته انتطاميه جي اها هڪ اهم ڊيوٽي آهي ته ڏسي ته نوان يا پراڻا هن گهر جاڀاتي صحيحي نموني پنهنجي ليک پيسٽ ڪن پيا يانه ؟ جي نه ته هڪدم انهن جي رهنمائي ڪرڻ گهرجي۔ ادا معذرت سان اڳ ۾ جڏهن به ڪمپويٽر يا ڪنهن ٻئي معاملي ۾ مونجهارو ٿيندو هو ۽ اڃا اهو مونجهارو مخِصوصي دري ۾ پيسٽ ڪيو ويندو هو ته هڪدم ان جا حل ،ان شعبه جا ماهر پيش ڪندا هئا ، پر هاڻي هفتن جي هفتا گذري وڃن ٿا صحيحي جواب نه ٿو ملي۔ تواهان پاڻ ان مخصوص شعبي ۾ وڃي ڏسو ڪافي سارا ڪمپويٽر جي حوالي سان پڇيل سوالن جو صحيحي حل نه ڏنو ويو آهي۔ بهرحال اوهان انتظاميه جي تمام سٺي وڪالت ڪئي آهي ،ان لاء اوهان تعارف جي لائق آهيو۔انتظاميه کي پنهنجا ايڊيٽر وڌائڻ پوندا نه ته هن قسم جي شڪايتن ٻڌڻيون پونديون۔
 
سائين اوهان جي ڳاله صفا صحيح آهي پر سائين اسان ته پڄچڙيوال ماڻهون آهيون ليڪن اوهان جي ڳاله وانگر ٿورو ٿورو وقت هر ڪو ڪڍي ته تب گهڻو ڪجه ٿي سگهي ٿو اسان وقت ڪڍندا سين پر ڪجه وقت کان پوء
 
توڙي جو انتظامي رڪنن طرفان ڪيڏي به ڪوشش ڪئي وڃي پر سنڌ سلامت تي ايندڙ موضوعن جو تعداد ايترو آهي جنهن کي پنهنجي سيڪشن ۾ رکڻ، انهن جا پروف صحيح ڪرڻ يا انهن تي رايا ڏيڻ نا ممڪن ناهي ته به مشڪل ضرور آهي۔ انهي کان علاوه تقريبن سڀني انتظامي رڪنن تي ٻيون ذميداريون به آهن جيڪي شايد سڀني ميمبرس کي نظر نه به اينديون هُجن۔ پر انهن جو پسِ پرده ڪردار جي نتيجي ۾ ئي سنڌ سلامت ڏينهون مقبوليت ماڻيندي ٿي وڃي۔ ۽ ظاهر آهي هن زندگي جي روز مرهه جي ڪمن جا خفا به ايترا آهن جو مستقل مزاجي سان هڪ فورم هلائڻ ڪا سؤلي ڳالهه به ناهي۔ انهي هوندي به وس آهر ڪوشش جاري آهي۔
سائين عبدالحفيظ جن انتظاميه جي وڪالت بهتر نموني ڪئي آهي لڳي ٿو پنهنجو ڪيس سندن حوالي ڪرڻ ۾ ڪاميابي آهي ۔ بهرحال خوشطبعي پنهنجي جاء تي ليڪن اهو ته سڀ دوستن کي معلوم آهي هن دنيا ۾ تقريبا هرڪو مصروف آهي ڪو ٿورو ڪو گهڻو پر مصروفيت هر ڪنهن کي آهي۔ اتفاق سان انتظاميه جا رڪن تقريبا نوڪرين جي ذمه داري به نڀائي رهيا آهن ۽ ڪجهه اضافي مصروفيتن کي منهن ڏيڻ به لازمي پوي ٿو۔ڪجهه سستي به ٿي سگهي ٿي ، اسان سڀني کان وڌيڪ مصروف سائين عبدالرشيد جن هوندا جو کين جي نوڪري به جوابداريء واري آهي ۽ فورم تي ڪم به جوابداريء وارو آهي ، بهرحال ان هوندي به پاڻ احسن نموني نڀائي رهيا آهن باقي ايڊيٽر دوست بنا معاوضي جي رضاڪارانه طور سڏ ۾ سڏ ڏين ٿا اها به سٺي ڳالهه آهي ۔
هڪ دوست خوش طبع مزاج جو مالڪ آهي گهڻو عرصو اڳ هڪ ٿاڻي جي مسجد شريف ۾ پيش امامت ڪندو هو اتفاق سان هڪ ڏينهن هڪ اردو ڳالهائڻ وارو پوڙهو جماعت سان نماز پڙهڻ لاء مسجد ۾ آيو هن جهوني اڃا وضوء مس ڪيو ته پيش امام هڪ اڌ رڪعت پوري ڪري ويو وري اڃا آهستي آهستي نيت ڪري الله اڪبر ڪيائين ته پيش امام رڪوع ۾ وري پوڙهو رڪوع لاء آهستي جهڪيو مس ته پيش امام سجدي ۾ بهرحال پوڙهو ان اسپيڊ کي نه پهچي سگهيو نماز جيئن تيئن پوري ڪري پيش امام صاحب کي شڪايت نوٽ ڪرائڻ لاء ويجهو ٿيو
مولبی صاحب بات تو سنو اتنی تیز نماز پڑھاتے ہو ہم پہنچ نہیں سکتے یار کچھھ تہ خیال کرو
ان وقت ان پيش امام جي پگهار 25 روپيه هئي مولوي صاحب ان کي جواب ڏنو ته
چاچا 25 روپے میں نماز ایسی ہوتی ہے۔

سو ان جي ڳالهه وانگر مفت ۾ ايڊيٽنگ ائين ئي ٿيندي۔ معذرت سان ۔ليڪن حقيقت ۾ هن وقت فورم تي ايتريون ته تحريرون اينديون آهن جو مان ڪافي ڪوشش جي باوجود نه پڙهي سگهندو آهيان ڪن دوستن جي تحرير پڙهڻ تي دل چاهيندي آهي ته بجلي غائب يا ڊيوٽيء جو ٽائيم اٿڻ تي مجبور ڪندو آهي ٻين دوستن سان به ڪا اهڙي ڪنڊيشن هوندي۔ ان جي باوجود اگر ڪو دوست نشاندهي ڪرائي ته ان جو حڪم سر اکين تي ان جي حڪم جي تعميل ڪئي ويندي۔ يا ڪو رضا ڪارانه ان ڪم کي سرانجام ڏيڻ لاء تيار آهي ان کي به خدمت جو موقعو ڏنو ويندو۔
 
محترم سائين غلام مصطفى ميمڻ صاحب سلام قبول پوي

اوهان جي ڳالهين سان متفق آهيون پر نيٽ تي دهلن وڄائڻ سان ڪجهه ڪونه ٿيندو دوستن کي ذاتي پيغام ۽ فون ڪري جاڳائڻ جي ضرورت آهي۔ سچ پڇو ته زندگيء جي وٺ وٺان ۾ ايترو ته مصروفيتون وڌيون آهن جو اهي دوست جيڪي وقت ڏئي ڪم ڪن ٿا انهن کي جس ڏيڻ کانسواء رهي نه ٿو سگهجي ۽ ڳالهيون اوهان جو به 100 فيصد درست آهن ته جڏهن فورم جون تحريرون ئي درست انداز سان پيش ڪيل نه هونديون ته پڙهڻ واري تي ڪو سٺو تاثر نه ويندو۔

مان مڃيان ٿو ته اسان جي انتظامي رڪنن مان ڪجهه دوست اهي سينيئر دوست ئي ڇو نه هجن اهي فورم تان غائب آهن۔ ان جا ڪي سبب به ناهن ۽ نه ئي وري هنن ڪڏهن اهڙي ڪا ڳالهه پيش ڪئي آهي، ۽ ڪجهه دوست وري پنهنجي روزگار سبب به گهڻو مصروف ٿي ويا آهن۔ پوء به ڪوتاهين تي معافي جا طلبگار آهيون۔

مان ڪوشش ڪندو آهيان ته هر ليک پڙهان ۽ گهڻو ڪري سڀ ليک پڙهندو آهيان۔ اڄ به فورم تي ايندڙ ليکن مان 80 فيصد غلط ڪيٽگريز ۾ آيل آهن جن تي ڪم ڪيان پيو۔ سائين سچ پڇو جيڪڏهن اهوئي ڪم ڪبو ته پوء نه ته ڪو پروجيڪٽ مڪمل ڪري سگهبو ۽ نه ئي ڪو ليک لکي سگهبو۔

اسان جا ڪجهه دوست سنڌ سلامت جي اهم پروجيڪٽس تي ڪم ڪرڻ سبب به مصروف آهن، پر ان جو مقصد قطعي اهو ناهي ته ڪا جسٽيفيڪشن پيش ڪري اوهان جي ڳالهه کي رد ڪجي ۔۔۔۔ ڪڏهن به نه ۔۔۔ اوهان جون ڳالهيون سچ آهن۔ پر ڳالهه اها آهي ته اسان وٽ وقف ٿيل دوستن جي کوٽ آهي جيڪي پنهنجون ذميواريون مڪمل نڀائي سگهن۔

اچو ته فورم جي نئين سر جوڙجڪ ڪيون، نون دوستن کي ذميواريون ڏيون ۽ هڪ نئين پلاننگ سان ڪم ڪيون۔ ان لاء دوست هڪ نئين ڪچهري جو آغاز ڪن، پنهنجا رايا ڏين ۽ انتظامي دوست به پنهنجون مجبوريون ٻڌائن ۽ نوان دوست به پاڻ کي ذميوارين لاء وقف ڪن۔

لک ٿورا اوهان فورم جي سونهن وڌائڻ لاء هي ڌاڳو شروع ڪيو ۔
 
سائين غلام مصطفي ميمڻ صاحب جن جي مهرباني جن سنڌ سلامت تي پيش ايندڙ مونجهارن کي درست ڪرڻ لاءِ هڪ انوکي انداز سان پنهنجا خيال پيش ڪيا۔۔
ڪجهه انتظامي رڪنن پنهنجي دفاعي انداز سان وضاحتون پڻ ڏنيون۔۔۔ ۽ مهرباني منهنجي دوست عبدالحفيظ لغاري جن جي به جن منهنجي خيالن کي پيش ڪيو۔۔
بحرحال هن اهم مسئلي تي بحث ڪرڻ لاءِ انتظاميا طرفان هڪ خاص ڪچهري ۾ غور فڪر جاري آهي ۽ ڪجهه عملي قدم پڻ کنيا ويا آهن۔۔۔ جن کي اڳتي هلي سڀني رڪنن اڳيان پڻ پيش ڪبو۔۔۔ اميد ته آئنده سنڌ سلامت تي اهڙين شڪايتن ۾ گهٽتائي نظر ايندي۔۔

لک لائق
 
محترم غلام مصطفى ميمڻ صاحب دهل وڄائڻ واري ڳالهه ڪري اسان جهونن کي توهان ننڊ مان جاڳايو آهي، ڇا ڪريون ، سُتل قوم جا سُتل فرد آهيون ، ان ڪري پير پساري سمهي رهندا آهيون۔

ننڊ نڀاڳ جي اهڙي آئي،​
اوجاڳن کي آڳ لڳي وئي۔​
توهان جا ٿورا جو اسان کي لاکيڻي لطيف جي فلسفي:​
سُتا اُٿِي جاڳ ننڊ نه ڪجي ايتري،​
سُلطاني سُهاڳ ننڊون ڪندي نه ملي۔​
تي جاڳائي سنڌ سلامت لاءِ جاڳي فرض سمجهي سنڌ سلامت جي هن محبتي اڱڻ تان سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي تلقين ڪندي ناتو نينهن نڀائڻ جي تلقين ڪئي آهي، توڻي جو 53 هين سال جي هن عمر ۾ جڏهن انسان تي پيري جا سايا روايتي سُسستي کڻي اثر انداز ٿيندا آهن مان ته حد کان وڌيڪ سستي جي ور چڙهي ويو آهيان ان هوندي به ڪوشش ڪندس ته سنڌ سلامت جي هن محبتي اڱڻ کي اڃان به حد کان وڌيڪ وقت ڏيان۔ اسان جي سنڌ سلامت تي توهان جهڙا ٻه ٽي ٻيا به ڀير تي ڏونڪو وڄائڻ وارا لازمي هُجن جو هو اسان سُتلن جي ڪنن تي تُوتاڙا، ۽ دُهلن تي ڏونڪن جا وسڪارا لاهي ڇڏين ته يقينن اسان ننڊ مان جاڳي پونداسين ۽ پنهنجي فرضن جي ادائگيءَ جي پوري ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ڪانه ڇڏينداسين۔ انشاالله توهان جي هڪ ڀيرو وري مهرباني اسان کي ننڊ مان اُٿارڻ جي۔​
 
ادا سليمان وساڻ صاحب نيٺ دهل پنهنجو اثر ظاهر ڪري ڇڏيو ۽ اوهان جو تخمينو غلط ثابت ٿيو ، اوهين پاڻ ڏسو اسان جو جهونو (جوان) محترم نثار ناز به آخر ڪار منظر عام تي اچي ويو ، انشاء الله ميلا مچندا دوست پنهنجي ڪارگردگي ۽ ايڪٽيوٽي بروئي ڪار آڻيندا ، شابس هجي اسان جي محترم دوست سائين غلام مصطفى ميمڻ صاحب جن کي جو وقت سر اهڙا قيمتي ونڊ آڻي اسان کي جوش ۽ ولولو پيدا ڪري سستين کي دور ڪندو رهندو آهي ۔ اسان کي اهڙن دوستن تي فخر آهي ۽ دعاگو پڻ آهيون ته سندن سنڌ سلامت لاء اهڙيون ڪاوشون مستقل هجن ۔
نوٽ : ايڊيٽر حضرات کي به هٿ ادب سان ٻڌي عرض آهي ته سنڌ سلامت جو جيڪو ڪم انهن کي سونپيو ويو آهي تنهن ۾ فعاليت ڏيکارن ، ائين به ڏٺو ويو آهي ته دوست پنهنجو خاص غرض لاء ته انٽر ٿين ٿا باقي جڏهن سنڌ سلامت لاء ڪو ڪم هوندو اٿن تنهن ۾ سستي جو مظاهرو ڪندا نظر ايندا ۽ ڪجه دوست ته گهڻي عرصي کان پنهنجي ڪارگردي ته ڇا مورڳو سنڌ سلامت تي انٽر به نٿا ٿين جيڪر انهن وٽ ٽائم نه آهي ته انهن جي جاء ته نوان فعال دوست کان مدد و ٺي سگهجي ٿو ، اميد آهي ته انتظاميه هيڏاهن به توجه ڏيندي ، ڪا ڳالھ ڏکي لڳي ته اڳواٽ معذرت !
 
دُهل وڳا دوست موٽيا، عزم ورجائي حوصلا بلندي ڪري ارادن کي تازگي بخشي اهو سڀ خوب ٿيو۔
هن موضوع جي جواب ۾ سواءِ مست ، ڦلپوٽو فقير ۽ عامرضياء چارڻ جي سڀني جا جواب/وضاحتون اچي چُڪا آهن۔ انهي مان تَتُ اهو ٿو نِڪري ته ڪم گهڻو آهي۔ ۽ سنڌ سلامت جو ڪم سواءِ سنڌ ۽ سنڌ سنڌين جي پرچار جي ٻيو ڪنهن به غرض لاءِ ناهي۔ سو هي ڪم هڙان وڙان ڏيئي ڪيو پيو وڃي۔
جيڪڏنهن انظاميه مناسب سمجهي ته منهنجي هڪ صلاح آهي ته هڪ اهڙو پرومو يا ليک تيار ڪيو وڃي جنهن ۾ سڀني ميمبرس محترمن کي تاڪيد ڪجي ته هُو جنهن موضوع کي غير مُتعلقه سيڪشن ۾ ڏسن يا ڪنهن ليک ۾ پروف جي غلطين جي گهڻائي ڏسن ته ڪنهن هڪ جاءِ تي اطلاع ڏيئي ڇڏين يا نشاندهي طور ڪجهه لکي پيغام ڇڏين۔ ڪٿي؟ اهو انتظاميه بهتر ٻڌائي سگهي ٿي۔ اميد ته انهي سان ڪم به تڪڙو نبرندو ۽ ايڊيٽرس کي به آساني ٿيندي۔
 
السلام عليڪم سنڌ سلامت فورم جا دوستو
سڀ کان پهريائين ته مان سائين غلام مصطفي ميمڻ صاحب جو ٿورائتو آهيان جنهن فورم تي هڪ انهايت ئي اهم مسئلي طرف ڌيان ڇڪايو آهي
دوستو سنڌ سلامت فورم تي ماشاالله پهريائين واري ٽريفڪ ۽ هاڻي ۾ ڪافي فرق آهي ڪافي نوان دوست اچن پيا نوان نوان ٿريڊ اچن پيا سنڌ سلامت فورم کي وڌيڪ سهڻو بنائڻ خاطر ادا رشيد ڏينهن رات محنت ڪري نوان نوان پروجيڪٽ پيو متعارف ڪرائي جيڪو هڪڙوسٺو عمل آهي هاڻي مسئلو آهي انهن سڀني پروجيڪٽس کي ڏسڻ ، پروف ريڊنگ،ٿريڊس موو ڪرائڻ، دوستن کي موضوع اندر جواب ڏيڻ ۽ وري ان موضوع کي فالوڪرڻ ........ انهن سڀني ڳالهين ۾ گهربل آهي وقت ، دوستو مان هتي پنهنجي وضاحت ڪندو هلان ته ڪجهه وقت اڳ ۾ مان بلڪل فارغ هوندوس ته سڄو ڏينهن فورم تي گذرندو هو هاڻي صحافت جي شروعات ڪئي آهي ڏينهن ڪيئن پيو گذري خبر ئي نه پئي پوي ٻئي گالهه ته گهر جون سڀ ذميداريون به مٿان اچي ويون آهن وري افسوس ته اٺ ڏهه ڏينهن اڳ امڙ گهر ۾ ڪم ڪندي پير ترڪڻ سبب ڪري پئي سندس ٽنگ ٽٽي پئي کيس سکهر وٺي ويس ڊاڪٽر چوڻ مطابق ته سندس ٽنگ چئن جڳهن کان ٽٽي پئي آهي ان جي خدمت ڪرڻ ۾ وقت ٿو ڏيڻو پئجي وڃي رات جو ڪافي دير تائين مان فورم تي موجود هوندو آهيان (رات جو بجلي جو مسئلو به ڪڏهن ڪڏهن ٿيندو آهي) رات جو جيڪو ٿئي سگهندو آهي ڪم ڪار ڪندو آهيان سنڌ سلامت فورم تي اسان ڪافي ڪجهه سکيو اهي ۽ هتي منهنجا استاد موجود آهن جيڪو به وقت ملندو سنڌ ۽ سنڌيت جي لا۽ حاضر آهي باقي ادا حفيظ جي چوڻ مطابق ته ڦلپوٽو فقير هن موضوع ۾ جواب ناهي ڏنو سو ادا حفيظ عرض ڪندو هلان ته فلم ۾ هيرو هميشه آخر ۾ ايندو آهي ....
هههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههه
قرب دوستو
سدائين گڏ
 
سڀ کان پهرين سائين ڦلپوٽو فقير جي امڙ جيجل جي صحتيابي لا سڀني سڄڻن کي دعا جي اپيل ڪندس۔ ۽ دل سان دعا آهي ته شل اوهان جي جيجل جلد کان جلد صحتياب ٿئي ۽ اسان هڙني جي والدين تي الله پاڪ پنهنجو رحم ۽ ڪرم عطا ڪري۔ آمين۔۔

اڃا رُڃ مان رڙ اچي ٿي اچي ٿي۔۔۔ متان ائين سمجهين مُئا مور سارا۔۔

سنڌ سلامت جي سڀني کاهوڙين کي سڪ ۽ اڪير منجهان اسلام عليڪم، سائين غلام مصطفي ا ميمڻ صاحب جن جا قرب جو انهن هي موضوع پيش ڪري اسان کي جاڳائي وڌائين، واقعي اگهُور ننڊ پيل هئا سين۔ اسان جي جيڪا ذميداري ٺهڪي ٿي اها سهڻي نموني انجام نه پئي ڏني سين، ڪجهه ڏينهن اڳ شايد دوستن کي ياد هجي ته ان ئي سلسلي سان لاڳاپيل مون به هڪ موضوع پيش ڪيو هيو ته اسان جا اهي دوست جيڪي سنڌ سلامت جا مختلف اعزاز رکن ٿا انهن ۾ ڪجهه تبديلي آڻجي۔۔ ان تبديلي آڻن جو ٻيو ڪو اهڙو مقصد نه آهي پر انهن اعزازن کي ملڻ کان پو ڄڻت هڪ ذميداري ملي پوندي ۔ ۽ هر ڪو پنهنجي اعزاز جي آڌار تي پنهنجو پنهنجو ڪم سهڻي نموني سر انجام ڏيندو۔۔۔ مان پاڻ بابت ٻڌائيندو هلان ته مان جنهن اداري ۾ ڪم ڪري رهيو آهيان جيتوڻيڪ اتي ڪم ڪار گهڻو آهي، پر پو به مون لا هڪ ڪمپيوٽر مخصوص ٿيل آهي جنهن ڪري جيڪو به وقت ملندو آهي مان سنڌ سلامت تي موجود رهندو آهيان۔ ۽ مان گهڻو ڪري موڪل صفا نه ڪندو آهيان جنهن ڪري مان سمورو هفتو آفيس ئي هوندو آهيان جنهن سبب سٺو وقت ملي ويندو آهي۔ ان ئي ڪري مان سنڌ سلامت جي ڊجيٽل قرآن پاڪ پراجيڪٽ جي سلسلي ۾ 150 صفحا به لکي سگهيو آهيان۔۔۔هاڻ جيڪڏهن انتظاميه ڪو فيصلو ڪري ٿي ته ڪنهن کي ڪو ڪم سونپجي ته مان ذاتي طور تي حاضر آهيان هر ممڪن ڪوشش رهندي ته پنهنجي وقت مان ٿورو وقت ڪڍي سنڌ سلامت کي ڏيان۔۔ سدائين گڏ
 
ادا ڦلپوٽو فقير اسلام عليڪم۔ اوهان جي والده، جيڪي توهان سان دوستي ۽ ڀائيچاري جي رشتي اسان جي به والده ٿين جي ٽنگ چئن جڳهن تان ڀڄڻ جو ٻڌي اسان کي انهن جي صحت جي باري ۾ ڪافي تفشيش ٿئي پئي آهي۔ الله پاڪ انهن کي صحت ڪامل عطا فرمائيندو۔ سائين منهنجي والده جي محبت ۽ زندگي ۾ ڪمي ڇا هوندي آهي ؟ اهو توهان اسان کان پڇوء جن جي والده ڪجه سال اڳ ۾ هن دنيا مان رخصت ٿئي ڪري اصلي مقام ڏانهن روانا ٿئي ويون۔ اسان اڄ جنهن مقام تي آهيون اهي اسان جي والده جي دعائون جو نتيجو آهي ۔ اهو دعائون جودر جيستائين حيات هو اسان جي لاء هر مصيبت ۽ ڏک جي سامهون آهني درواز مثل انهن کي اسان کان پري رکندو هيون۔ خوش نصيب آهن اهئي شخص جن جا والدين يا والده اڃا تائين زنده آهي۔ ڇا ته انهن عظيم شخصيتن جي شفقت هوندي آهي جو پاڻ کي تڪليف ڏئي اسان اولاد کي سک پهچائڻ جي ڪوششن ۾ لڳا پيا هوندا آهن ۔ والدين جو ڪوبه نعيم البدل نه ٿئي سگهندو آهي۔توهان جي والده جي جسماني تڪليف جو ٻڌي اسان جي اکين مان ڳوڙهن جون مينهن وسڻ لڳو آهي۔ الله پاڪ اوهان جي ان دعائون جي در کي توهان جي سر تي گهڻي عرصي لاء قائم رکي۔ ادا سائين ڊاڪٽر صاحبان اوهان جي والده جي ڀڳل ٽنگ جي باري ۾ ڇا ٿا چوان۔ انهن جي علاٍج ۾ اوهان کي ڪنهن قسم جي تڪليف ته پيش نه اچي رهي آهي ۔ ادا جيڪڏهن ڪابه تڪليف ان سلسلي ۾ آهي ته مهرباني ڪري اسان کي ٻڌائيندا ۔ انشالله اسان ڪوشش ڪنداسين ته ان سلسلي ۾ اوهان جي مدد ڪري سگهون۔ ادا هن وقت اوهان جي والده کي اوهان جي تمام گهڻي ضرورت اهي، توهان انهن ڏي توجه ڏيو ۽ ٻيا سڀ ڪم ڇڏي ڏيو۔ هن اڱڻ تي ايڪٽوٽيز ته پوء به هلنديون رهنديون پر توهان لاء هن وقت اهم ڳاله اسانجي ۽ اوهانجي والده جي صحت آهي ، مهرباني ڪري ان ڏي توجه ڏيندا۔الله پاڪ توهان ۽ اسانجي والده کي تمام جلدي صحتيابي عطا فرمائي۔
 
امڙ جيجل جي عظمتن جي باري ۾ چا لکجي، پر مون وٽ هڪ سرائيڪي زبان ۾ هڪ منقبت آهي، اڪثر ڪري جڏهن اداسي جي ڪُن ۾ ٻڏجي ويندو آهيان ته اهو ٻڌي وٺندو آهيان، ڇا ته سڪ ۽ سوز منجهان ان همراه اها منقبت پيش ڪئي آهي جو ڪٺور دل انسان به ڳوڙهن جا سمنڊ وهائي وجهي، هيٺ اوهان لا ۽ انهن سڀني جي امڙين جي عظمت کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لا سنڌي ۾ ترجمو ڪري پيش ڪري رهيو آهيان اميد ته خلوص جو اظهار ڪندا۔ الله پاڪ هڙني جي امڙين کي صحت عطا ڪري، ۽ جن جون هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو آهن انهن جي مقام جنت جي اعلي ا عهدي تي فائز ڪري۔ آمين

عظمتون ڇا ڇا بيان ڪجن ما جون
۽ ياد جڏهن پئجي وڃن وفائون ما جون
ٻڏل ٻيڙي کي تاري ٿيون ڇڏن دعائون ما جو
۽ جيستائين ٻچڙو پنهنجي گهر نٿو اچي
ته هر ويل رهن اکڙيون در تي ما جون
۽ هر ويل رهن اسان تي ڇانورو ڪري
مٺڙيون، ٿڌڙيون، ٻڍڙيون ڇانئون ما جون
مان گنهگار، گندڙو ته ڪجهه به نه آهيان
چُميون پيرن جو تليون اوليائن به ما جون

رب قادر ڪريم ۽ رحيم آهي اهڙو
ڪوبه ڪونهي الله جي ذات جهڙو
بعد رب کان سموري ڪائنات جي اندر
ڪو به ڪونهي رحمت اللعالمين صه جهڙو
پو دنيا داري جي سڀني رشتن جي وچ ۾
ڪو به ڪونهي ما جيجل جي رشتي جهڙو
پُٽ ڪيڏو به زماني جو غوث هجي،
ناهي ما جي پيرن جي خاڪ جهڙو

جهولي امڙ جي آهي درسگاهه پهرين
اتان زندگي جونسب العين بڻجندو آهي
اتان ئي داتا خواجه فريد بڻجي
ڏُکايل دلين جي واسطي سڪون بڻجندو آهي
جيڪڏهن ما شرم و حيا  جي پيڪر آهي
ته پو پُٽ به غوثِ ثَقلين بڻجندو آهي
سيده خاتونِ جنت جي امڙ هجي ”صابر“
ته پو پُٽ به ”سخي حسين رضه“ بڻجندو آهي

ٻن جهانن ۾ جيڪڏهن تون سک ٿو گهرين
مان ٻڌايان هڪ عمل اهو ڪري ڏسندو ڪر
جنهن حال ۾ امڙ هجي راضي ان حال ۾ جيئندو ڪر
ما اڳيان ڪڏهن به وڏي واڪي نه ٻولجان
ما اڳيان پنهنجي زبان کي سبيِ ڇڏيندو ڪر
جڏهن به توکي سڪون جي گُهرج هجي
ته پير ما جا ڌوئي ڪري پي ڇڏيندو ڪر

ڇو ته ڪملي واري محبوب صه رب جي
عزت ما جي اُها ڪري ڏيکاري
ايندي ڏسي مائي حليمه رضه کي ڪملي واري صه
پنهنجي ڪملي واري چادر وڇائي ڏني
محبوب صه جي يارن عرض ڪيو اي سهڻا! صه
اها ڪير هُئي جنهن کي اوهان ڪملي وڇائي ڏني
فرمايو نبي صه ته اها منهنجي ما آهي
جنهن جي سيني ۾منهنجي پالڻهار منهنجي غذا رکي۔۔

عظمت ان انسان جي وڏي هوندي آهي
جنهن کان راضي ان جي ما هجي
جيڪو جهُڪندو آ، ما جي پيرن هيٺان
اهو ماڻهو زماني تي مٿانهون هوندو آهي

حضرت اويس وانگر ما جي جيڪو قدر ڄاني
قائم ان جونالو سدا زماني ۾ هوندو آهي
رب به چوي ٿو موسي ا کي ته سنڀلجي اچ
ڇو ته تنهنجي سِر تي هٿ هاڻ ما جو ڪونهي۔۔


اڃا به وڌيڪ ڪجهه ٻول آهن اهي وري پو اوهان جي نظر ڪندس۔۔دعائن ۾ ياد ڪجو
 
محترم عبدالوحيد ڦلپوٽو اسان جو پيارو ڀاء آهي ان جي پياري امڙ جي تڪليف جو پڙهي بيحد دل اداس ٿي پئي رب ڪريم کان دعا آهي ته الله تعالى سائين جي والده سڳوري کي جلد شفاعطا فرمائي۔
 
ادا منظور ڪلهوڙو صاحب اسلام عليڪم۔ ادا الله پاڪ اوهان کي هميشه پاڻ وٽ منظور فرمائي۔ توهانجي ليک ته اسان جي اکين مان نيرن جا درياه واهائي ڇڏيا۔ بيشڪ الله پاڪ ،پياري نبي سائين جن جي عظيم هستن کانپوء جيڪڏهن ڪا ٻي هستي هن دنيا ۾ عظمت جي قابل آهي ته اها ماء جي آهي۔الله پاڪ ان هستي کي عظمت ڏيڻ لاء توهان ۽ اسانجي تخليق هن دنيا ۾ ماء جي پيٽان ڪئي آهي۔ ماء جهڙو عظيم رشتو نه ڪو ٻيو آهي نه ڪو ٻيو ٿئي سگهي ٿو۔ اسان جي هر ان انسان ؤ ميمبر هن اڱڻ جن جي والده زندو آهي کي گذارش آهي ته ان عظيم هستي جو دل ؤ جان سان قدر ڪيو، هن کي ڪنهن قسم جي تڪليف نه ڏيو، هن جي ايئن خدمت ڪيو جيئن هن اوهانجي ننڍپڻ ۾ ڪئي هئي۔اسان جيڪڏهن پنهنجي سڄي زندگي کي به پنهنجي ماء کي ارپنا ڪيون تڏهن به انهن جي ٿڃ ؤ راتن جا اسان لاء اوجاڳن جو قرض نه ٿا لاهي سگهون۔ماء جي خدمت ۾ عظمت آهي، خدارا ان عظمت کي حاصل ڪيو۔
 
ادا ڦلپوٽو فقير اسلام عليڪم۔ اوهان جي والده، جيڪي توهان سان دوستي ۽ ڀائيچاري جي رشتي اسان جي به والده ٿين جي ٽنگ چئن جڳهن تان ڀڄڻ جو ٻڌي اسان کي انهن جي صحت جي باري ۾ ڪافي تفشيش ٿئي پئي آهي۔ الله پاڪ انهن کي صحت ڪامل عطا فرمائيندو۔ سائين منهنجي والده جي محبت ۽ زندگي ۾ ڪمي ڇا هوندي آهي ؟ اهو توهان اسان کان پڇوء جن جي والده ڪجه سال اڳ ۾ هن دنيا مان رخصت ٿئي ڪري اصلي مقام ڏانهن روانا ٿئي ويون۔ اسان اڄ جنهن مقام تي آهيون اهي اسان جي والده جي دعائون جو نتيجو آهي ۔ اهو دعائون جودر جيستائين حيات هو اسان جي لاء هر مصيبت ۽ ڏک جي سامهون آهني درواز مثل انهن کي اسان کان پري رکندو هيون۔ خوش نصيب آهن اهئي شخص جن جا والدين يا والده اڃا تائين زنده آهي۔ ڇا ته انهن عظيم شخصيتن جي شفقت هوندي آهي جو پاڻ کي تڪليف ڏئي اسان اولاد کي سک پهچائڻ جي ڪوششن ۾ لڳا پيا هوندا آهن ۔ والدين جو ڪوبه نعيم البدل نه ٿئي سگهندو آهي۔توهان جي والده جي جسماني تڪليف جو ٻڌي اسان جي اکين مان ڳوڙهن جون مينهن وسڻ لڳو آهي۔ الله پاڪ اوهان جي ان دعائون جي در کي توهان جي سر تي گهڻي عرصي لاء قائم رکي۔ ادا سائين ڊاڪٽر صاحبان اوهان جي والده جي ڀڳل ٽنگ جي باري ۾ ڇا ٿا چوان۔ انهن جي علاٍج ۾ اوهان کي ڪنهن قسم جي تڪليف ته پيش نه اچي رهي آهي ۔ ادا جيڪڏهن ڪابه تڪليف ان سلسلي ۾ آهي ته مهرباني ڪري اسان کي ٻڌائيندا ۔ انشالله اسان ڪوشش ڪنداسين ته ان سلسلي ۾ اوهان جي مدد ڪري سگهون۔ ادا هن وقت اوهان جي والده کي اوهان جي تمام گهڻي ضرورت اهي، توهان انهن ڏي توجه ڏيو ۽ ٻيا سڀ ڪم ڇڏي ڏيو۔ هن اڱڻ تي ايڪٽوٽيز ته پوء به هلنديون رهنديون پر توهان لاء هن وقت اهم ڳاله اسانجي ۽ اوهانجي والده جي صحت آهي ، مهرباني ڪري ان ڏي توجه ڏيندا۔الله پاڪ توهان ۽ اسانجي والده کي تمام جلدي صحتيابي عطا فرمائي۔

سائين توهان جا قرب جو توهان مون فقير جي ايتري پرگهور لهو پيا الله پاڪ کان دعا آهي ته الله پاڪ توهان کي پڻ پنهنجي ٻچڻن سان خوش و خرم رکي .​
سائين پهريائين ته ڊاڪٽر ايڪسري وغيره ڪرايا هئا پو۽ ڪچو پٽو چاڙيو هئائين اٺن ڏينهن کان پو۽ ڪچو پٽو لاهي ڪري پڪو پٽي ڪئي اٿائون ۽ ڏيڍ مهينو جو ٽائيم ڏنو اٿائين اڄ ان کي به ٻارهون ڏينهن آهي الله ، الله جو حبيب ڪندو ته امڙ جي ٽنگ درست ٿئي ويندي .​
تمام دوستن سائين منظور عباسي ، رحيم بخش صاحب ۽ ٻين دوستن جا ٿورا جن کي خبر پوندي ۽ ڪال ڪري خبر چار ورتائون .​
سدايئن گڏ​
 
Back
Top