پيرن فقيرن جي سنڌڙي سونهاري

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏19 ڊسمبر 2012۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]

    چيو ويندو آهي ته؛
    پيرن فقيرن جي سنڌڙي سونهاري ... پراڻو زمانو هوندو هو ته پير ۽ فقير ڪي ورلي ملندا هئا، ماڻهون انهن کي ڳولهيندا هيا ته ڪٿي ڪو پير يا فقير ملي وڃي ته خئير ڪڍجي يا ڪا رمز معلوم ڪجي ... اڳي فقير به سلڇڻا ۽ علم وارا هوندا هيا، جيئن وتايو فقير، جمعو فقير يا اهڙا ڪيترائي فقير هوندا هيا جيڪي علم جو سمنڊ رکندا هيا ... جن کي خئير ڏيندي ائين لڳندو هو ته ماڻهون واقعي ڪو خئير ڪيو هجي ....

    فقير هڪ رتبو ڳڻايو ويندو آهي، جنهن ۾ اهو انسان پاڻ وساري بلڪل فقير حال ڪري پيو عام ماڻهن کي حقيقت جون رمزو ٻڌائيندو آهي ... مطلب فقير هڪ اعلا مقام آهي ...

    پر اڄڪلهه سنڌسموري فقيرن سان ائين ڀرجي وئي آهي جيئن موسمي مڇرن سان سچل ڳوٺ جون گهٽيون ڀرجي وينديون آهن جو ٻاهر شام جو ماڻهون ويٺو ناهي ته منهن مٿو پٽي ويندا آهن ....

    اوهان گهر ۾ ننڊ پيل هجو ... اهڙي ته گهنٽي وڄندي جو ماڻهون سمجهندو ته ٻاهر ڪو زلزلو اچي ويو آهي پر ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ نوجوان جوڳي فقير نظر ايندو ۽ اوهانکي ڪاوڙ مان ڏسندي چوندو ته بابا گهنٽي ئي نٿا ٻڌو، دير ڪري آيا آهيو، جلدي خيرات ڏيو ته هو ٻيا در کڙڪائي ...

    روڊ تي هلندي اوهان ڪنهن خيال ۾ ويندا ته اوچتو فقير اوهانکي ٻانهن کان پڪڙي چوندو، سائين ڀوتار، اوهانجي کيسي ۾ اسانجو به حصو آهي، ڏيو نه ته اهڙي پٽ ڏيندوسانوَ جو اڄ ئي ڦٿڪي مرندا ...

    مارڪيٽ ۾ اوهان ڪنهن حساب ڪتاب سان خريداري ڪندا ته اوچتو هڪ به نه ٻه ٻه ٽي ٽي فقير اوهان کي ورائي ويندا ۽ اوهانجو مٿو ڀنڀوريءَ جيئان ڦيرائي ويندا ... اوهان واڱڻن جي جاءِ تي ميها وٺي گهر پهچندا ...

    اوهان ڪنهن کوکي تي کائڻ پيئڻ لاءِ بيهندا ته دنيا ڀر جا بکايل اچي اوهان کان کائڻ جي فرمائش ڪندا، بس پوءِ اوهان جي بک وئي ... جي ڏيو ته اوهان بکيا ۽ جي نه ڏيو ته پٽ پاراتن جي ڀوَ ۾ ... بک وڃي ڪکيون کڻندي آهي ...

    ٻِيو ته ٺهيو، هاءِ وي تي 150 جي رفتار سان گاڏي هلائيندي اوچتو سامهون فقير ۽ فقيرياڻيون، مختلف روپن ۾ سامهون اچي ويندا ... اوهان زوردار بريڪ هڻي کين بچائيندا ۽ جي ٿوري بي احتياطي ٿي ته اوهانجي گاڏي کامي ۾ .... انڪري هاءِ وي تي هلڻ کان اڳ پاڻ سان 500 روپين جا کليا رکندا ... ۽ 100 جي رفتار کان مٿي نه ويندا ... نه ته الله خئير فقير ته بچي ويندا اوهان مشڪل ۾ هوندا ....

    مطلب ته پاڪستاني حڪمران پاڻ ته بين الاقوامي فقير ٿي پنهنجا بئنڪ اڪائونٽ سوئزرلينڊ ۾ ويٺا ڀرين ۽ قوم کي لوڪل فقير ڪري ڇڏيو اٿن، جيڪي نه فقط پنن ٿا بلڪ ڏوهه به ڪن ٿا ۽ پوري قوم کي ڪرڀ ۽ ڪرود ۾ الڳ وجهي ڇڏيو اٿن ....

    الله جو ڪو قهر ڪري ظالمن ۽ جاهلن جي قوم تي .... آمين
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    حق حق ۔۔۔۔۔۔ بابا فقيرن سان نه ڦٽايو ۔۔۔

    سائين ياد رکو ته اسان وٽ ٻه فقير آهن سنڌ سلامت تي اسان وارو لوڪل فقير ڦلپوٽو فقير جيڪو اڄڪلهه لڳي ٿو ٽيم سان گڏ ڪنهن خاص مشن تي آهي، ۽ ٻيو اسان وارو انٽرنيشنل فقير علي علي جيڪو به اهم مشن تي آهي۔

    باقي ڪراچي جي چونڪن تي هاڻي انهن فقيرن بجاء کدڙن فقيرن جا ڪٽڪ اچي گڏ ٿيا آهن ۔۔۔ ال امان
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    هههههههههههه مطلب ته هن دفعي سائين سان اسان جي لوڪل ٽولي ڪافي ويڌن ڪئي آهي چوٽ لگتي هي تو درد اٽهتا هي سو هتي به اصل شعلا پيا ٻرن هههه ڳاله بلڪل صحيح آهي اوهان جي سائين پر مان اوهين ٻي ڳاله ته ڇڏيو سليمان جي ڳاله وانگر پهنجي سنڌ سلامت تي پهريان ٻه فقير هئا هاڻي ته اتي به وڌي ويا آهين ههههههههههههههههههههه
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    قبلا فقيرن کان رمز وٺو انهن سان نه ڦِٽايو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو