ڳوٺ الله بخش سولنگي هوسڙي ضلع حيدرآباد ۾ هيلٿ ڊپارٽمنٽ پاران
ماءُ ۽ ٻار جو هفتو ملهايو ويو
هوسڙي شهر: رپورٽ عبدالغفور سمون: گُذريل ڇنڇر تي هوسڙي شهر جي ڳوٺ الله بخش سولنگي ۾ بيسڪ هيلٿ ڊپارٽمنٽ پاران ماءُ ۽ ٻار جو هفتو ملهايو ويو، جنهن ۾ ڳالهائيندي بيسڪ هيلٿ سينٽر شهر هوسڙي جي سپروائزر مسز نجمه شورو چيو ته معاشري ۾ ماءُ جو ڪردار سڀ کان اهم آهي، ماءُ صحتمند هوندي ته ان جو ٻار يقينن صحتمند هوندو، بهراڙي جي عورت جيڪا ڏک ڏاکڙا ڪٽي پنهنجي اولاد جي پالنا ڪندي آهي، ان عورت جي عظمت کي سلام آهي. ان کان پوءَ ليڊي هيلٿ ورڪر محترمه سُبحانه نوناري بنيادي صحت جي فني نقطن تي ڳالهائيندي چيو ته جيستائين هڪ ماءُ پنهنجي صحت جو خيال نه رکندي تيستائين هو پنهنجي ٻار جي پالنا به صحيح نموني نه ڪري سگهندي، ان ڪري ماءُ کي کپي ته صحت جي اعلى اصولن جي پاسداري ڪري. انهي موقعي تي وڌيڪ ڳالهائيندي محترمه شاهده خاصخيلي چيو ته هن ڳوٺ جو عورتون هاڻي سُجاڳ ٿي چُڪيون آهن هو پنهنجي پوري خاندان سميت پنهنجي اولاد جي صحت جو خيال رکي ڄاڻن ٿيون. هنن کي خبر آهي ته جيءُ آهي ته جهان آهي.، ان موقعي تي ساري ڳوٺ جو عورتون ڪافي تعداد ۾ اُتي موجود هُيون