سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان پاران سنڌي ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان ادبي ثقافتي مذاڪرو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏19 ڊسمبر 2012۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    [​IMG]
    گُذريل جمع 14 ڊسمبر 2012ع تي سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان پاران “سنڌي ثقافت جا رنگ سنڌي ميڊيا جي سنگ” جي عنوان سان ادبي مذاڪرو جهوني شاعر سائين محمد دائود “تاج” ٽکڙائي جي صدارت ۾ ٿي گُذريو. هن ادبي مذاڪري ۾ سنڌي ثقافتي ڏينهن حوالي سان سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي شاعرن، قلمڪارن پنهنجون نڪور لکڻيون مضمون ۽ شاعري جي صورت ۾ پڙهيون ، ۽ جيجل سنڌ کي ۽ سنڌ جي عظيم ثقافت کي پنهنجي لفظن جون سُندر ڀيٽائون ڏنيون. هن ادبي مذاڪري ۾ ضلعي ٽنڊومحمدخان جي مهراڻ ٽي وي جي نمائندي محترم امتياز منڱريو، آواز ٽي وي جي نمائندي محترم شهزاد صُبح پوٽي، ڌرتي ٽي وي جي محترم اسحاق ميمڻ ۽ ٽنڊو محمد خان کان نڪرندڙ هفتيوار اخبار ماروئڙا جي ايڊيٽر محترم اڪرم ڀٽي خاص مهمانن طور شرڪت ڪئي ۽ هن سموري ادبي پروگرام جي ڪوريج ڪئي ، جڏهن اهي معزز خاص مهمان سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي آفيس ۾ آيا ته انهن جي مٿان سنڌي ادبي سنگت جي ميمبرن گُلن جو پتيون نڇاور ڪيون، ۽ جيئي سنڌ ، جيئي سنڌي ٻولي جيئي مهراڻ ٽي وي، جيئي آواز ٽي وي جيئي ڌرتي ٽي وي جا نعرا هنيا، جڏهن ته سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي ميمبر سنڌ مشهور شاعر آغا جان آغا مهراڻ ٽي وي جي نمائندي محترم امتياز منڱريوکي سنڌ جي روايتي سوکڙي اجرڪ اوڍائي، سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽندو محمد خان جي ڪاروباري ڪاميٽي جي ميمبر منظور عادل سومرو آواز ٽِي وي جي نمائندي شهزاد صُبح پوٽي کي اجرڪ ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي ڪاروباري ڪاميٽي جي ميمبر اعظم ڀٽي اخبار مارئوڙا جي ايڊيٽر کي اجرڪ جوتحفو اوڍايو.هن ادبي ۽ ثقافتي مذاڪري جي ڪاروائي جو آغاز سنڌ جي گهوٽ لاکيڻي لطيف جي وائي سان ڪيو ويو وائي ٽنڊو محمد خان جي شهر جي مشهور راڳي فقير نعيم صوفي ٻُڌائي . ان کانپوءِ معزز مهمانن کي معصوم نياڻين ثنا نثار سمون ، صبا مشتاق سمون ، علينا چانڊيو گُلدستن جا تُحفا ڏنا . معزز مهمانن کي سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان ۽ سنڌ سلامت جي جهوني نثاراحمد ناز ڀليڪار چوندي چيو ته اسان سنڌ جي قلمڪارن ۽ ڏات ڌڻين جو اهو فرض ٿئي ٿو ته پنهنجي امڙ سنڌ جي ثقافت کي دنيا جي هر فورم تي اُجاگر ڪريون پنهنجي ثقافتن جا امين بڻجي سنڌ جي ٽوپي، پٽڪي اجرڪ، گج، سوسِي ، کٿِي، مچ ڪچهرين، سنڌ جي راندين الغرض سنڌ جي هر ثقافتي رنگ کي 21 ڊسمبر 2012 تي گڏجي گڏجي جوش ۽ جذبي سان اجاگر ڪري هڪڙي ايڪتا جي چين ٺاهي ملهايون. اسان جي سنڌي ثقافت جا رنگ سڀ کان نرالا آهن، اسان اديب ليکڪ قلمڪار محبتون ورهائڻ وارا ماڻهو آهيون ، اسان جي ڌرتي سنڌ عظيم ڌرتي آهي، ڌرتي ٽي وي مهراڻ ٽي وي، ۽ آواز ٽي وي به سنڌ جي ثقافت جي رنگ کي ساري دنيا سان شيئر ڪرڻ لاءِ لکين کيرون لهڻن اسان سنڌ جا ليکڪ قلمڪار 21 ڊسمبر 2012 ع تي جهمريون هڻي، ٽوپيون اجرڪون پٽڪا، پائي پنهنجي هن ثقافتي عيد کي ضرور ملهائينداسين، هن سنڌي ميڊيا جي سڀني ادارن کي اپيل ڪئي ته ثقافتي ڏينهڙا هڪ آواز ٿي، همقدم ٿي هٿ هٿن ۾ ڏئي ملهائن ، ته جيئن دنيا وارن کي خبر پوي ته سنڌي ماڻهون، سنڌي ميڊيا جا ادارا پاڻ ۾ ايڪتا جي لڙي ۾ پويل آهن . نثارناز پنهنجو نظم عظيم سنڌ جو عظيم ڏينهڙو اچو ته گڏجي سڀئي ملهايون. پڻ پڙهي ٻُڌايو لاڙ جي ضلعي بدين جي خوبصورت شهر ماتلي کان ڪهي آيل سنڌي قلمڪار اٺن ڪتابن جي ليکڪ رمضان دلدار چڍڙ پنهنجي لکيل تحقيقي مقالي ۾ سنڌ جي اجرڪ سنڌي ٽوپي جون تاريخي حقيقتون بيان ڪيون، سنڌي ادبي سنگت جي سابق سيڪريٽري نوجوان شاعر عاشق علي ڳاهو پنهنجي لکيل نڪور نظم ۾ سنڌ جي ثقافتن کي تمام شاندار نموني اُجاگر ڪيو، نوجوان شاعر گُل خاصخيلي پنهنجي لکيل نڪور هائيڪن ۾ سنڌي ثقافت کي ڀيٽا ڏني، سول سوسائٽي جي هر دلعزيز شخصيت ڊاڪٽر جي ايم گُل چيو ته سنڌي ثقافت ڪنهن به تعارف جي محتاج ڪونهي ، سنڌ جي هن ڏينهن کي ميڊيا وارا متفق طور هڪ ڏينهن ڪري ملهائين پاڻ ۾ مڪمل ايڪتا ڪن، ٻي صورت ۾ سنڌ جي دشمنن کي اهو چوڻ جو موقعو ملي ويندو ته سنڌي ، سنڌي ميڊيا وارا سندن ثقافتي ڏينهن جي موقعي ته به هڪ ناهن ۽ ايڪتا جي مالا ۾ پويل ناهن ، اعظم ڀٽي هن موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته اسان ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان هر ميڊيا سان گڏ آهيون، چاهي اهي 21 ڊسمبر 2012 تي اهو ڏينهن ملهائين يا چاهي 23 ڊسمبر 2012 ع تي اهو ڏينهن ملهائين اسان سنڌين لاءِ اها فخر جي ڳالهه آهي ته اسان جون يڪيون ٻه ٻه ثقافتي عيدون آهن. نوجوان شاعر، ڪتاب چنڊ بنا آڪاش اڌورو جي سرجڻهار ايڪتا ڏينهن جي حوالي سان پنهنجو خوبصورت نڪور غزل پڙهيو ته سموري پنڊال تاڙيون وڄائي کيس داد ڏنو، جهوني شاعر محمد سومار ملهار پنهنجو نڪور گيت سنڌ جي ثقافت جيئي پڙهيو، محبوب لغاري سنڌ جي ڌرتي سوني ڌرتي پڙهيو، منظور عادل سومري سنڌي اجرڪ جي حوالي سان چيو ته هو اجرڪ سازي واري ڪم سان تعلق رکي ٿو، سنڌ جي اجرڪ سازي بازار ۾ لُنڊي ۽ نقلي اجرڪن جي اچڻ جي ڪري تمام گهڻي بحران جو شڪار آهي، سنڌ جي حُسن جي جهلڪ توهان سنڌ جي اوريجنل اجرڪ جي ٺاهيندڙ ڪاريگر جي هٿن مان پونئر واري چٽسازيءَ مان لڳائي سگهو ٿا. دنيا ۾ اجرڪ جهڙو خوبصورت رنگ توهان کي ڪٿي به ڪونه ملندو سنڌي اجرڪ ثقافتي لحاظ کان اسان جي شاهوڪار ترين سوکڙي آهي. ناري ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن جي چيئرپرسن شبانه چانڊيو چيو ته اسان سنڌي خوشنصيب آهيون جو اسان جي ثقافت جو هر رنگ نرالو آهي سنڌي ٽوپي جي ٽڪن جا تجلا، اجرڪ جي چٽسازي جا دل ۾ گهر ڪرڻ وارا رنگ، سنڌي سوسِي ، سنڌي گج، سنڌ جو کٿيون، سنڌ جون گربيون، ساري دنيا ۾ پنهنجو هڪڙو منفرد مقام رکن ٿيون، هن چيو ته سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي سيڪريٽري نثارناز جي انتهائي ٿورائتي آهي ته هن هن شاندار محبتي رنگن ۽ ثقافتي رنگن واري پروگرام ۾ کيس مدعو ڪيو ۽ اسان کي سنڌ جي خوشين ۾ شريڪ ڪيو . اخبار ماروئڙا جي ايڊيٽر محمد اڪرم ڀٽي، سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمدخان جا ٿورا مڃيندي چيو ته سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جا سمورا ڏات ڌڻي مُبارڪباد جا مستحق آهن جو سنڌ جي هر رنگ کي نمايان ڪندي سنڌي ميڊيا سان همقدم آهن کين دل جي گهرائين سان ڀليڪارون ڏين پيا ۽ خراج تحسين پيش ڪن پيا، اڪرم ڀٽي وڌيڪ چيو ته اسان سنڌي پنهنجي منفرد ثقافتي رنگن جي ڪري ساري دنيا ۾ ڄاتا ۽ سُڃاتا وڃون ٿا اسان کي پنهنجي صفن ۾ به اتحاد ۽ ٻڌي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو . ، سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي ميمبر ۽ محمد خان غني ادبي تنظيم ٽکڙ جي سرپرست هن مذاڪري جي صدارت ڪندڙ جهوني شاعر تاج ٽکڙائي پنهنجي صدارتي خطبي ۾ چيو ته سنڌ اسان جي ماءُ آهي سنڌ اسان جو ويساهه آهي، ماءُ ۽ ويساهه جو رشتو اڻ ٽُٽ آهي، سنڌ جي ثقافتن جا رنگ اُجاگر ڪرڻ هر سنڌي جو فرض آهي.اسان 21 ڊسمبر 2012 تي شانائتي ۽ مانائتي انداز سان ثقافتي ڏينهڙو ملهائينداسين آواز ٽي وي، مهراڻ ٽي وي ۽ ڌرتي ٽي وي سان همقدم هم آواز ٿي سنڌ جيجل مٿان پنهنجا پيار وارينداسين،. هن ادبي مذاڪري ۾ وڏي تعداد ۾ صُحافي ڀائر، سول سوسائٽِي جا ماڻهو، خاص ڪري شهر جا معصوم ٻارڙا ۽ ٻارڙيون سنڌي ثقافت جي لاجواب رنگن اجرڪ ٽوپي گج، گربيون سوسيون پهري شريڪ ٿيا ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمدخان پاران ڪوٺايل هن ثقافتي ادبي مذاڪري کي چار چنڊ لڳايا هن محبتن ڀرئي ادبي ثقافتي پروگرام جي ڪاروائي ٽنڊو محمد خان جي پهرين نثرنويس ليکڪه ادب دوست محترما ڊاڪٽر نسرين هنڱورو ۽ سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي سيڪريٽري مشترڪا طور تي هلائي. آخر ۾ شريڪ ٿيندڙ سڀني معزز مهمانن کي سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي سيڪريٽري نثاراحمد ناز پاران چانهه سموسن ، پڪوڙن سان خاطر تواضع ڪئي وئي. اهڙي طرح هي بهترين ادبي ثقافتي مذاڪرو شام چار وڳي کان شروع ٿيو ۽ رات جي اٺين وڳي پنهنجي پُڄاڻِيءَ تي پهتو.
    رپورٽ: نثاراحمدناز سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام. تصويرون : آغا جان آغا ٽنڊو محمد خان
    هاڻ پيش آهن هن ادبي مذاڪري جون تصويرون
    [​IMG]
    سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان پاران اسٽيج تي خوبصورت بينر آوايزان آهي
    [​IMG]
    سنڌي دبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان پاران اسٽيج سيڪريٽري جا فرض ادا ڪندڙ ڊاڪٽر نسرين هنڱورو سڀني معزز معهمانن کي ڀليڪار چئي رهي آهي
    [​IMG]
    آواز ٽي جي ڊسٽرڪٽ رپورٽر محترم شهزاد صُبح پوٽو کي ثنا نثار سمون گلدستو پيش ڪري رهي آهي
    [​IMG]
    مهراڻ ٽي وي جي نمائندي محترم امتياز منڱريو کي صبا مشتاق سمون گلدستو پيش ڪري رهي آهي
    [​IMG]
    هفته روزا اخبار ماروئڙا ٽنڊو محمد خان جي ايڊيٽر محترم اڪرم ڀٽي کي معصوم نياڻي علينا چانڊيو گلدستو پيش ڪري رهي آهي
    [​IMG]
    سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان پاران سنڌ مشهور شاعر آغاجان آغا آواز ٽي وي جي نمائندي شهزاد صبح پوٽي کي کي اجرڪ جو تُحفو اوڍائي رهيو آهي
    [​IMG]
    سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان پاران سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر اعظم ڀٽي مهراڻ ٽي وي جي نمائندي محترم امتياز مڱريو کي اجرڪ جو تحفو اوڍائي رهيو آهي
    [​IMG]
    سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان پاران سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر منظور عادل سومرو اخبار ماروئڙا ٽنڊو محمد خان ي ايڊيٽر محترم اڪرم ڀٽي کي اجرڪ جو تحفو اوڍائي رهيو آهي
    [​IMG]
    اسٽيج جو نظارو
    [​IMG]
    [​IMG]
    سنڌ سلامت جو جهونو ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمدخان جو سيڪريٽري نثاراحمدناز معزز مهمانن کي آجياڻو ڏئي رهيو آهي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو