جاويد حسين
سينيئر رڪن
سنڌ امڙ تان سرڙا گهوري، مانجهين ماڳ بچايا
مانجهين ماڳ بچايا، ڪوپن ڪنڌ ڪپايا
ننگر ڀونگر پُٽ اسانجا، اسين هتي جا ڄايا
اسان ته سهڻي سنڌڙي خاطر، ڪيهر پُٽ ڪپايا
وڙهندي وڙهندي ويرين سان، اڄ جوڌن جوش پسايا
ڪات ڪهاڙين لوڙهين جا تن، وهواهه مينهن وسايا
سانن پاڏن وانگر پڙ ۾، ڄامن پير ڄمايا
گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ رت وهائي، سوڍن سانگ سجايا
جُنگن ۽ جرنيلن جي لئه جابر جيل بنايا
سي سڀ هاٿين جهڙن ساٿين، ٿڏن ساڻ اڏايا
”سرويچن“ ڏس سريون ڏئي، پنهنجا ڀال ڀلايا
سي ڪيئن هٽندا پڙ تان، جيڪي ٻاگهين ٻار ڄڻيا