منهنجو غزل : ڪارو ڪاري

ننگر پرويز عباسي

سينيئر رڪن
غزل

سنــــڌ ۾ ڇو اڄ به، ڪـــارو ڪـــاري آهي
ســــور ۾ اڄ به هـــي، سنــــڌي نـــــاري آهي

هاڻي هــــــوش ڪريو، ظلـــــمن کـي ڇـــڏيـو
رسم اهڙي اوهــــــان، هت ڇـــو ڌاري آهـي

تون ظلم جا پوڄاري، ڀيڻ پنهنجي نماڻي
پاڪ دامــــن هئـــي، شـــــڪ ۾ مـاري آهـي

اهڙي رسم بنائي، نفـرت جا ڪـوٽ ٺاهـي
عمر پنهنـــجي ايئن، اوهـــان گهــاري آهـي

ڪٿي ماءُ تنهنجي، ڪٿــي ڀيڻ منهنجي آ
اهـــــا عـــورت عظيــم، پيــار ســاري آهــي

نه ننگر ٿڪندو ڪڏهن،لکندو شعر لکــي
ظالمن جــي خــــلاف، قلــم جـــــاري آهـــي

شاعر: ننگر عباسي
 
Back
Top