اڄوڪو ڏينهن 19 ڊسمبر تاريخ جي دري مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 19 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

19 ڊسمبر 1822ع ٽالپر حڪمران مير شهداد خان جي پيدائش ٿي.
19 ڊسمبر 1879ع سنڌي نثر ۽ نظم جي وڏي شخصيت ليکراج عزيز جو جنم ڏينهن آهي.
19 ڊسمبر 1943ع نامياري استاد، اديب ۽ صحافي لائق سنڌي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
19 ڊسمبر 1953ع ناليواري محقق ۽ ليکڪ بدر ابڙي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
19 ڊسمبر 1965ع قومپرست اڳواڻ اسلم خيرپوري جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
19 ڊسمبر 1971ع اديب ۽ صحافي طارق عزيز شيخ جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
19 ڊسمبر 1975ع سياسي ورڪر قاضي واجد احمد مهيسر جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

19 ڊسمبر 1828ع مير ڪرم علي خان ٽالپر وفات ڪئي. آخري آرام گاهه حيدرآباد ۾ اٿس. هيءَ پھريون ٽالپر حڪمران هو جيڪو حيدرآباد ۾ دفن ٿيل آهي. پاڻ وڏو شاعر هو ڪرم تخلص هئس ”ديوان ڪرم“ جي نالي سان سندس فارسي غزلن جو مجموعو آهي.
19 ڊسمبر 1938ع سنڌ دوست ڪاموري خانبهادر عظيم خان دراني جو وڇوڙو ٿيو.
19 ڊسمبر 1964ع تي مشھور ۽ معروف قوال عظيم پريم راڳي جو وڇوڙو ٿيو.
19 ڊسمبر 1983ع سنڌ جي نامياري بزرگ مولانا عبدالحق رباني جو وڇوڙو ٿيو.
19 ڊسمبر 1995ع نامياري آرڪيٽيڪٽ ضمير مرزا زرقي جو وڇوڙو ٿيو.
19 ڊسمبر 2007ع ناليواري مصور اسماعيل گل جي کي سندس گهرواري ۽ نوڪر سان گڏ ڪراچي ۾ قتل ڪيو ويو.
19 ڊسمبر 2013ع تي سماج سڌارڪ ۽ شھري اتحاد جو اهم رڪن عبدالله بلوچ راهہ رباني ورتي آخري آرامگاهہ ميان لال ۾ اٿس.
19 ڊسمبر 2019ع نامياري شاعر ۽ اديب مير عبدالرسول ”مير“ جو وڇوڙو ٿيو.

اڄوڪي ڏينهن 19 ڊسمبر جا ڪجهہ اهم واقعا

19 ڊسمبر 1873ع تي جذام جي علاج جي دريافت ناروي جي مشھور سائنسدان هنس ڪئي.
19 ڊسمبر 1971ع تي پاڪستان جي سابق صدر يحى خان پنھنجي عھدي تان استعفى ڏني.
19 ڊسمبر 1984ع تي جنرل ضياء الحق پاڪستان ۾ صدارتي ريفرنڊم ڪرايو جنهن ۾ پچيو ويو تہ آيا عوام ضياء الحق جي اسلامائيزيشن جي پاليسي ۽ ان جي عوام جي نمائندن تائين اقتدار جي منتقلي جاري خواهش سان متفق آهن۔ هن ريفرنڊم ۾ ڪاميابي کان بعد ضياء الحق پاڻ کي آئنده پنج سالن جي لاءِ ملڪ جو صدر قرار ڏنو ۔

حوالا:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانہ ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
19 ڊسمبر 2007ع تي ناليواري مصور گل جي ، سندس گهرواري ۽ نوڪر جا لاش سندن گهر مان مليا۔ گل جي ناميارو مصور هو جنهن کي سندس خدمتن تي صدارتي اوارڊ به مليو هو۔ هو ناميارن شخصيتن جا پورٽريٽ ۽ اسلامي خطاطي سبب گهڻو مشهور ٿيو۔
 
8412_459586150779018_908097748_n.jpg

1601139_10201851566469219_1920948742_n.jpg


سائين در محمد صاحب ۽ سليمان وساڻ صاحب جي هي محنت به قابل تعريف آهي، در محمد صاحب اسان جي سنڌي ٻولي جو هڪ بهترين جاکوڙي عالم اديب آهي، جنهن جي سوانح تي ته اسان جو دوست محترم سليمان وساڻ صاحب ڪم ڪري چڪو آهي، جيڪا هيٺ پيش ڪجي ٿي،

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سنڌ جي هڪ علمي، ادبي شخصيت۔محمد سليمان وساڻ
سنڌ جي ناليواري، ليکڪ، محقق، تاريخدان، شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار، مترجم، ڪالم نگار ۽ تعليمدان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪجن ٿيون.

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو جنم 25 مئي 1945 ع تي خير محمد آريجا تعلقو ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو۔ پاڻ 1971 ۾ بي ايڊ، 1972 ۾ ايم اي سنڌي ادب ۾، ۽ 1979ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ”ڪراچي جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي ترقيءَ ۾ حصو “ جي عنوان تي اپي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وڌيڪ تفصيل پڙهڻ لاء هت ڪلڪ ڪندا۔
 
Back
Top