ٻٽو نظام ۽ ٻٽا معيارمحمد سليمان وساڻ هن جو ادبي قد ڪاٺ تمام وڏو هيو. سنڌ جي چوٽيء جي اديبن ۾ سندس شمار ٿيندو آهي. ڀلو شاعر ۽ ڪالم نويس آهي. سندس شاعري ۽ سندس لکڻيون اسان لاء هميشه رهنمائي، سجاڳي ۽ اتساهه جو سبب بڻيون آهن. سوشل ميڊيا تي جڏهن پنهنجون سرگرميون تمام گهڻو وڌايم ته هن سان به دوستي ٿي ۽ ايئن ساڻس ملاقاتن جو سلسلو به شروع ٿيو. اڪثر ادبي محفلن، مختلف پروگرامن ۽ ميٽنگن ۾ هن سان ملاقات ۾ ڪيترن ئي ڳالهين ۽ سنڌ جي مسئلن تي تفصيلي بحث ٿيندو هيو. ڪڏهن ڪڏهن اسان گڏجي ڪراچي ۽ ڪراچي کان ٻاهر به پروگرامن ۾ حصو وٺندا رهياسين. سندس ذريعي منهنجي به ڪيترن ئي اديبن ۽ شاعرن سان ڏيٺ ويٺ ٿي. سندس ڳالهين جو محور هميشه سنڌ رهندي هئي ۽ لکڻين ۾ ساڳي ئي پهلو کي اجاگر ڪندو رهيو. مون کانئس گهڻو ڪجهه سکيو ۽ سندس ديوانو بڻجي ويس. سنڌ حڪومت ۽ سنڌ اسيمبلي پاران مڪاني حڪومت جي ٻٽي نظام خلاف جڏهن سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي ته اسان جو ادبي لڏو به ان ميدان ۾ اڳڀرو رهيو. هن جا ميسج ملندا هيا ۽ نوڪري جي سختين باوجود به ساڻس گڏ مختلف ميڙاڪن ۽ احتجاجن ۾ شريڪ ٿيندو رهيس. هو حڪومت، نمائندن ۽ انهن جي حامين تي ڇتي تنقيد ڪندو هيو. انهن ئي ڏينهن ۾ هڪ دفعي ڪراچي جي هڪ وڏي هوٽل ۾ سندس هڪ دوست ڊنر تي گهرايس ته مونکي به ڪال ڪيائين ۽ اچڻ جو تاڪيد ڪيائين. سندس گهر پهچي هن سان گڏ دعوت ۾ پهتس. اتي اڪثر نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون نظر آيون. هي به انهن سان گڏ خوش گپين ۾ مشغول ٿي ويو. مان هن سنجيده شخص کي ڏسي پريشان ٿيندو رهيس ۽ ٽيبل تي ويهي چانهه پيئڻ لڳس. هو به هاڻي اچي مونسان گڏ ويٺو ۽ چوڻ لڳو ته خوش رهڻ لاء اهو سڀ ضروري آهي. هن بيري کي چانهه کڻي اچڻ جو چيو ، بيري جڏهن کيس چانهه پيش ڪئي ته اچانڪ سندس هٿ مان ڪوپ ڇڏائي سندس ڪپڙن تي اچي پيو. سندس ڪپڙا بلڪل خراب ٿي چڪا هيا، مان بيري کي گهٽ وڌ چوڻ لڳس ته مونکي منع ڪندي چيائين ته بابا ايئن ٿي ويندو آهي ۽ بيري جي پٺي ٺپي کيس معاف ڪري روانو ڪيائين. هيڏانهن ٻٽي نظام خلاف تحريڪ ۾ تيزي اچي وئي. هڪ ڏينهن مونکي ڇڏڻ سچل ڳوٺ آيو ۽ ٻاهر روڊ تي گاڏي روڪي چيائين ته هتي چانهه ٿا پيئون. مون کيس عرض ڪيو ته گهر تي هلي چانهه ٿا پيئون پر سندس اڳيان منهنجي نه هلندي هئي. اسان ٻن کير پتي چانهه جو آرڊر ڏئي ويهي ڪچهري ڪرڻ لڳاسين. هوٽل تي موجود ڪچڙي عمر جو ڇوڪرو پاڻيء جو جڳ ۽ گلاس کڻي آيو ۽ هيٺ پيل ڪنهن شيء سان ٽڪرايو ته پاڻيء ڇلڪي سندس بوٽ تي اچي پيو. هو اٿيو ۽ ان ڇوڪري کي ڀري ڳل تي چپاٽ وهائي ڪڍيائين. ڇوڪرو روئڻ لڳو ۽ ماڻهو گڏ ٿي ويا، پر اسان جي اديب دوست جي ڪاوڙ اڃان به وڌي وئي ۽ مالڪ کي به گاريون ڏيڻ لڳو. وڏي ڪوششن سان کيس ماٺ ڪري ويهاريم ۽ سوچڻ لڳس ته ان ڏينهن وڏي هوٽل ۾ ڇوڪرين اڳيان ته هو خاموش رهيو پر پنهنجي ئي سنڌي نوجوان تي کيس ڪهل نه آئي .... الائي ڇو مونکي چانهه زهر لڳي رهي هئي. هو چئي رهيو هو ته سنڌي ماڻهن کي جوتي جي نوڪ تي رکندو ڪر نه ته ڳچي پئجي ويندا آهن ۽ مان کانئس ٻانهون ٻڌي موڪلايو. اڄ وري هن جو ميسيج مليو ته ٻٽي نظام خلاف دوستن سان گڏ حيدرآباد هلڻو آهي. مان ميسيج پڙهندو رهيس ۽ ٻٽي نظام ۽ سندس ٻٽي معيارن تي سوچيندو رهيس.
سليمان او سليمان !!! دوست ان کان به وڌيڪ ڪريل ڳالهيون اسان جي اديبن جون آهن جي مان توهانجي خدمت ۾ پيش ڪيان ته توهان يقين ئي نه ڪندو۔ محفل ۾ ويهي ڪري اهڙن کي پَڌري ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم ته نون لاٺڙين اديبن انهن ٺڳن اديبن جي مٿان ايتريون ته سلواتون پڙهيون جو محفل ۾ مان ڪوڙو ٿي پيس۔ تنهن تي منهنجي مرشد مونکي چيو ته مِٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ۔
ادا هاڻي نثار کهڙو وري هيئن پيو امتياز شيخ کي صلاحون ڏي ته هرهنڌ پير صاحب کي نه وٺي وڃو ان سان پير صاحب جو قد ڪاٺ گهٽجي ويندو اهڙا سويلين ڊڪٽيٽر ماڻهو ڇا قوم جي خدمت ڪندا جيڪي ماڻهن ۾ وڃڻ ۾ عيب محسوس ڪن وڏي قد ڪاٺ وارا ماڻهو عوام ۾ نه ويندا آهن ۔۔۔۔هن جي اهڙي وائڙي سوچ تي کلي ئي سگهجي ٿو۔۔۔۔
سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پائڻ کان پو ان جي تقدص۽ شان ۽ حفاظت جي ضميواري عائد ٿئي ٿي جيڪا خلوص نيت سان سڀن تي فرض آهي جڪو به هي تهذيب اپنائي ٿو ان تي سنڌي ماڻهو ۽ ان جي ڌرتي ما جي پوري پوري حفاظت ڪرڻ ضروري ٿيو پوي
سليمان وساڻ جو مطالعو به تمام گهڻو آهي ۽ هو لِکي به ڪافي ٿو۔ منهنجو مطالعو هونئن ئي گهٽ پر سليمان کي به گهٽ پڙهيو اٿم۔ انهي ۾ ڪجهه پنهنجي سستي يا ڪوتاهي به آهي ۽ سليمان جڏنهن کان اهڙن ڪمن ۾ هٿ وِڌا آهن جيئن تاريخ جا ورق، ماڻهن کي جنم ڏينهن جي ڀيٽا ۽ شاعري سآجائڻ وغيره ته هِن جا پنهنجا خوبصورت ليک انهن ۾ گُم به ٿيو وڃن۔ پر هاڻي نثارابڙو چواڻي ته سڀني پنهنجو ناني ويڙهو ٺاهيو آهي (يعني بلاگ) ته هن جون تحريرون ڳولڻ سؤليون ٿيون آهن۔ ۽ منهنجي هِن تحرير لاءِ راءِ آهي ته هي سليمان جي هيل تائين (منهنجين پڙهيلن منجهان) بهترين تحرير آهي۔ ڳالهه رڳو سنڌ ۽ اديبن جي ٻِٽي نظام جي ناهي پر اا وبا فردِ وحد منجهه به آهي۔ هن هاٽ اشو کي ٽاپڪ رکي انهي جي بهترين پريزنٽيشن تي اوهان لاءِ تعريف جا اڻ ڳڻيا لفظ هجن کپن ڀيٽا لاءِ۔ تمم سٺو
ڪالهه کان هن تحرير کي پڙهڻ لاء سنبران پيو ليڪن ڪو نه ڪو ڪم رڪاوٽ بنجي پيو نيٺ هن وقت ان تحرير کي پڙهي وري پڙهيم بس سهڻن ماڻهن جون سوچون به سهڻيون هونديون آهن سائين عبدالحفيظ جن سان متفق ٿيندي ائين چوان ٿو ته تحرير جو فن ته پنهنجي جاء تي پر اصل آهي اندر جو آواز جيڪو انسان کان ڪجهه لکرائي ٿو اهڙي سهڻي سوچ کي سلام ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سلام
اهي ماڻهو ئي پنهجي ضمير جا قيدي آهن جن جي چاهت فقط شهريت ۽ خوشي سان منسلڪ آهي جنهن جي ڪري پنهجو پاڻ وڻائڻ جون خواهشون انهن کي غدار بڻائينديون آهن ۽ دشمن هميشه اهڙن جي تاڪ ۾ هوندا آهن جڏهن به انهن کي ڪنهن غدار جي ضرورت هوندي آهي ته ان کي پڇ ٻڌي مهري ڪري ڇڏيندا آهن ۽ اهو همراه انسان مان اُٺُ ٿي ويندو آهي پاڻ کي سڀن کان اونچو سمجهندو آهي ، سائين وساڻ صاحب معاف ڪجو اگر غلط چئي ويو هجان