(شينهن ۽ ڪُئي جي ڳالهه)هڪڙو هو شينهن جيڪو گهاٽي ٻيلي ۾ ستو پيو هو. هن کي ننڊ پئي آئي ته ايتري ۾ هڪ ڪُئو پنهنجي ڏرڙ مان نڪتو ۽ شينهن جي مٿان ٽپندو ڪڏندو لنگهي ويو. شينهن کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ڇو ته ڪئي هن جي ننڊ ڦٽائي هئي.هوڏانهن ڪُئي کي به کٽي کنيو جو وري شينهن جي مٿان اچي لنگهيو. هن ڀيري شينهن جهاٽو هڻي، ڪئي کي چنبي ۾ کڻي قابو ڪيو ۽ چنبي کي ڀڪوڙي ڪئي کي مارڻ تي هو ته ڪمزور ڪئي جي دانهن تي شينهن کي مٿس رحم اچي ويو ۽ وڏي ڏنائينس (دل ۾ چوي پيو ته ڀڄ ڀاڙيا! ڇا ياد ڪندين؟ وري هتان نه لنگهجاءَ!)ٻئي ڏينهن ساڳئي ٻيلي ۾ شڪار ڪندڙ ماڻهن شينهن کي ڦاسائڻ لاءِ وڏو پنجوڙ (يعني ٿُلهن رسن مان ٺهيل ڄار) کڻي اڏيو ۽ ساڳيو شينهن ان پنجوڙ ۾ ڦاسي پيو، پوءِ ته گجگوڙيون ۽ رڙيون پئي ڪيائين.شينهن جي دانهن تي ساڳيو ڪُئو اتي اچي پهتو، شينهن کي ڦاٿل ڏسي، کيس چيائين؛ جهنگل جا بادشاهه توهان پرواهه نه ڪريو، آءٌ توهان کي ڇڏائڻ لاءِ ڪوشش ڪريان ٿو. پوءِ ته ڪُئي تکن ڏندن سان پنجوڙ جي رسن کي هتان هتان ڪترڻ شروع ڪيو ۽ ٿوري ئي وقت ۾ پنجوڙ جا ٻر گهل لاهي ڇڏيائين ۽ اِئين شينهن آزاد ٿي ويو.پوءِ ته شينهن ڪُئي جا ڏاڍا ٿورا مڃيا ۽ ڪُئي کي چيائين ته آءٌ سمجهان پيو ته تون جهڙو ننڍڙو ۽ ڪمزور جانور منهنجي ڪم ڪيئن اچي سگهندو؟ ڪُئي وراڻيو؛ اي جهنگل جا بادشاهه! ڪنهن کي به گهٽ نه سمجهجي . وقت تي ڪمزور به ڪم اچي ويندو آهي.