فقير ۽ ڪتو

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ شيرين طرفان آندل موضوعَ ‏19 ڊسمبر 2012۔

  1. شيرين

    شيرين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    796
    ورتل پسنديدگيون:
    3,570
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    جهول ضلع سانگهڙ
    (فقير ۽ ڪتو)
    هڪڙو هو پينو ڇوڪرو. ان کي ڪٿان خيراتي ماني ملي، هو رستي جي پاسي ۾ ويهي اها ماني کائي رهيو هو. ايتري ۾ ڇوڪري جي نظر هڪ ڪتي تي پئجي وئي، جيڪو هن کان ڀرپور زمين تي ستو پيو هو. پوءِ ته هن فقير ڇوڪري کي شرارت سُجهي آئي، ڪُور ڪُور ڪري ڪتي کي سڏيائين.
    جڏهن ڪتو وٽس اچي پهتو، تڏهن ڇوڪري هٿ ۾ ڳڀو جهلي، ڪتي کي ڏيڻ لاءِ هٿ وڌايو، سو اچي ڇوڪري جي ويجهو بيٺو. هوڏانهن ڇوڪري ڇا ڪيو جو ڪتي کي ڳڀي ڏيڻ بدران پاسي ۾ پيل لٺ کڻي، ڪتي جي مٿي ۾ وهائي ڪڍيائين. ڪتو ويچارو ڪَئون ڪَئون ڪندو وٺي ڀڳو.ڏاڍو سور ٿيس پر هو ڪجهه ڪري نه پيو سگهي.
    اهو نظارو هڪ ماڻهو پنهنجي گهر جي دري مان ڏسي رهيو هو ته ڇوڪري ڪيئن نه شرارت ڪئي آهي. وءِ ته ان به هڪ سوٽي کنئي ۽ اها پٺيان لڪائي دروازي کان ٻاهر نڪتو. ٻئي هٿ ۾ روپيو جهلي ساڳئي فقيرڇوڪري کي سڏ ڪيائين، هو ٽپ ڏئي هڪدم اُٿيو ۽ خيراتي روپئي وٺڻ لاءِ تڪڙو وڃي دروازي وٽ پهتو.
    جيئن ئي ڇوڪري روپئي وٺڻ لاءِ هٿ ڊگهو ڪيو، تيئن هن ماڻهو زور سان هٿ ۾ لڪايل سوٽي وهائي ڪڍيس. هاڻي هيءُ به رڙيون پيو ڪري. روئيندي ان ماڻهوءَ کي چيائين ته تو مونکي سوٽي ڇو هنئي؟ مون توکان خير گهريو ته ڪونه هو، تو ته پاڻ سڏ پئي ڏنو.
    ماڻهوءَ چيس تو ڪتي کي لٺ ڇڳ هنئي؟ ان به توکان ڳڀو گهريو ته ڪونه هو تو چُچُڪاري پاڻ پئي ڏنس. تولاءِ اها سزا سٺي آهي.



     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو