(ٻٽاڪي دوست)هڪڙا ٻه دوست پاڻ ۾ گڏجي سفر ڪري رهيا هئا. هلندي هلندي ڪنهن جهنگ ۾ اچي پهتا. اهو جهنگ تمام گهاٽو هو. ان ۾ خطرباڪ جانور رهندا هئا.ٻن دوستن مان هڪڙو جانورن جي حملي کان ڊڄي رهيو هو. چي پيو ته پاڻ سان ڪو هٿيار به ڪونه آهي، جنهن سان جانور جو مقابلو ڪري سگهجي. اهو ٻڌي ٻئي دوست چيو ته تون ڪا پرواهه نه ڪر. مون جهڙو پهلوان توسان گڏ آهي، ته تون ڇاجي ٿو ڳڻتي ڪرين؟ ڪو شينهن يا بگهڙ وغيره آيو ته آءٌ اڪيلو ئي ساڻسِ مقابلو ڪندس ، ٺونشا هڻي ان جي ڄاڙي ڀڃي رکندس.مطلب ته سهو دوست پنهنجي دوست سان ٻٽاڪون هڻندو پئي هليو ته ايتري ۾ ڪنهن جهنگلي رڇ جو آواز ٻڌائون، جيڪو هنن ڏانهن اچي رهيو پوءِ ته ٻٽاڪي پهلوان ڪنهن وڻ جي چوٽيءَ تي چڙهي ويو، پر ٻئي ساٿي کي وڻ تي چڙهڻ ڪونه ايندو هو، سو ويچارو زمين تي سمهي پيو. اهڙو ساهه منجهايائين جو ڄڻ مئو پيو آهي.ايتري ۾ رڇ به اچي پهتو ۽ ستل ماڻهوءَ کي چوڌاري ڦري سنگهي رهيو هو. جڏهن رڇ ان کي مئل ماڻهو سمجهيو ته اتان هليو ويو. ڇو ته رڇ مئل ماڻهوءَ کر ڪونه کائيندو آهي. البت جيئري ماڻهوءَ کي پاڻ شڪار ڪري ماري پوءِ کائيندو آهي.رڇ جي وڃڻ کان پوءِ وڻ تي چڙهيل دوست هيٽ لٿو ۽ پنهنجي سنگتيءَ کان پڇيائين ته، رڇ توسان ڪن ۾ ڪهڙي ڳالهه پيو ڪري، هن وراڻيو؛ رڇ جي وڃڻ کان پوءِ وڻ تي چڙهيل دوست هيٺ لٿو ۽ پنهنجي سنگتيءَ کان پڇيائين ته، رڇ توسان ڪن ۾ ڪهڙي ڳالهه پيو ڪري، هن وراڻيو؛ رڇ ڏاڍو سياڻو هو. چوي پيو ته جيڪو اجائي ٻٽاڪ هڻي ۽ پنهنجي واکاڻ پاڻ ڪري ته ان کي ڪوڙو سمجهجانءِ ۽ مٿس اصل ڀروسو ته ڪجانءِ. اهو ٻڌي ٻٽاڪي دوست ڏاڍو لڄي ٿيو.