(ڪبوتر ۽ ماڪوڙي)هڪڙي ماڪوڙي ڪنهن پاڻيءَ جي ننڍڙي تلاءَ جي ڪناري تي پاڻي پيئڻ وئي. پاڻي پيئندي هن جو پير ترڪي ويو ۽ پاڻيءَ ۾ وڃي پئي. گهڻي ئي ڄنگهون ٻانهون هلايائين، پر پاڻيءَ مان ٻاهر نڪري نه سگهي. ويچاري ماڪوڙي هاڻي مرڻ تي هئي. پر ان تلاءِ جي ڪپ تي هڪ پٿر پيو هو، جنهن تي هڪ سهڻو ڪبوتر ويٺو هو، اهو ماڪوڙيءَ کي ڏسي رهيو هو. هن تي ڏاڍو رحم آيس. پوءِ ڇا ڪيائين جو ميدان مان سُڪَلُ گاهه جو هڪ ڊگهو پن چهنب ۾ کڻي آيو. اهو اچي پاڻي ۾ وڌائين. ماڪوڙي هڪدم پن سان چنبڙي پئي، پوءِ ڪبوتر ٻاهر ڪڍي ورتس، ماڪوڙيءَ کي جيئندان مليو هو، سو ڏاڍو خوش ٿي ۽ ڪبوتر جا ٿورا مڃڻ لڳي.ڪجهه ڏينهن گذريا ته اهو ساڳيو ڪبوتر ڪنهن وڻ تي اچي ويٺو. اتي هڪڙو شڪاري بندوق کڻي اچي پهتو، اهو ڪبوتر کي شڪار ڪرڻ پيو گهري. ڪبوتر جي اک شاڪريءَ تي ڪانه پئي هئي، ان ڪري بي خوف ويٺو رهيو. ان وڻ جي پاڙ ڻ ساڳيءَ ماڪوڙيءَ جو گهر هو. جنهن کي ڪبوتر تلاءِ مان ڪڍيو هو. ماڪوڙيءَ شڪاريءِ کي ڏسي ورتو هو. پوءِ ته اها شڪاريءَ جي پير تي چڙهي وئي. جڏهن شڪاريءَ بندوق هجي نالي ڪبوتر ڏانهن سڌي ڪئي ۽ بندوق هڻڻ وارو هو، تڏهن اهڙو چڪ هنيائينس، جو شڪاريءَ جو هٿ لُڏي ويو. بندوق جي نالي ڪبوتر کان ڦري وئي، هو ٺڪاءُ ٻڌي، صحيح سلامت اڏامي ويو.چوندا آهن ته ڪر ڀلائي ته ٿئي ڀلائي. يعني ڪنهن سان ڪا چڱائي ڪيل هوندي ته وقت تي اها ڪم اچي ويندي.