(نقل لاءِ عقل گهرجي)هڪڙو هو واپاري، ان وٽ ٻه گڏهه هئا. هڪڙي تي لوڻ جون ٻوريون ۽ ٻئي تي ڪپههمسان ڀريل ٻوريون لڏي، واپاري ڪنهن سفر تي روانو ٿيو. ٻنهي گڏهن تي هڪ جيترو بار هو. هلندي هلندي هڪ واهه وٽان اچي لنگهيا.جنهن گڏهه تي لوڻ لڏيل هو، ان کي اُڃ لڳي، تنهن واهه مان بيهي پاڻي پيتو. ۽ واهه ۾ لهي پيو. آهستي آهستي واهه جي وچ تي وڃي پهتو. پوءِ لوڻ جون ٻوريون پاڻيءَ ۾ پسڻ لڳيون ۽ لوڻ پاڻيءَ ۾ ڳرڻ لڳو.ڪجهه وقت کان پوءِ گڏهه جڏهن واهه مان ٻاهر نڪتو ته بار گهڻو هلڪو ٿي چڪو هوس. هاڻي گڏهه مزي سان تکو تکو هلي رهيو هو. هن ۾ چستي اچي چڪي هئي.اهو حال ڏسي ٻئي گڏهه (جنهن جي پٺيءَ تي ڪپهه لڏيل هئي) لوڻ واري گڏهه کان پڇيو ته تون هنيئر ڏاڍي ڦڙتي اچي وئي آهي، ان جو ڇا سبب آهي؟ لوڻ واري گڏهه چيو ته ادا! آءٌ پاڻي پيئڻ جي بهاني سان واهه ۾ لهي ويس، اتي پاڻي ۾ لوڻ ويو ڳرندو، تڏهن بار هلڪو ٿي پيو. هاڻي ڏاڍي فرحت اٿم.ٻئي گڏهه دل ۾ سوچيو؛ هاڻي رستي ۾ ڪو واهه آيو ته آءٌ به ان ۾ لهي پاڻي پيئندس ۽ واهه جي وچ ۾ وڃي بيهندس، جيئن مون تان به وزن هلڪو ٿئي. پوءِ آءٌ به مزي سان پيو پنڌ ڪندس.اڃـا ٿورو پنڌ ڪيائون ته سامهون هڪ واهه نظر آيو، ڪپه وارو گڏهه ڏاڍو خوش ٿيو. پوءِ ته پاڻي پيئڻ لاءِ واهه جي ڪپ تي پهتو ۽ پهرئين گڏهه وانگر پاڻي پيئندي آهستي آهستي ويو واهه ۾لهندو ته جيئن هن تان به بار هلڪو ٿئي. تان ته مٿس لڏيل ڪپهه پاڻيءَ ۾ پُسڻ لڳي.ان ۾ پاڻي ڀرجڻ لڳو. هاڻي هن گڏهه تي بار هلڪي ٿيڻ بدران ٻيڻو ٿي ويو ۽ اهو گڏهه ڪينجهندو ڪُٻو ٿيندو مس مس واهه مان ٻاهر نڪتو. هاڻي ته هو هلي به نه پئي سگهيو.اهو حال ڏسي واپاري سمجهي ويو. پوءِ پوئين گڏهه چيائين؛ اڙي بي عقل! هر هڪ سان هڪجهڙيون حالتون نه هونديون آهن. لوڻ ته پاڻيءَ ۾ ڳري سگهي ٿو، پر ڪپهه ڪيئن ڳرندي؟ اها ته ڳرڻ بدران ڳري ٿي پوندي. اڙي چريا! نقل لاءِ به عقل ٿو گهرجي.