ڇا هن دفعي نئين سال جو ڪلينڊر نه ڇپائبو؟

'صلاح، مشورا ۽ شڪايتون' فورم ۾ غلام مصطفي ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏19 ڊسمبر 2012۔

  1. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    'ڇا هن دفعي نئين سال 2013 جو ڪلينڊر نه ڇپائبو؟
    مانواري انتطاميه ۽ ٻيامحترم ڀاتي هن ڪکائون اڱڻ جا اسلام عليڪم۔ سائين منهنجا هن اڱڻ جي اها خصوصيت آهي ته هر سال پنهنجي نالي سان ڪلينڊر ڊيزائن ڪري ڇپارائيندو آهي ۽ پوء اهئي خريد ڪري ميمبرس مختلف طبقن ۾ ورهائيندا آهن ، جنهن جي ڪري اسان جي هن اڱڻ جي مقبوليت ۾ اضعافو ٿيندو آهي ۽ انهن ڪلينڊرن کي ڏسي گهر ڀاتين جي تعداد ۾ اضعافو ٿيندو آهي۔ اسان جي مشاهدي ۾ اها ڳاله آهي ته اڳ ۾ جڏهن ڪلينڊر ڪڍڻ جو خيال ايندو هو ته ان کي عملي جامع پارائڻ لاء نومبر ۽ ڊسمبر جي مهيني ۾ هر طرح جي تياري ڪئي ويندي هئي، مشورا ڪيا ويندا هئا،ڊيزائين، ڪلينڊر جو مرڪزي موضوع، ان جي سائز تي خوب غور ويچار ڪيو ويندو هو۔ان ڪلينڊر جي ڊيزائين تي ميمبرن کان راء ورتي ويند ي هئي ۽ سڀني جي متفق رائي سان ڪلينڊر ڇپرائبو هو۔

    پر هن دفعي نومبر گذري ويو آهي ۽ ڊسمبر جو اڌ کان وڌيڪ مهينو گذري ويو آهي،ان جي باوجود اڃا تائين نئين سال 2013 جي ڪلينڊر جي ڊيزائين،پيپر، ۽ ٻين گڏيل شين جي باري ۾ ڪنهن قسم جو تحرڪ نه ورتو ويو آهي۔ ڪنهن سان به صلح ان باري ۾ نه ڪئي ويئي آهي ۽ نه ئي وري ان جي باري ۾ اسان کي ڪا خبر ڏني ويئي آهي۔انهن سڀني ڳالهين اسان کي مونجهاري جو شڪار ڪري ڇڏيو آهي ،انهڪري انتظاميه جو (معذرت سان) ان طرف ڌيان ڇڪرائڻ تي مجبور ٿئي پيا آهيون۔ سائين جلد جواب ڏيندا ته هن دفعا نئين سال جي ڪلينڊر ڇپرائڻ جي باري ۾ ڪهڙا اپاء ورتا ويا آهن؟
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah

    ادا غلام مصطفي بلڪل صحيح ٿا چئو۔ مون به ڪافي ڏاينھن کان اھو محسوس ڪيو آھي ته انتظاميه جا ڪافي سرگرم ڪارڪن اڄڪلھ ھن فورم تي ڪجھ غير متحرڪ ٿا رھن۔ مونکي ضرور ڪو مسئلو ٿيندڙ ٿو محسوس ٿئي۔ خير الله نه ڪري ته ائين ھجي۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    دوستو ۽ مانوارا ساٿيو سلام

    اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي ته ڪو مسئلو آهي ۔۔۔۔ مسئلا آهن، ذاتي زندگيء ۾ ، گهر ۾ ، آفيسن ۾ پر پر پوء به سنڌ سلامت لاء اسان قيمتي گهڙين مان وقت ڪڍي به ڪم ڪندا رهون ٿا جيڪو اسان جو فرض آهي۔

    ڪيلينڊر ٺاهڻ ڪو مسئلو ناهي ، ڪيلينڊر ته اسان هميشه 15 ڏينهن اندر ڇپائي پڌرو ڪندا آهيون۔ اصل ۾ مون اهو نوٽ ڪيو آهي ته ڪافي ماڻهن جي هاڻي ڪيلينڊر ۾ دلچسپي ناهي رهي۔ اسان وٽ ڊجيٽل ڪيلينڊرس اچي ويا آهن، ليپ ٽاپ جي صورت ۾، آء پيڊ جي صورت ۾ ۽ موبائل جي صورت ۾ ۔۔۔۔ تنهنڪري سوچيوسين ته هن دفعي ڪنهن ٻئي پروجيڪٽ تي ڪم ڪجي۔ سنڌ سلامت جا ڪجهه نوان پراجيڪٽس تڪميل جي مرحلن ۾ آهن ۽ اسان جا ڪجهه دوست پنهنجو سمورو وقت ان پراجيڪٽس تي لڳائي رهيا آهن۔

    ٻه ڏينهن اڳ ئي اسانجي فورم جي منتظم اعلى سان ڳالهه ٿي هئي ۽ اسان ڪيلينڊر تي ڳالهايو هيو۔ ايئن ناهي ته اسان ڪي انهن ڳالهين کان بي خبر آهيون ۽ مان کيس عرض ڪيو هو ته ڪيلينڊر ڇپجڻ يا نه ڇپجڻ بابت ميمبرس کان راء وٺجي۔ پر ان کان اڳ ئي اوهان جهڙن ساڃاهه وند ۽ سنڌي ٻوليء لاء درد رکندڙ دوستن پنهنجي راء جو اظهار ڪيو ان لاء ٿورائتا آهيون ۽ يقين ڪيو ته اسان جي همت اڃان به وڌي وئي آهي۔

    مان ڪيلينڊر جي ڇپجڻ جي حق ۾ ناهيان پر گهڻن دوستن جي راء ئي فيصلاڪن هوندي۔ تنهنڪري دوستن کي عرض آهي ته پنهنجي راء ڏين۔


    لک ٿورا ياد رکڻ جا۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    سائين محترم غلام مصطفي ميمڻ صاحب اوهان سنڌ سلامت تي اچي اهڙين ذميوارين لاءِ انتظاميه کي ياد ڏياريو ٿا اها اوهن جي هن اڱڻ سان محبت جي نشاني آهي۔ اوهان جي ڳالهه صحيح آهي ته اهو ڪم وقت سِر ٿيڻ کپندو هو۔ مون کي جيستائين ياد آهي ته يونس ملڪاڻي جي هڪ موضوع جي جواب ۾ ذيشان رشيد اهو چيو به هو ته 2013 جو ڪئيلنڊر ايندو۔ پر هاڻي جيڪڏنهن سليمان وساڻ جي چواڻي ته ڪئلنڊر جي ضرورت ئي ناهي يا انهي تي وقت ۽ پئسو لڳائڻ جي بدلي اهو ڪنهن ٻي ڪم تي لڳائجي ته وڌيڪ فائيديمند ٿيندو۔ سو هاڻي جيڪا جهجهن جي راءِ هوندي انتظاميه اميد ته اُهو ئي ڪندي۔
     
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جيتوڻيڪ هر وقت موبائيل هٿ ۾ هجڻ ڪري واقعي به هاڻي وال ڪيلينڊر جي اها اهميت نه رهي آهي جيڪا پهريان هوندي هئي۔۔۔ پر سنڌ سلامت طرفان هر سال پبلش ڪرائيندڙ ڪيلينڊر رڳو تاريخن يا موڪلن کي ڏيکارڻ جي مقصد لاءِ نه پبلش ڪيو ويندو آهي۔۔۔
    سنڌ سلامت ڪيلنڊر پبلش ڪرائڻ جا گهڻا مقصد آهن۔۔۔ جهڙوڪ۔۔
    • هڪ اهڙو ڪيلينڊر جيڪو خالص سنڌ ۽ سنڌيت کي ظاهر ڪندڙ هجي۔۔۔
    • هڪ اهڙو ڪيلينڊر جيڪو سنڌ شخصيتن کي ڀيٽا ڏيندڙ ۽ کين هر گهڙي ياد رکندڙ هجي۔۔۔
    • پنهنجي منفرد هجڻ ڪري هن ڪيلينڊر جي ضرورت آهي۔۔۔ ٽيليويزن چينلز ۽ انهن جي اسٽوڊيوز کي، ريڊيو نشر ڪندڙ ادارن کي، اخبارن ۽ رسالا ڇپرائيندڙن کي، تعليمي ادارن کي ۽ هر ان ماڻهون کي جيڪو انگريزي ۽ سنڌي (اسلامي) تاريخن کي معلوم ڪرڻ سان گڏو گڏ سنڌي شخصيتن جي ڪردار ۽ سنڌ جي مسئلن لاء درد رکندڙ هجي۔۔۔
    • هن ڪيلينڊر کي تعليمي ادارن تائين پهچائيندي جتي هڪ خاموش پيغام موڪلجي ٿو اتي اهي سوڀر، تعليم يافته ۽ ٽيڪنالاجي جا ماهر سنڌي جيڪي پنهنجي ٻولي ۽ زبان لاءِ ڪجهه گهرڻ چاهين ٿا کي هڪ اهڙو پليٽ فارم ڏسڻ ۽ ٻڌائڻ آهي جتي اچي هو پنهنجي جذبن جو اظهار ڪرڻ سان گڏو گڏ سنڌ سلامت جا سهڪاري بڻجن۔۔۔
    • سنڌ سلامت جا 2010 ۽ 2011 ڪيلينڊر سنڌي شخصيتن کي ياد ڪندي کين ڀيٽا ڏيڻ جو نياپو ڏيندڙ هيا۔۔۔ جڏهن ته سنڌ سلامت ڪيلنڊر 2012 سنڌيت تي لڳاتار ٻن سالن کان ايندڙ ٻوڏن سان ٿيندڙ نقصان کي واضح خاموش پيغام ذريعي سڄاڻ ڌرين ۾ درد جڳائڻ جو نياپو موڪليندڙ هيو۔۔۔۔
    هوئن ته انهن مقصدن لاءِ سنڌ سلامت جو پليٽفارم به پنهنجي طور هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي۔۔ ۽ سنڌ سلامت جا انتظامي رڪن سوشل نيٽ ورڪس خاص طور فيس بوڪ تي پڻ سنڌين کي سجاڳي جو پيغام پهچائي رهيا آهن۔۔۔ پر هڪ محتاط اندازي موجب 80 سيڪڙو سنڌي اڃان به انٽرنيٽ کان پري پنهنجن مسئلن ۾ الجهيل آهن۔۔۔ جن تائين سنڌ سلامت جو پيغام پهچائڻ ۽ سندن حوصلا وڌائڻ لاءِ جيڪڏهن ڪو ماهوار يا ڇهه ماهي رسالو نه ٿو پبلش ڪرائي سگهجي ته سال ۾ هڪ دفعو ڪيلينڊر ڇپائي پڻ اهو مقصد حاصل ڪرڻ جي هڪ ننڍي ڪوشش ڪري سگهجي ٿي۔۔۔۔
    جيئن ته سنڌ سلامت طرفان ڪجهه ڏينهن اڳ ئي ڊجيٽل قرآن پروجيڪٽ تي ڪم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي۔۔۔ جيڪو هڪ خالص ديني ۽ نيڪي جو ڪم آهي جنهن ۾ توهان طرفان مليل عطيه پروجيڪٽ جي مڪمل ٿيڻ سان گڏ هن پروجيڪٽ کي مفت ۾ سموري سنڌين تائين پهچائڻ ۾ انتهائي مددگار ٿيندا۔۔۔ ان پروجيڪٽ جي سلسلي ۾ توهان طرفان مليل عطين جو اجورو توهان کي رب پاڪ جي طرفان ئي هن دنيا ۽ آخرت ۾ ملندو۔۔۔
    جڏهن ته سنڌ سلامت ڪيلينڊر جا مقصد مٿي بيان ڪيا ويا آهن۔۔۔ ۽ هن پروجيڪٽ لاءِ هر سال ڪنهن به قسم جا عطيه وصول نه ڪيا ويا آهن۔۔۔ بلڪه دوستن اڳيان ڪيلنڊر پروجيڪٽ تي ايندڙ خرچي کي ٻڌائيندي ڪنهن به منافعي بجاءِ ايندڙ خرچ تي مشتمل ڪيلينڊر جي هڪ قيمت رکي ويندي آهي ۽ دوستن کي گذارش ڪئي ويندي آهي ته سنڌيت جي هن پرچارڪ ۾ سنڌ سلامت سان ساٿ نڀائيندي هي ڪيلينڊر خريد ڪري پنهنجي دوستن، احبابن کي تحفي طور ڏيڻ کانسواءِ مختلف تعليمي ادارن، نشرياتي ادارن ۽ سجاڳ ڌرين تائين پهتا ڪيا وڃن۔۔۔ سنڌ سلامت پنهنجي انهن سڀني مهربان دوستن جو هر سال شڪر گذار رهندو آهي جيڪي سنڌ سلامت جي ڪيلينڊرس کي خريد ڪري مفت ورهائيندا آهن۔۔۔

    هاڻي سوچ اچي ٿي ته سنڌ سلامت ڊجيٽل قرآن پروجيڪٽ هٿن ۾ هجڻ دوران جيڪڏهن سنڌ سلامت ڪيلنڊر پروجيڪٽ کي به پورو ڪندي هر سال جي روايت کي برقرار رکڻ جي چڪر ۾ ڪاٿي سنڌ سلامت جي رڪنن مٿان هي ڪو اضافي وزن ته نه ايندو۔۔۔

    دوستو ان سوچ کي سامهون رکندي هن سال سنڌ سلامت جي ڪيلينڊر کي پبلش ڪرائڻ جو حوصلو پيدا نه ٿي رهيو آهي۔۔۔ ان باوجود سنڌ سلامت هر دفعي پنهنجي رڪنن جي راين کي مان ڏنو آهي۔۔ سائين غلام مصطفي ميمڻ جن جي مهرباني ۔۔ جن سنڌ سلامت جي هن سالاني پروجيڪٽ طرف ڌيان ڇڪرايو۔۔۔ ان ڪري جيڪڏهن دوستن جو صلاحون هاڪاري هجن ته ان طرف عملي قدم وڌائي سگهجن ٿا۔۔۔ ان ڪري توهان جي راين جو انتظار رهندو۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    دوستن جي را مون پڙهي پر اها ڳالهه صفا نٿي ٺهڪي ته هاڻ وال ڪيلينڊر جي اهميت ختم ٿي وئي آهي، ان جي اهميت اڄ به قائم آهي، جيڪڏهن مان پنهنجي آفيس ۾ ويٺو آهيان ۽ منهنجي ٽيبل پٺياب ڀت تي سنڌ سلامت جو ڪيلنڊر هوندو ته يقينن مون سان ملڻ ايندڙ دوست ان بابت پڇندا، پر جڪڏهن ڪجهه به نه هوندو ته سنڌ سلامت بابت ڪا ڳالهه به نه نڪريندي، هاڻ اهي منهنجو ڪمپيوٽر يا منهنجو موبائيل ته کو لي نه ڏسندا ته مان به ڪو سنڌ سلامت جهڙي سهڻي اڱڻ جو ڀاتي آهيان، پر جيڪڏهن ڪيلنڊر هوندو ته آفيس يا گهر ۾ لڳائي سگهجي ٿو۔ مان ته ڇپرائڻ جي حق ۾ آهيان، وڌيڪ انتظآميه جي جيڪا صلاح هجي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    ادا ذيشان رشيد ۽ ٻيا محترم رڪن انتظاميه ؤ ميمبرس اسلام عليڪم ۔
    ڪلينڊر ڇپرائڻ جو اهومطلب نه هوندو آهي ته ماڻهون کي تاريخ ( ڍيٽ) جي باري ۾ ٻڌائجي، پر حقيقت ۾ اها هڪ قسم جي پبلسٽي جو ڪم ڏيندا آهن ۔ توهان پاڻ ان ڳاله جا شاهد آهيو ته ڏاهن، اديبن ۽ شاعرن جڏهن اسان جي هن اڱڻ جا ڪلينڊر ڏٺا ته هنن انهن ڪاوشن کي ساراهيو،جنهن جي گواهي ادا سليمان به ڏيندا۔ بيشۡڪ اسان جا محنتي، هڏ ڏوکي ڏاها هڪ ٻئي پرجيڪٽ جيڪو قران پاڪ جي تفصير جي حوالي سان آهي ۾ تمام گهڻا بيزي آهن ، اسانجي خيال ۾ اهو پروجيڪٽ تڪميل ٿيڻ ۾ ڪافي ٽائيم وٺيندوان سان گڏ ان کي آپ ٽو ڍيٽ به ڪرڻو پوندو مطلب ته اهو هڪ لانگ لائيف پروجيڪٽ آهي، پر ڪلينڊر جيڪو هن اڱڻ تان هر سال ۾ ڇپجندو هو، جيڪڏهن نه ڇپارائبو ته اهو هڪ سٺو پيغام نه ڏيندو ڏاهن۔ شاعرن ۔اديبن ۽ شاگردن يا عام ماڻهن کي جن پوئين سال انهن ڪلينڊرن کي پنهنجي گهر، آفيس، اسڪول ، ڪاليج ۽ دوڪانن جي ڀيتين جو زينت بنائيندي ، ان ڪلينڊر جي تعريف ڪئي هئي۔
    ايتريون ڪيتريون ڪمپنيون آهن جن جون پروڊيڪسٽ ماڻهون لائين ۾ بيهي وٺيندا آهن، پر ان جي باوجود به اهئي ڪمپنيون هر سال ڪلينڍر ڇپارائينيون آهن۔ ٽويو ٽا ڪمپني۔ سوزڪي ڪمپني، گل احمد ٽيڪسٽال مل ۽ ٻيون اهڙيون کوڙ ڪمپنيون آهن جن جو بزنس ٽرن آور تمام گهڻو هي ، ان جي باوجود به هو ڪلينڍر ڇپارائيندا آهن هر سال۔
    اسان ڪلينڊر ڇپرائڻ جي حق ۾ آهيون۔ سنڌ جي تاريخي ماڳن يا شاه صاحب جي شاعري ۾ ذڪر ڪيل ماڳن جي تصويرن واري ڪلينڊرڇپرائڻ گهرجي۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    پر مون کي سائين واصف چيو هيو ته سنڌ سلامت ڪلينڊر تيار ڪيان ٿو پيو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    رشيد صاحب جي ڳالهه ذهن ۾ رکندي هي سمجهائي سگهان ٿو ته جيڪڏهن ڪيلنڊر هارڊ ڪاپي ۾ نه ٿو اچي ته سافٽ ڪاپي ۾ ضرور اچي جيئن ڪم از ڪم ان کي اسين پنهنجي ڪمپيوٽرن ۔ وال پيپر۔ مختلف فورمن ۽ انٽرنيٽ جي مختلف صفحن جي زينت بڻائي سگهون
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    هن ڀيري سنڌ سلامت جي ڪيلينڊر ۾ مون اڳ به هڪ را ڏني هئي ته ڌرتي جي شهيدن کي ڀيٽا طور ڇپرايو وڃي۔ جنهن سان اهو ثابت ٿيندو ته اسان پنهنجن شهيدن کي ڪڏهن به وساريندا نه آهيون۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    دوستن جي مهرباني ۔۔۔ پر ڪجهه مهربانن جا راين جو اڃان به انتظار آهي۔۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    اسلام عليڪمۡ:
    سائين غلام مصطفي ميمڻ جي راء سان متفق ٿي اهو مشورو ڏجي ٿو ته ڪئلينڊر ڇپرائجڻ گهرجي
     
  13. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين رشيد ڪليندر چپائڻ گهرجي
    مان ڪليندر چپرائڻ جي حق ۾ آهيان
     
  14. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين را ۾ دير ڪرڻ سان سمجهي ته ويا هوندا ته دلچسپي آهي ڳالهين سان ڳوٺ نه ٻڌبا آهن جيڪي دوست هن ڪم ۾ حصو وٺندا آهن سي به ڪافي ته ناموس يا ميار جي ڪري اصل ڳالهه آهي ته جيڪو ماڻهو ڪجهه رقم ڏئي ٿو ته اهو ته ٻين کان نه وٺندو ان ڪري هر ڪو سوچي ٿو ته هر دفعي مان ئي قرباني جو ٻڪرو ڇو ٿيان۔ ڪجهه دوست آهن جيڪي مخلص به آهن۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو