دوستي

چنڊ جي چانڊاڻ آهي دلربا
سونهن ۽ سرهاڻ آهي دلربا

ڀيٽ ان جي ڇا ڏيان ڪوئي ڏَسي
پنهنجو ثاني پاڻ آهي دلربا

مان لغڙ هان پيار جي آڪاش جو
هواسان جي ڪاڻ آهي دلربا

لوڪ ٿو مٽجي وڃي ڪيئن اوچتو
حيرتن ۾ هاڻ آهي دلربا

عڪس جو هي معجزو آهي اياز
ڏور هوندي ساڻ آهي دلربا۔

شاعر مشوري اياز
 
Back
Top