• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آءُ گھڙي کن هيٺ لهي آ

مسيح مگسي

سينيئر رڪن
آءُگھڙي کن هيٺ لهي آ

آسي زميني

آءٌ گھڙي کن هيٺ لهي آ،
پنهنجو جوڙيل ڏيهه ڏسي وڃ
مون کان هڪڙي ڳالهه پڇي وڃ،
منهنجيهڪڙي ڳالهه ٻڌي وڃ
اي خدا تون هيٺ لهي آ
آءُ گھڙي کن هيٺ لهي آ،1388 اٽيچمينٽ ڏسو1389 اٽيچمينٽ ڏسو
هڪڙا ماڻهو ننڍڙا ماڻهو،
هڪڙا ماڻهو وڏڙا ماڻهو،
ڪهڙا ماڻهو تنهنجا ماڻهو،
پنهنجن تي نشان هڻي وڃ
مون کان هڪڙي ڳالهه پڇي وڃ،
منهنجي هڪڙي ڳالهه ٻڌي وڃ
اي خدا تون هيٺ لهي آ
پيرين اگھاڙو پيٽ بکايل
نٽهڻ اُس ۾ هر هلائي
ڪاري ڳڙ سين سُڪل ڀورا
تون به هڪ ويل چکي وڃ
مون کان هڪڙي ڳالهه پڇي وڃ
منهنجي هڪڙي ڳالهه ٻڌي وڃ
اي خدا تون هيٺ لهي آ
پيرين اگھاڙي ڇنل چولو
روئئندڙ روئندڙ ڪنهن جي ڄائي
ڌارين آڏو جھول جھلي ٿي
پنهنجيءَ کي خيرات ڏئي وڃ
مون کان هڪڙي ڳالهه پڇي وڃ
منهنجي هڪڙي ڳالهه ٻڌي وڃ
اي خدا تون هيٺ لهي آ
پنهنجو جوڙيل ڏيهه ڏسي وڃ
آسي کي جا ڏات ڏني تو
سا ئي لڇي ٿي سا ئي پُڇي ٿي
پوء ڇو ڪافردهريو سڏجان،
مون کان پنهنجي ڏات کسي وڃ
مون کان هڪڙي ڳالهه پڇي وڃ
منهنجي هڪڙي ڳالهه ٻڌي وڃ
اي خدا تون هيٺ لهي ا،
آءُ گھڙي کن هيٺ لهي آ
 
Back
Top