هڪ شاعر جو سنڌ لاءِ درد ۽ خوبصورت اندازِ بيان!

عبدالحفيظ لغاري

منتظم
انتظامي رڪن
حفيظ ڪنڀر تمام ٿوري پر بهترين شاعري ڪئي آهي، هي وڊيو ويرجي ڪولهي پاران تيار ڪئي وئي آهي جنهن ۾ حفيظ ڪنڀر پنهنجي ذاتي لائبريري ۾ سنڌ تي لکيک نظم پڙهي رهيو آهي۔ هن خوش طبع ۽ کلائي کيرو ڪندڙ شخص جو اهڙو اندازِ بيان حيران ڪندڙ آهي۔

صبح نه هو نصيب ۾، اُميد پر وري به هئي
ٽڙيا کڙيا زخم پئي، بهار رُت قريب هئي
گهٽي گهٽي پرين تنهنجي، قدم قدم صليب هئي
 
نظم​
مان ڏِسان ٿو اڄ به جاري
منجيق جي مندر تي سنگ باري
هوءَ ديبل جي بندر وٽ
رٿ ڏاهر جي سڙي پئي
منهنجي لهو ۾ لهر لال
هن سمندر ۾ رڙي پئي.
هن ڪناري جي مٿي
هيءَ ڪنهن جا پير آهن
۽ زنجيرن ۾ جسم
هي ڪير آهن
،هر قيدياڻي
آ سِنڌياڻي
هوته ٻيڙي تي چڙهي پئي
جيڪا وڃي هُن پار ڏي
حجاج جي دربار ڏي
72694_544913618873392_295358134_n.jpg
 
Back
Top