ننگر پرويز عباسي
سينيئر رڪن
غزل
سنــــڌ ۾ ڇــــو اڄ به، ڪـــارو ڪـــاري آهي
ســــور ۾ اڄ به هـــي، سنــــڌي نـــــاري آهي
هاڻي هــــــوش ڪريو، ظلـــــمن کـي ڇـــڏيـو
رسم اهڙي اوهــــــان، هت ڇـــو ڌاري آهـي
تون ظلم جا پوڄاري، ڀيڻ پنهنجي نماڻي
پاڪ دامــــن هئـــي، شـــــڪ ۾ مـاري آهـي
اهڙي رسم بنائي، نفـرت جا ڪـوٽ ٺاهـي
عمر پنهنـــجي ايئن، اوهـــان گهــاري آهـي
ڪٿي ماءُ تنهنجي، ڪٿــي ڀيڻ منهنجي آ
اهـــــا عـــورت عظيــم، پيــار ســاري آهــي
نه ننگر ٿڪندو ڪڏهن،لکندو شعر لکــي
ظالمن جــي خــــلاف، قلــم جـــــاري آهـــي
شاعر: ننگر عباسي