ثقافتي ڏهاڙو سنڌيت جو نئون روح ڦوڪيندو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ مسيح مگسي طرفان آندل موضوعَ ‏20 ڊسمبر 2012۔

  1. مسيح مگسي

    مسيح مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2012
    تحريرون:
    161
    ورتل پسنديدگيون:
    411
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    قمبر
    ثقافتي ڏهاڙو سنڌيت جو نئون روح ڦوڪيندو
    مسيح مگسي
    اڄ 21 ڊسمبر آهي ۽ اڄ سنڌ جا ڪروڙين ماڻهو پنهنجي ثقافت جو ڏهاڙو انتهائي جوش ۽ جذبي سان ملهائي رهيا آهن. سنڌ ميڊيا فورم جي سڏ تي سنڌ جون سڀ سياسي، سماجي ڌريون، ننڍيون وڏيون تنظيمون، عام ماڻهو، عورتون ، مرد ۽ ٻار پنهنجي هزارين سال پراڻي ثقافت جي تحفظ ۽ آبياري لاءِ ،گسن، گهٽين ۽ بازارن ۾ مختلف پروگرام منعقد ڪري رهيا آهن. زنده قومون هميشه پنهنجي ثقافت کي زندهه رکنديون آهن، جيڪا انهن جي سڃاڻپ هوندي آهي. هر قوم جي ڪا نه ڪا ثقافت هوندي آهي. جنهن سان هو سڄي دنيا ۾ سڃاتي ويندي آهي. اهڙي ريت سنڌي قوم جي به هڪ ثقافت آهي. جنهن سان اها سڄي دنيـا ۾ ڄاتي ۽ سڃاتي وڃي ٿي. سنڌ جي ثقافت تمام آڳاٽي ۽ خوبصورت آهي. اسان جي ثقافت جي سڃاڻپ سنڌي اجرڪ، ٽوپي، سوسي ۽ ٻيا لباس آهن. پنهنجي موسيقي، ساز ۽ آواز آهن. جيڪي ٻين قومن کان مختلف آهن.
    اڄ 21 ڊسمبر جو ڏهاڙو سمورن سنڌين لاءِ عيد جي ڏينهن وانگر آهي. اڄ سنڌي بحيثيت قوم پنهنجي اتحاد جو شاندار مظاهرو ڪندا. هو دنيا آڏو ثابت ڪندا ته سنڌي دنيا جي هڪ جدت پسند، عالمي امن اتحاد ۾ يقين رکندڙ قوم آهي. سنڌي ماڻهو مذهبي رواداري، سهپ ۽ برداشت وارو ڪلچر رکن ٿا. اڄوڪي ڏينهن تي سنڌي ماڻهو دنيا کي اهو پيغام ڏيندا ته اسان جو ماضي جيترو شاندار رهيو آهي، ايندڙ مستقبل به ان کان ڪيترائي ڀيرا شاندار ۽ بهتر ثابت ٿيندو. اڄوڪو ڏ ـنهن اسان کي اهڙي ريت ملهائڻ کپي ته جيئن اسان جي نئين نسل تي اسان جي ثقافت اجاگر ٿئي ۽ ٻين قومن کي اهو پيغام پهچي ته اسان سنڌي هڪ آهيون ۽ دنيا جي ڪا به طاقت اسان کي ڌار ڪري نه ٿي سگهي. سنڌ جا 5 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو پنهنجي دشمنن تي اهو ثابت ڪندا ته اوهان طرفان جيڪي به سازشون هن قوم ۽ ڌرتي خلاف ٿين پيون، سمورا سنڌي انهن جو همت ۽ حوصلي سان جواب ڏيندا.
    سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو سنڌ جي واهڻن، وستين ۽ ڳوٺن توڙي شهرن ۾ مردن،عورتن، پوڙهن، پڪن ۽ ننڍڙن ٻارن ۾ سنڌيت جو نئون روح ڦوڪيندو. اڄوڪو ڏينهن اسان جي ثقافت ۽ تهذيب سان ڳانڍاپي کي مضبوط ڪندو. سنڌ واسي ايڪتا جو اهڙو ثبوت ڏيندا جو هو پنهنجا سڀ ويڇا وساري هڪ لڙهيءَ ۾ پوئجي ويندا. سنڌي ماڻهو سڀئي ويڇا، جهيڙا، سياستون ۽ نفرتون وساري هڪ ٿي سڄي دنيا جي سامهون محبت، ڀائيچاري ۽ ٻڌيءَ جو شاندار مثال قائم ڪندا. سنڌي ماڻهو پنهنجي تاريخ، تهذيب، ثقافت، ٻولي سان بي انتها پيار ڪن ٿا. ان تي ڪنهن به حملي کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيندا. ان جي تحفظ لاءِ پنهنجي جان گهورڻ کان به ڪين ڪيٻائيندا. اهو سنڌ جي تاريخ ثابت ڪيو آهي.
    اڄ سنڌ جا ڪروڙين ماڻهو پنهنجي اتحاد ذريعي اهو ثابت ڪندا ته هنن کي ٻٽو تڪراري نظام قبول ناهي، هو سنڌ وطن جو ورهاڱو نه ٿا چاهين، ان لاءِ ڀل جانين جو نذرانو ڏيڻو پوي ڏيندا پر سنڌ ۽ سنڌيت جو وجود برقرار رکندا ۽ پنهنجي ديس خلاف ڪنهن به سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا..
     
    امدا علي قادري هيء پسند ڪيو آهي.
  2. مسيح مگسي

    مسيح مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2012
    تحريرون:
    161
    ورتل پسنديدگيون:
    411
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    قمبر
    سنڌ سلامت جي اڱڻ تي آيل سمورن سڄڻن کي ايڪتا ڏهاڙي جون اڳواٽ واڌايون
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    لک ٿورا دوست مسيح مگسي جا ۔۔۔۔۔۔۔ سدا خوش هجو، سدا آباد هجو ۔۔۔

    قومن جي سڃاڻ انهن جي رهڻي ڪهڻي ۽ ثقافتي قدرن مان معلوم ٿيندي آهي. اهي قومون دنيا جي نقشي تي سدائين آباد رهنديون آهن جيڪي پنهنجي ثقافتي قدرن کي زندهه رکن ٿيون. سنڌ کي صدين کان پنهنجي ثقافتي قدرن ۽ ثقافتي لباس سبب هڪ الڳ ئي سڃاڻ آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪجهه وقت کان سنڌ جي قومي ٻولي ۽ قومي لباس سان گڏ ثقافت کي اها موٽ ڪانه ملي سگهي. سنڌ جي گهڻگهرن کي جس هجي جنهن ثقافتي ڏڻ جي شروعات ڪري پنهنجي ڌرتي ماء جي سڃاڻ، سندس ثقافت کي ٻيهر هڪ نئين جوش ۽ ولولي سان جيئاريو آهي.
     
    امدا علي قادري، مسيح مگسي ۽ (deleted member) هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو