نئون ڊرامون ڪجهه سوال

'راءِ شماري' فورم ۾ عتيق الرحمان طرفان آندل موضوعَ ‏20 ڊسمبر 2012۔

  1. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    اوچتو زهن ۾ ڪجهه نوان سوال پيدا ٿيا آهن ،سوچڻ تي مجبور ٿيس پر ڪجهه به سمجه ۾ نه آيو سوچيم پنهجي سڄڻن سان ونڊ ڪيا متان ڪٿان جواب لڀي پوي،
    ايم ڪيو ايم جو نئون ڊرامو جيڪو حڪومت جي ملي ڀڳت سان ڪيو ويو آهي ،هميشه وانگر عوامي رد عمل جو بنياد بنائي ڪيو ويو آهي،۽ ان ۾ ملوث مضبوط ادارا عوم سان کيڏ کيڏي رهيا آهن اچرج جهڙي ڳاله آهي،
    هڪ اهڙو ماڻهو جنهن تي ڪيترن ئي انسانن جي قتل جا ڪيس داخل هجن جيڪو انهن ڪيسن کي منهن ڏيڻ جي بجاء ملڪ مان فرار ٿي وڃي،۽ پانهجي تشدد پسند ساٿين جي مدد سان هڪ تنظيم کي زنده رکي عوام تي تشدد جي زريعي مسلط ٿي ڪيتري ئي عرصي کان ملڪ جي ماڻهن جي جان ۽ مال سان راند کيڏي رهيو آهي،جنهن جي لاء اگر هن کي رت جون نديون وهائڻيون پون ٿيون ته ان کان به نٿو ڪيٻائي ۽ هر روز اهيا رت جي راند جاري وساري آهي پر ان تي ڪڏهن به ڪنهن به عدالت ڪو نوٽيس ڪو نه ورتو ڪنهن کي به انصاف مهيا نه ڪيو رهندو جيڪي قتل جي مقدمن ۾ ملوث دهشتگرد پڪڙيا ويا جن پنهجي گناهن جو اقرار به ڪيو بجاء انهن کي سزائي موت ڏيڻ جي آزاد ڪيو ويو اوچتو عدالت جي بيحرمتي تي روبرو گهرائڻ جو قصد ڪيو ويو آهي ۽ عدالت سڳوري سخت ناراض ٿي آهي،ان جي پٺيان ڪهڙو راز ٿي سگهي ٿو؟
    مطلب عدالتون به ان ڊرامي جو شڪار آهن جن کي جڏهن به ڪو چاهي پنهجي مقصد خاطر استعمال ڪري سگهي ٿو۽ هر حال ۾ الله جي هنن معصوم انسانن جو تقدس پائمال ڪرڻ جو پنهجو پاور استعمال ڪندي باور ڪرائڻ آهي ته انهن جي مرضي سان ئي قانون استعمال ڪيو ويندو ان قانون جو انسانن يا انهن جي حقن سان ڪو تعلق ئي ڪونهي جيڪو جنهن منسب تي آهي ان تي ان جو پورو اختيار آهي ان تي ٻي ڪا به زميواري ڪونهي،نه انهن کي ڪنهن الله جو خوف آهي نه پنهجي حق هلال جي پرواه نه انهن جو ڪو ضمير آهي نه انهن جي اندر ڪو انسان پلجي ٿو بس اهي جن جا نوڪر آهن انهن جي واسطي ڪرسيون سنڀالي ويٺا آهن ،ڪو به انهن ۾ اهڙو لائق ڪونهي جيڪو هن ڌرتي تي رهندڙ انسانن جي پرگهور لهي ،
    انهن جي ماء پيُ جا اهڙا خواب پورا ڪرڻ واسطي انهن رات ڏينهن محنت ڪري اهي منسب ماڻيا آهن جن ۾ اهي هر ظلم جو هڪ نئون داستان مرتڪب ڪندا ۽ پاڻ کي ان جو حصو بنائيندا ،انهن کي اهيو خوف به ڪونهي ته انهن کي مرڻو آهي ۽ مرڻ وقت انهن جي ربَّ جي مليل نعمتن جو حساب به انهن کي ڏيڻو پوندو،
    هتي اگر هڪ ڪاغذ جي سند تي ماڻهن جي حقن جي پائمالي ڪن ٿا اها به ان خوف پٽاندر ته جي نه ڪنداسين ته شايد اسان کي ان منسب تان هٽايو ويندو ،ته ان دستاويز جو ڪيئن حساب ڏيندا جيڪو انهن جي مالڪ يعني الله پاڪ طرفان هڪ ڪتاب جي صورت ۾ موڪليو ويو آهي جنهن کي قرآن چوندا آهن،
    خير اصل ڳاله طرف اچان ٿو
    سوال اهيو آهي ته
    ڇا ڪٿي ائين ته ناهي ته ٻاهرين ملڪ ۾ هلندڙ قتل جي تفتيش جا پيرا ڀائي جي گهر ۾ پيا آهن۽ ڀائي کي بچائڻ لاء جڏهن هن ملڪ جو صدر پنهجي پاڙيسري ملڪ جو دورو ملتوي ڪري ۽ پنهجي حرامين جي سردار کي بچائڻ لاء نڪري ويو۽ ناڪامي تي اتان ئي اهيو مشورو وٺي آيو ته ڪو اهڙو طريقو ڪري ان کي پنهجي ملڪ گهرايو جتي هن کي ان تفتيش کان بچائي سگهجي ٿو ۽ ان بنياد تي اهيو ڊرامو رچائي ۽ هڪ ڏينهن ۾ هنگامي بنيادن تي فائرنگ ڪرائي سڄي ملڪ جي ۽ بين الااقوامي ميڊيا تي اهيو تاثر ڏنو ويو ته هتان جي قانون کي اهيو ماڻهو گهرجي ،جڏهن ته هتان جو عوام يا ان پارٽي جا ماڻهو به نه ٿا چاهين پر ان جي پرواه ڪئي بغير هتان جي عدالت ۾ ان کي حاضر ٿيڻو آهي ،ڇو ته اتان جي حڪومت ان کي ملڪ ڇڏڻ جي سخت ممانعت ڪئي آهي ۽ انهن جي اجازت کانسواء ملڪ نه ٿو ڇڏي سگهي
    پر جيئن ته ان حڪومت ۾ عدالتن جو تمام گهڻو تقدس آهي ان ڪري ان جو ناجائز فائدو وٺندي اهيو ڊرامو رچايو ويو هجي؟
    جڏهن ته عدالت سڳوري کان وسري ويو ته ان ماڻهو تي قتل جا ڪيس آهن جن لاء به طلب ڪري سگهن ٿا پر هنن انهن ڪيسن ۾ ان کي طلب نه ڪيو آهي ڇو ته اگر هن کي قتل ڪيس ۾ طلب ٿا ڪن مطلب ته هو اڳ۾ قاتل آهي جنهن سبب ڪري اتان جي حڪومت اڃان پنهجا شڪ يقين ۾ بدلائي سگهي ٿي،
    هن ملڪ جي عدالتن،اقرار جرم ڪندڙ مجرمن کي به سزا نه ٻڌائي ،۽ اهي مجرم جيل ۾ به نه رهي سگهيا بلڪه اهي هن ملڪ مان ئي فرار ڪرايا ويا ته ان جي هن عمل کي ڇا چئجي ؟؟؟؟؟؟مجرم به اهي جيڪي تربيت يافته قاتل جن خود اقرار ڪيا آهن ته اسان فلان فلان کي قتل ڪيو هتي ٽريننگ ورتي وغيره۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    ڇا عدالت جي اهيا ڪاروائي منسفانه آهي ؟
    هن ملڪ جون ايجنسيون ڪاٿي آهن جيڪي بيگناهب کي ته ٽارچر ڪري مارين ٿيون انهن کي هن ملڪ ۾ هنن دهشتگردن جون ڪاروايون نظر نه ٿيون اچن؟ ڇا اهيا دهشتگردي ناهي،يا اهي مجرم ناهن جيڪي خون جي جوابدارن کي پناه ڏين ۽ انهن کي جيلن مان آزاد ڪرائين ۽ ملڪ مان ٻاهر ڪرائين ؟؟؟؟؟
    ڇا ايجنسين جو اهيو عمل منسفانه آهي ،ڇا اهي هن جرم ۾ حصيدار ڪونهن؟؟؟؟؟؟؟؟
    جڏهن ته هٿين خالي نوجوان قتل ڪري انهن کي اجايو پنهجي تشدد جو نشانو بنائي انهن جا گهر ويران ڪري اهي پاڻ کي هن ملڪ جا وفادار ٿا سمجهن شرم اچڻ گهرجي؟؟؟؟؟اهڙي نوڪري ڪرڻ تي انهن کي،
    هن ملڪ جا رکوالا الله جي ان حسابن ڪتابن ۾شايد يقين نه ٿا رکن جن جو زڪر قرآن ۾ ٻڌايل آهي
    تڏهن پنهجي هڪ هٽي قائم ڪيون ويٺا آهن،هر دئور جي فرعون لاء الله جو قانون اهو ئي آهي ان جي ئي گهر ۾ موسي ا ايندو ۽ ان کي ختم ڪندو،ڪيئي ڏسندا رهجي ويا ،
    ڇا ڀائي کي موت کان بچائڻ ۾ ايم ڪيو ايم ڪامياب ويندي؟
    هڪ وڏي عرصي گزرڻ کان پو الله پاڪ ظلم سهندڙن کي نجات ڏياريندو آهي ۽ جڏهن ظالم ظلم ۾ نروار ٿيندو آهي ته الله پنهجي هٿين خالي ٻانهن جي مدد ڪندو آهي ۽ پنهجي خدائي جو مظهر ڏيکاريندو آهي ،پوء بچائڻ وارن کي پاڻي ۾ به رستو ٺاهي ڏيندو آهي ،پر خدا جڏهن جنهن تي غضب نازل ڪندو آهي ته ان جي غضب کان ڪو ئي بچي نه سگهيو آهي ،
    دعا آهي ته
    الله پاڪ اسانجي پنهجي قوم ، مظلوم، معصوم سنڌي ۽ سنڌ پرستن جي مغفرت عطا فرمائي ۽ اسان ۾ همٿ ۽ حوصلو عطا ڪري اسان تي پنهجي خاص عنايت فرمائي جيئن اسان پنهجي ثقافت جي فطري اصولن تحت امن محبت پيار ۽ پرچار سان زندگي بسر ڪيون ،پنهجا ويڙها وسايون جنت جي لالچ کان سواء پنهجي رب جي ويجهو رهون
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    عزت مابه جناب عتيق الرحمان صاحب اسلام عليڪم۔
    سائين منهنجا اسان جي جوڍيشري ايئن نه آهي جيئن توهان مٿي فرمايو آهي۔ اسانجي ججن کي فيصلا ملڪ جي قانون ۽ دستور جي مطابق ڪرڻا هوندا آهن۔
    هر جج کي ان تي ڪامل يقين آهي ته انصاف ڪرڻ جي صفت الله پاڪ جي آهي ۽ جڏهن ڪير به ايماندار انسان جج جي سيٽ سنڀاليندو آهي ته هو الله پاڪ جي نائب جي حثيت سان الله پاڪ جي رهنمائي ۽ مدد سان انصاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي۔ جج جوڪم فيصلو ڪرڻ آهي ،ان تي عمل درآمد ڪرڻ لاء حڪومت جون مخصوص مشينريون هونديون آهن۔ جيڪڏهن اهئي مشنريون پنهنجو ڪم صحيحي نموني انجام نه ڏيندديون ته ڇا ان جي ڪري جج صاحب جو ڪريڪٽر تنقيد هيٺ ايندو؟۔
    نه سائين منهنجا نه۔ ملڪي قانون جي اڻڄاڻائي جي ڪري عام ماڻهون انهن ضبطن ؤ قانوني حد بندي کان واقف نه هوندا آهن جن جي ڪري هو انهن گروانڊ رئلٽيزي جن کي جج صاحب منهن ڏيندا آهن نه سمجهي سگهندو آهن۔
    توهان جي اها سوچ غلط آهي ته جج صاحب جن جا (حاڪم وقت) نوڪر آهن انهن جون ڪرسيون سنڀالي ويٺا آهن يا جج صاحب پنهنجي ضمير يا الله پاڪ کي جوابده نه آهن ۔ هر انسان وانگر جج صاحب به الله پاڪ جي سامهون جوابده آهن۔
    اسان جي پياري مذهب ۽ انگريزن جي قانون جيڪو اسان جي ملڪ ۾ رائج آهي جي مطابق ڪورٽون فيصلاء گواهن ۽ ڪاغذن جي بنياد تي ڏينديون آهن ۽ نه ڪو پنهنجي ذاتي مشاهدي تي۔ جيڪڏهن گواه قسم کڻي ڪورٽ ۾ ڪوڙي شاهدي ڏيندا، قتل ڪري صرف پيء ، پر فريادي پي سان گڏ پٽ ۽ ٻين ويجهن مائٽن کي به ڪيس ۾ ڦاسائين ته ڇا ڪورٽ انهن سڀني کي ڦاسي تي چاڙهي ، نه سائين منهنجا نه۔ اسان جي قانون مطابق ( آرٽيڪل 38 ۽ 39 قانون شهادت آرڊينس ) ڪنهن ملزم جو پوليس وٽ ڏوه قبول ڪرڻ واري بيان جي ڪا قانوني حثيت نه آهي ۽ ان کي ملزم جي خلاف استعمال نه ٿو ڪري سگهجي۔
    ڇا توهان سمجهو ٿا ته اسان جي پوليس ايڏي سٺي ۽ ايماندار آهي ، جيڪا شاهديون نه ٿئي مٽائي؟ ڇا پوليس جي ٿرڊ ڊگري ٽارچر جي ڪري بي ڏوهي شخص ڏوهه قبول نه ڪندو آهي؟ جڏهن اهو ملزم پوليس وٽ پنهنجي جرم جو اعتراف ڪري ٿو ٿه ڪورٽ ۾ ڇو نه ٿوڪري؟ توهان پاڻ ان جو اندازو لڳائي سگهو ٿا ته هن جي پوليس وٽ ريڪارڊ ڪيل بيان ڪيترو رضامندي سان ڏنل هوندو آهي۔ توهان جي ڳاله ته مجرم جڏهن پنهنجي جرم جو اعتراف ڪري ٿو پوء به ان کي ڪورٽ سزا نه ٿئي ڏئي، سائين منهنجا اها اوهان جي غلط رائي آهي۔ جيڪڏهن ملزم پوليس ريمانڊ جي دوران پنهنجي ڏوه جو اعتراف علائقي جي جوڊيشل مائجسٽريٽ جنهن کي قانون جي زبان ۾ جوڊيشل ڪنفيشن (انڊر سيڪشن 164 سي آر پي سي ) وٽ ريڪارڊ ڪرائي ٿو ته اهو ان جو بيان قانوني حثيت رکي ٿو ۽ اسان اوهان کي اهڙا هزارين ڪيسن جو حوالو ڏئي سگهون ٿا جنهن ۾ جڏهن گواهه ڪورٽ ۾ ڪنهن به وجه سان ڦري ويا ۽سچي ملزم جي خلاف گواهي نه ڏنائون، انهن کي صرف انهن جي جوڊيشل ڪنفيشن جي بيس تي سزا ڏني ويئي۔

    توهان جن ماڻهون جي باري ۾ لکيو اهي ته ڪورٽ انهن کي سزا ڏيڻ جي بدارن جهاز ۾ چاڙهي ٻين ملڪن ۾ موڪليو آهي، اهو ڪورٽن نه ڪيو آهي ،توهان کي شايد ياد نه رهيو آهي ته ڪورٽ ته انهن کي عمرقيد جي سزا ڏني هئي پر ان وقت جي حڪومت سعودي عرب جي دٻاء تي هنن کي ملڪ مان روانه ڪيو هو۔ڇا حڪومت جي ان عمل ۾ به ڪورٽ ياجج صاحب ڏوهاري آهن؟
    ڪريمنل ڪيس جي پروسيجر جي باري ۾ توهان کي شايد واقفيت نه آهي ، وڌيڪ لکڻ کان پهريائين اسان ڪوشش ڪيون ٿا ته اوها نکي ان جي باري ۾ ڪجه آگاهي ڏيون
    جڏهن به ڪو ڏوه ٿيندو آهي ته فريادي ڌر حد جي ٿاڻي جي اندر ايف آئي آر، جنهن کي 154 سي آر پي سي( ڪريمنل پروسيجر ڪوڊ)جو بيان به چيو ويندو آهي ڪٽرائيندي آهي ۔ ان ڪيس جي تفشيش شروع ٿئي ويندي آهي۔ پوليس آفسير جڏهن ڪنهن ملزم کي ان ڪيس ۾ گرفتار ڪندو آهي ته 24 ڪلاڪن اندر هن کي علائقي جي جوڊيشل مائجسٽريٽ وٽ پيش ڪندو آهي رمانڊ لاء(انڊر سيڪشن 167 سي آر پي سي) مائجسٽريٽ چوڏهن ڏينهن تائين وقفي وقفي سان پوليس يا جيل ڪسٽڊي جو ريمانڊ ڏيندو آهي۔ چوڏهن ڏينهن جي گذرڻ جي فورن بعد آنوسٽگيشن آفسير (آئي آو) چالان (انڊر سيڪشن 173 سي آر پي سي) پنهنجي هائير اٿارٽي جي اپرول سان گڏ علائقي مائجسٽريٽ جي ڪورٽ ۾ جمع ڪرائيندو آهي ۔ ان ۾ گرفتار ۽ مفرور ملزمن جي نالن جو اندراج ڪندو آهي۔علائقي مائجسٽريٽ چارج شيٽ (چالان) جي سيڪشن جي تحت يا ته ڪيس جيڪڏهن مائجسٽريٽ ٽرائل جو هوندو آهي ته پاڻ وٽ رکندو آهي ۽ جيڪڏهن سيشن ٽرائل هوندو آهي ته جناب سيشن جج صاحب جي آفيس ۾ سينٽ آپ (موڪليندو) آهي ۔ سيشن جج صاحب يا اهو ڪيس پاڻ هلائيندو آهي يا ڪنهن ايڊِشينل سيشن جج جي ڪورٽ ۾ ٽرانسفر ڪندو آهي ۔جٿي به ڪيس هلندو آهي ، اها ان ڪيس جي ٽرائيل ڪورٽ چورائيند آهي۔ ٽرائيل ڪورٽ هڪدم مفرور ملزمن جا ناقابل ضمانت وارنٽ ڪڍي پوليس جي حوالي ڪندي آهي ،انهن کي گرفتار ڪرڻ لاء ۔پوليس ۔ آنوسٽگيشن آفسير ڪوشش ڪندا آهن ته ان ملزم کي گرفتار ڪيون ، جڏهن ملزم جي ڪنهن آڻڄاڻ جڳه تي لڪڻ جي ڪري ،هو ڪامياب نه ٿيندا آهن ته ٽرائيل ڪورٽ ۾ ان حوالي سان رپورٽ پيش ڪندا آهن ٻن علائقي جي ماڻهون جي شاهدي سان گڏ۔ ڪورٽ ان مفرور ملزم جي خلاف ،هن جي جائيداد ضبط ۽ اشتهاري ڏوهاري (انڊر سيڪشن 87 ۽ 88 سي آر پي سي” ڪريمنل پروسيجر ڪوڊ“) تحت ڪاروئي ڪري هن کي مفرور ملزم (انڊر سيڪشن 512 سي آر پي سي) قرار ڏئي، گواهن جي شاهدي ريڪارڊ ڪري ، ان مفرور ملزم جو ڪيس ڊارمنٽ فائيل( ريڪارڊ ) تي رکندي آهي ، ان وقت تائين جيستائين اهو ملزم گرفتار نه ٿيندو آهي، جڏهن هو گرفتار ٿيندو آهي ته ڪيس جي ڪاروئي هن جي خلاف شروع ٿئي ويندي آهي۔ انسداد دهشت گردي جي قانون کانسواء ڪنهن به ٻئي قانون جي اندرمفرور ملزم کي هن جي غير حاضري ۾ سزا نه ٿئي ڏئي سگهجي۔ اهوڪيس ٽرائيل ڪورٽ وٽ ئي رهندو آهي جيستائين مفرور ملزم گرفتار نه ٿو ٿئي۔ سيشن ٽرائيل ڪسين ۾ عزت مابه هائي ڪورٽ ۽ عزت مابه سپريم ڪورٽ اپيلٽ ڪورٽون هونديون آهن۔انهن جو ٽرائيل سان ڪنهن به قسم جو واسطو نه هوندو آهي۔
    جنهن شخص جي حوالي سان اوهان پنهنجو مضمون لکيو آهي ،ان کا انهي سڀني ڪيسن ۾ ٽرائيل ڪورٽس مفرور قرار ڏئي هن جا ڪيس ڊارمنٽ فائيل تي رکيا آهن۔ هن جي خلاف اهئي ڪيس ختم نه ٿيا آهن، جڏهن به هو پاڪستان ايندو انهن سڀني ڪيسن کا منهن ڏيندو۔دائمي ناقابل ضمانت ( پريپٽيول اين بي ڊبليو)جو وارنٽ هر مفرور ملزم جي خلاف ٽرائيل ڪورٽ جاري ڪندي آهي ،جيڪو متعلق ٿاڻي ۾ پيو هوندو آهي۔ ان ٿاڻي ۽ ٻين ايجنسين جو ڪم آهي ته ان مفرور ملزم کي گرفتار ڪن ۔ جج صاحب پاڻ وڃي ان کي نه پڪڙيندو نه قانون ۾ ان قسم جي ڪا گنجائش آهي۔ توهان جيڪڏهن پنهنجي حافظي تي زور ڏيندا ته اوهان کي ڄام صادق ضرور ياد آيندو، هوقتل جي ڪيس ۾ ملوث هو۽ ڪيترو وقت ملڪ کان ٻاهر رهيو، جڏهن هو پاڪستان آيو ته ايئرپورٽ تي ئي هن کي گرفتارڪيو ويو هو ٽرائيل ڪورٽ جي پر پٽيول اين بي ڊبليو جي بيس تي ۔بعد ۾ هن هائي ڪورٽ مان ضمانت ڪرائي هئي۔ عزت مابه هائي ڪورٽ ۽ عزت مابه سپريم ڪورٽ جو صوابديد اختيار ۾ اهو نه آهي ته ٽرائيل ڪورٽ جي مفرور ملزم جي گرفتاري لاء حڪم جاري ڪري يا ڪي ڪوششون وٺي۔
    مٿين تفصيل مان اوهان اهو ته بلڪل سمجهي ويا هوندا ته خون جا جيڪي به ڪيس هن همراه جي مٿان آهن ، انهن ۾ ٽرائل ڪورٽ هن کي مفرور قرار ڏنو آهي ۽ ٽرئل ڪورٽ جي وارنٽ تي پوليس هن کي گرفتار ڪري سگهي ٿي۔سپريم ڪورٽ يا هائي ڪورٽ هن کي ٻاهرين ملڪ مان نه ٿئي گهرائي سگهي۔اميد ته اوهان کي پنهنجي ان شڪايت ته سپريم ڪورٽ يا هائي ڪورٽ هن کي قتل جي ڪيسن ۾ ڇو نه ٿئي گهرائي سگهي؟ جو جواب ملي ويو هوندو۔
    سپريم ڪورٽ جيڪو هن کي ڪنٽميٽ آف ڪورٽ جو نوٽس ڏنو آهي ان جي وجه هن جي اعلي عدليه جي بار ي۾ ڏنل ريمارڪس، دهمڪيون ۽ اعلي عدليه جو اميج عوام ۾ خراب ڪرڻ جي ڪوشش تي ڏنو ويو آهي۔هن ڇاڪاڻ ته اهو سڀ ڪجه عزت مابه سپريم ڪورٽ جي هڪ فيصلي جي ردعمل ۾ ڪيو،تنهنڪري هن کي ڪنٽميٽ نوٽس ڏنو ويو۔ جيڪڏهن توهان ڪنٽمينٽ آف ڪورٽس جي باري ۾ ڄاڻ چاهيو ٿا ته مهرباني ڪري ان جي باري ۾ اوهان اسانجوليک قانوني مونجهاري جي حل واري دري ۾ محفوظ ٿيل آهي، کي پڙهندا ۽ ان کان پوء توهان پنهنجي هن ليک ته هڪ باريڪ بيني واري نظر وجهندي پاڻ ئي فيصلو ڪندا ته اوهان جيڪي اسان جي جوڊيشري جي باري ۾ شڪايتون ڪم رائي ڏني آهي اها صحيحي آهي يا ڪٿي توهان ڪنهن غلط فهمي جو شڪار ته نه آهيو؟
    اسان يقين سان ٿا چئون ته ڪاغذ جي هڪ سند تي ڪنهن جو به حق اسان جي ڪورٽ پامال نه ٿي ڪري۔
    توهان جي ڄاڻ لاء اهو ٻڌائيندا هلون ته ڳوٺ آباد اسڪيم جي قانون جي مطابقهئا ،اها ڪاغذ جي هڪ سند ئي هوندي آهي جيڪا ڪنهن به گورنمنٽ جي پلاٽ تي سٺ سالن کان وڌيڪ رهائش پذير کي مالڪاڻا حقوق جي طور تي متعلق ادارو ڏيندو آهي۔ ان سند جي قانون ۾ وڏي حثيت هوند آهي۔
    توهان ٻاهرين ملڪن جي عدالتن کي اسان جي ملڪ جي عدالتن جي مقابلي ۾ ساراهيو آهي۔ توهان انهن ملڪن جي عدالتن جا فيصلاء جيڪي جوڊي سمپسن ڪيس، ڊاڪٽر عافيه ڪيس،اليگيزنڊر ڪيس ۽ ٻيا اهڙا ڪيترائي ڪيس آهن پڙهي پوء ٻڌائيندا ته ڇا واقعي اوهان جي مٿين رائي صحيحي آهي۔ بليڪ شيپ ( خراب مڇليون )هر آدري ۾ هونديون آهن ،اهئي اسان جي جوڊيشري ۾ به هونديون پر عزت وارا سائين توهان انهن جي ڪري سڄي جوڊيشري جي باري ۾ ته مٿيون تاثر قائم نه ڪيو۔ توهان ته ججن جي باري ۾ ڪافي ڪجه جيڪوحقيقت ۾ غلط آهي لکي ويا آهيواها پاڪستان جي جوڊيشري آهي جنهن جي ڪري ڪجه نه ڪجه هن ملڪ جي عوام کي ريليف ملي رهيو آهي ، ورنه هن ملڪ ۾ ڇا ٿئي رهيو آهي ۽ ڇا عزام آهن صاحب اقتدار جا اهئي توهان ۽ اسان کان لڪل نه آهن۔اصغر خان جي ڪيس جي ٻڌڻي نه پئي ٿئي ته هر طرف جوڊيشري کي مورد الزام پيو ڪيو وڃي ۽ جڏهن فيصلو آيو ته ان تي عمل ڪرڻ کان صاحب اقتدار انڪار ڪري ڇڏيو۔ ڇااڃا به جوڊيشري اسان جي صحيحي نه آهي؟ توهان پنهنجي پاڻ کان پڇي ڏسو۔

    آخر ۾ سيدنا حضرت علي ڪرم الله وجه جن جو هڪ قول اوهان سان ونڍ ڪندو هلان۔
    ” قاضي لاء اهو بهتر آهي ته سوء ڏوهارين کي ڇڏي ڏئي به نسبت ان جي جو هڪ بي ڏوهي کي سزا ڏئي“

    سائين منهنجا گستاخي معاف، توهان جهڙو ڏاهو،نيڪ، شِفيق،پنهنجي اندر علم جو سمنڊ رکندڙ ماڻهون جڏهن معاملي جي گهرائي کي پرکڻ جي بدارن مٿاڇرو اندازو لڳائي هن قسم جا ليک لکيندو اهي ته الائي ڇو اسان کي اهوانهن جو عمل ايڏو سٺو نه لڳندو آهي۔
    حد اداب کي مدنظر رکندي اسان اوهان جي ليک ۾ جوڊيشري جي باري ۾ جيڪو تاثر ڏنوويو آهي،جو جواب ڏنو آهي، جيڪڏهن ان ۾ اوهان کي ڪا ڳاله بري لڳي ته معاف ڪندا۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. صنم

    صنم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 مارچ 2011
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    124
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    محترم عتيق الرحمان، محترم ميمڻ صاحب جو جواب پڙهڻ کانپوء اميد ته اوهان جي پاڪستان جي جوڊيشري جي باري ۾ رائي بدلجي ويئي هوندي۔ اسان به قانون جي شعبي سان تعلق رکون ٿا، سائين ميمڻ صاحب جيڪو ڪجه ليکو آهي قانوني لحاظ کان سوء فيصد صحيحي لکيو اٿن۔ توهان الائي ڪهڙن قانوني فيصلن مان اهو نتيجو اخذ ڪيو ته جج صاحب پنهنجي ڪرسي بچائڻ لاء وقت جي حڪمرانن جي غلامي ڪري رهيا آهن،اهو سراسر غلط آهي۔ اسان جي ملڪ جي جوڊيشري ماشالله آزادي ۽ جرت سان تمام سٺا فيصلا ڪري رهي آهي۔ توهان جي ججن سان نارضگي اسان کي سمجه ۾ نه آئي۔پنهنجي ذهن کي صاف ڪري سچ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪيو۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سنڌي نور

    سنڌي نور
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 نومبر 2011
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    408
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ديس واسين سان محبتون ونڊڻ
    ماڳ:
    سنڌ جي مٽي
    ماٺ ڪري ويهو ويندي زندگي گذري الله جي آسري پوري ڪيو يا هن اهڙي قانون جي آسري جيڪو پاڻ ئي دعوا ٿو ڪري ته مان انڌو آهيان۔ انڌن کان روشني جي اميد ٻٻرن کان ٻير گھرن جي برابر آهي۔
    سو سنڌي قوم ماٺ ۽ صبر جو موت پاڻهي مري ويندي۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    هڪ وڏي عرصي گزرڻ کان پو الله پاڪ ظلم سهندڙن کي نجات ڏياريندو آهي ۽ جڏهن ظالم ظلم ۾ نروار ٿيندو آهي ته الله پنهجي هٿين خالي ٻانهن جي مدد ڪندو آهي ۽ پنهجي خدائي جو مظهر ڏيکاريندو آهي ،پوء بچائڻ وارن کي پاڻي ۾ به رستو ٺاهي ڏيندو آهي ،پر خدا جڏهن جنهن تي غضب نازل ڪندو آهي ته ان جي غضب کان ڪو ئي بچي نه سگهيو آهي ،
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    سائين غلام مصطفي ميمڻ صاحب اسلام عليڪم ۔سڀ کان پهرين ته اوهان کان معافي ٿو طلب ڪيان جو پنهجي ڪم علمي ۽ نادان سوچ جي ڪري اوهان کي رنج پهتو آهي ،اميد ته اوهان هن نادان کي ضرور معاف ڪندو،قانون کان ناواقفيت هجڻ ڪري پيچيدگين کي سمجهي نه سگهڻ جي ڪو تاهي ٿي آهي جنهن تي ادب جا هٿ ٻڌي هل دفعو وري معافي جو طلبگار آهيان۔
    سائين عرض ته ڪجه وقت جي مصروفيت سبب اوهان سان مخاطب نه ٿي سگهيس جنهن جي پڻ معافي ٿو طلبيان۔
    جيئن ته شروع کان عرض ڪيو هئم ته هن ذهن ۾ ڪجه علم جي گهتٽائي آهي ڪجه شعور جي پڻ جنهن جي ڪري هميشه پنهجي ڳالهين سبب ڪنهن نه ڪنهجي دل رنجائي ويهندو آهيان جنهن جو تمام گهڻو افسوس آهي ،
    ڪوشش ڪندس ته ڪجهه واضع ڪيان جيئن خطا کي معاف ڪرائڻ ۾ پختگي اچي
    ايم ڪيو ايم جو نئون ڊرامو جيڪو حڪومت جي ملي ڀڳت سان ڪيو ويو آهي ،هميشه وانگر عوامي رد عمل جو بنياد بنائي ڪيو ويو آهي،۽ ان ۾ ملوث مضبوط ادارا عوم سان کيڏ کيڏي رهيا آهن اچرج جهڙي ڳاله آهي،
    جڏهن هن ملڪ جو صدر پنهجي پاڙيسري ملڪ جو دورو ملتوي ڪري ۽ پنهجي حرامين جي سردار کي بچائڻ لاء نڪري ويو۽ ناڪامي تي اتان ئي اهيو مشورو وٺي آيو ته ڪو اهڙو طريقو ڪري ان کي پنهجي ملڪ گهرايو جتي هن کي ان تفتيش کان بچائي سگهجي ٿو ۽ ان بنياد تي اهيو ڊرامو رچائي ۽ هڪ ڏينهن ۾ هنگامي بنيادن تي فائرنگ ڪرائي سڄي ملڪ جي ۽ بين الااقوامي ميڊيا تي اهيو تاثر ڏنو ويو ته هتان جي قانون کي اهيو ماڻهو گهرجي
    مطلب عدالتون به ان ڊرامي جو شڪار آهن جن کي جڏهن به ڪو چاهي پنهجي مقصد خاطر استعمال ڪري سگهي ٿو،
    اسانجي ججن کي فيصلا ملڪ جي قانون ۽ دستور جي مطابق ڪرڻا هوندا آهن۔
    انهن ڳالهين کي مدنظر رکجي ته شايد قانون جا اهي مشير جيڪي انهن پيچيدگين مان ڄاڻن ٿا جن کي استعمال ڪري اهي پنهجا مقصد هاصل ڪن ٿا جن بنياد تي ڪرمنل مانهو گورنر جي عهدي تي فائض رهي سگهن ٿا ،ته اهي قانوني صلاح مشورن سان ڇا نه ٿا ڪري سگهن،
    ڪورٽون فيصلاء گواهن ۽ ڪاغذن جي بنياد تي ڏينديون آهن ۽ نه ڪو پنهنجي ذاتي مشاهدي تي۔
    ان شئي جو فائدو وٺندي هن ملڪ ۾ پوليس ناجائز پيسو ڪمائڻ جي چڪر ۾ هميشه قانوني چاراجوئي استعمال ڪندي ڪيس رجسٽرڊ ڪنديون آهن ۽ انصاف اڌورو رهجي ويندو آهي ،۽ دينا داستي ظلم ڪرڻ جي باوجود به انصاف جي حاصلات ۾ مشڪلات کي منهن ڏسڻو پئجي ويندو آهي۔پوليس جا ڪارندا وزيرن ۽ سردارن جي ذاتي غلامي ڪرڻ لڳندا آهن،قانون کي بالاداست هجڻ جي باوجود به ڪا اهميت ڪو نه ڏيندا آهن جڏهن ته پوليس تي دسترس فوجين وزيرن ۽ سردارن جي رهي آهي ان جي ڪري اهي ماڻهو پوليس جي مدد سان عدالت تائين پهچندڙ هر ڪيس کي پنهجي حساب سان رّخ بدلائيندا رهن آهن جنهن جي ڪري انهن کي ڪنهن به سزا جي ڪا پرواه نه هوندي آهي ،۽ اهڙا ڏوهاري قسم جا ماڻهو جن جي دلچسپي ڏوه ڪرائڻ سان گهڻي هوندي آهي اهي ئي هر هنڌ اڳڀرا رهندا آيا آهن،جيئن گورنر ۽ اهڙا ٻيا کوڙ ساراعملدار جيڪي سڌو سنئون هڪ دهشت ڦيلائيندڙ تنظيم سان تعلق ٿا رکن اهي بجائي سنڌ جي گورنر هجڻ جي الطاف ڀائي جي ماتحت ڪم کي پنهجو فرض سمجهندا رهيا آهن۽ دينا داستي پنهجي ڏوهاري سرگرمين کي پنهجي پاور جي زور تي هن ملڪ جي قانون کان مٿاهون ٿي ڪري استعمال ڪري رهيا آهن،پاڪستان جون ايجنسيون هٿين خالي سرگرميون ڪندڙ فقط آواز جي ذريعي پنهجو حق گهرندڙن تي ته سڌيون گوليون هلائي ٿي باقي جيڪي سرعام سڌيون گوليون عوام تي ۽ سرڪاري عملدارن تي هلائن ٿا انهن کان خوفزده آهن،انهن لاء انهن کي ڪجه به نظر نه ٿو اچي اهي عدليه کي به باءپاس ڪري پنهجا مطلب پورو ڪريو ويٺا آهن ڪيترا ئي گمشده ماڻهوجن تي عدليه نوٽيس به ورتو پر عدم ثبوتن جي بنياد تي يا ڪاغذي ڪاروائي نه هجڻ جيڪري ڪجهه به ڪرڻ کان ڪاسر رهي ۽ اهي پنهجي مرضي سان هڪ هڪ ڪري انهن کي قتل ڪري لاش اڇلائي ڇڏن ٿا
    جيڪي قتل جي مقدمن ۾ ملوث دهشتگرد پڪڙيا ويا جن پنهجي گناهن جو اقرار به ڪيو بجاء انهن کي سزائي موت ڏيڻ جي آزاد ڪيو ويو۔
    مون انهن جي باري ۾ چوڻ جي ڪوشش ڪئي ،۽ هڪ سوال عرض آهي ته ڇا جيل مان پيرول تي آزاد ڪرڻ لاء يا ڪنهن به طرح جي آزادي عدالت جي معرفت کانسواء به ٿي سگهندي آهي ؟؟؟؟؟؟جي هوندي به ته مان ان کان اڻ ڄاڻ آهيان
    ۽ هر حال ۾ الله جي هنن معصوم انسانن جو تقدس پائمال ڪرڻ جو پنهجو پاور استعمال ڪندي باور ڪرائڻ آهي ته انهن جي مرضي سان ئي قانون استعمال ڪيو ويندو ان قانون جو انسانن يا انهن جي حقن سان ڪو تعلق ئي ڪونهي جيڪو جنهن منسب تي آهي ان تي ان جو پورو اختيار آهي ان تي ٻي ڪا به زميواري ڪونهي،نه انهن کي ڪنهن الله جو خوف آهي نه پنهجي حق هلال جي پرواه نه انهن جو ڪو ضمير آهي نه انهن جي اندر ڪو انسان پلجي ٿو بس اهي جن جا نوڪر آهن انهن جي واسطي ڪرسيون سنڀالي ويٺا آهن ،ڪو به انهن ۾ اهڙو لائق ڪونهي جيڪو هن ڌرتي تي رهندڙ انسانن جي پرگهور لهي ،
    هي لفظ انهن جي لاء استعمال ڪيا آهن جيڪي گورنر يا وزيرن جهڙن عهدن تي حڪومت ۾ شامل آهن ۽ پنهجي ذاتي راء کي مد نظر رکندي پنهجي پاور جو ناجا۔ز استعمال ڪري رهيا آهن جن کي ڪو به روڪڻ وارو ڪونهي جڏهن ۽ جيڪا انهن جي دل گهري ٿي سا مراد پنهجي پوري ٿا ڪن،قانون ته انهن لاء به هوندو پوء انهن کي ڇو با اختيار بنايو ويو آهي جيڪي جيڪو چاهين پيا سو ڪن پيا،
    سائين عرض ته قانون جون گهرجون وقت جا وزير يا گورنر ته هر لحاظ کان پوريون ڪري سگهن ٿا پر عام انسان انصاف لاء ٻاڏائيندڙ ڪنهن ڏي ويندو انهن جا ڪاغزات تيار ڪرڻ وارا ادارا پنهجي پاور جو استعمال ڪهڙي طريقي سان انجام ڏين ٿا انهن بيگناهن جي مرڻ مان پئجي سگهي ٿو جيڪي روز ماريا ته وچ رستي تي وڃن ٿا پر نه گواه نه ثبوت جي بنياد تي ڪنهن تي به ڪنهجي گرفت نه ٿي ٿئي،جڏهن ته 20 مئي تي ٿيندڙ قتل عام جا ويڊيو رڪارد به موجود آهن پر پو به انهن کي مضبوط ثبوت طور پيش نه ٿو ڪري سگهجي ،آخر اهي ايويڊنس ڪٿان اچن جڏهن هن ملڪ تي راج ڪندڙ وزير ۽ گورنر بجاء هن ملڪ جي قانون کي فالو ڪن هڪ نامنهاد دهشتگرد جي پوئلڳي ۾ خدمتون انجام ڏئي رهيا آهن ،منهجو اشارو انهن جي عمل ڏانهن هيو ۽ اهڙي قسم جا سوال ئي ذهن ۾ ڇوليون هڻن ٿا هڪ عام ماڻهو هن ملڪ جو ويچارو شهري تسليم ڪري مونکي ڏسو جنهن وٽ علم بلڪل ناهي ته اهو ڪيئن سوچيندو ؟؟؟؟؟؟ ڇا اهو ائين نه سوچيندو!!!!!!!!!
    هن ملڪ جي عدالتن،اقرار جرم ڪندڙ مجرمن کي به سزا نه ٻڌائي ،۽ اهي مجرم جيل ۾ به نه رهي سگهيا بلڪه اهي هن ملڪ مان ئي فرار ڪرايا ويا ته ان جي هن عمل کي ڇا چئجي ؟؟؟؟؟؟مجرم به اهي جيڪي تربيت يافته قاتل جن خود اقرار ڪيا آهن ته اسان فلان فلان کي قتل ڪيو هتي ٽريننگ ورتي وغيره۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    هي لفظ فقط ان سوچ جي ڪري آيا ته مون سمجهو ته جيل ۾ پيل شخص عدالت جي مرضي کانسواء ٻاهر نه ٿو اچي سگهي۔
    پر شايد انهن پنهجون قانوني گهرجون پوريون ڪيون هونديون تڏهن ئي آزاد ٿيا هوندا پر عام اسان ڄٽ بيوقوف ڇا سمجهون ڪيئن سمجهون ؟؟؟؟
    ۽ عرض ته مون ڪڏهن به عدالت يا جج صاحبن جي باري ۾ ڪا سوچ رکي هئي ،منهجو مطلب انهن حڪومتي ڪارندن لاء هيو جيڪي پنهجي عهدن کي پنهجي آقائن جي ملڪيت سمجهن ٿا ۽ انهن جي چوڻ تي هر حڪم کي مڃين ٿا ۽ عمل پيرا به آهن ،ان لاء پٽيوالي کان وٺي هر اعلي عملدار شامل آهي جن جو سڌو واسطو عوام سان آهي اهي پنهجون ذميواريون انهن آقائن جي خدمت ۾ پيش ڪن ٿا جيڪي انهن کي ڪرسين تي ويهارين به ٿا ۽ بدلي به ڪرائين ٿا هن وقت منهجي عقل شعور مطابق عدالتن کي ڇڏي ڪري باقي عام زندگي سان واسطو رکندڙ ادارن ۾ ڪم ڪندڙ شخص وزيرن ۽ وڏيرن جي فرمائشن تي ڪرسيون سنڀاليو ويٺا آهن جيڪي عوام کي ٻنهي هٿن سان لٽن پيا ٿا جنهن جو ڪو به داد فرياد نه ڪرڻ وارو آهي نه انهن جي ڪارن ڏنڏن جا ڪي ڪنهن وٽ ثبوت ئي آهن ،ڇو جو اهي ادارا اهي ايجنسيون جيڪي ملڪي مفاد ۾ عوام جي خدمت لاء مقرر ٿيل آهن انهن کي پنهجي ذاتي غلامي ۾ هلايو وڃي ٿو،جيڪي پنهجن اڻ پورين خواهشن کي ظلم سان پورو ڪرڻ جا خواهان آهن،
    هڪ دفعو وري معزرت ٿو ڪيان جو آء پنهجي ڳالهه سمجهائڻ جو گر نه ٿو ڄاڻا جنهن سبب ڪري شايد هميشه سزا کائيندو آهيان،
    هاڻي به اوهان جي مرضي آهي سزا ڏيندو ته به قبول آهي جي معاف ڪندو ته اوهان جا درجا الله پاڪ بلند ڪندو،

    انهي قانون جي جنگ ۾ عوام جنهن جو ڪو به شاهد وڪيل ڪونهي فقط برداشت کي ئي منهن ڏيندو آهي سو ڏئي پيو،نه عوام وٽ ڏوڪڙ نه پيسو بس ويٺو پسجي سو الله ئي ٻاجه ڪندو ڪجه گزري ويئي آهي ڪجه گزري ويندي بنياد تي چپ آهيون
    وڌيڪ الله کي پارت آهي ۽ وس وارن کي جنهن کي رب العالمين وسوارو بنايو آهي هر ڪو پنهجو جوابده پاڻ ٿيندو اسين ته آهيون خطاڪار اگر هتي ئي سزا ملي وئي ته به بهتر جي هتي به معافي ۽ اتي به معافي پو ته سبحان الله ،
    اوهان لاء دعاگو ۔وري به هٿ ٻڌي معافي جو طلبگار آهيان،
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  7. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ادي ڀيڻ منهجو قطعي مقصد اهيو نه هيوجنهن ۾ مان جج صاحبن کي ڪرسي بچائڻ جو لاء وقت جي حڪمراني جي غلامي ڪرڻ جو چئي سگهان ۔منهجو مقصد انهن ماڻهن ڏانهن هيو جيڪي عام زندگي سان وابسته عوام جي خدمت ۾ مشغول آهن ۽ عوام کي فٽبال بنائي پيا ٿا ٿڏا هڻن
    جنهن جو ڪو به داد فرياد ڪو نه ٿو ٿئي ،ڇو جو اهيا اسان جي بدقسمتي آهي جو اسان جا حڪمران خود ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث آهن ۽ پنهجي ساست کي مضبوط بنائڻ لاء هر سودو ڪرڻ لاء آتا آهن ۽ اهي هن ملڪ جي عام ماڻهو تي پنهجو روب ۽ دٻدٻو ويهارڻ لاء هر اهو وسيلو ڪتب آني رهيا آهن جنهن سان انهن کي هيسائي سگهجي ،
    ٻهراڙين ۾ ڌاڙا ڦرون شهرن ۾ قتل ڌاڙا ڦرون عام آهن جنهن جو ڪو تدارڪ ڪونهي ڇو جو وقت جا گورنر وزير خود هن ملڪ جي قانون جي بجاء پنهجي آقا جي ديناداستي پيروي ڪري رهيا آهن جنهن کي ڪو به ٻنجو ڏيڻ وارو ڪونهي ،
    هر نعمت جيهوندي به اسان گداگر لڳا پيا آهيون امن جهڙي شئي اسان وٽان ائين اڏامي ويئي آهي جو ان جي آس ڪندي شايد ايندڙ ست پيڙهيون به گزري وڃن پر اها ڪٿان پوري ٿيندي نظر ڪو نه ٿي اچي،
    آء اوهان کان به پنهجي ناداني جي معافي ٿو گهران اميد ته اوهان ضرور معاف ڪندو،
     
  8. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    عزت مابه جناب عتيق الرحمان صاحب اسلام عليڪم۔ الله پاڪ جون رحمتون هميشه اوهان جي مٿان سج جي روشني وانگر پوائينديون رهن۔
    سائين منهنجا توهان آيهو ڪيئن ۽ اسان جي ڪهڙي جملي مان سمجهو ته اوهان اسان جي دل کي ڏکايو آهي ، نه سائين بلڪل به اسان اوهان سان نارآض نه آهيون۔ معاف ڪندا اوهان جو ليک ان قسم جو تاثر ڏئي رهيو هو ته معاشري ۾ جيڪي گندا عمل ٿئي رهيا آهن ، اهي اسان جي ملڪ جي جوڍيشري جي مدد ۽ مرضي سان ٿئي رهيا آهن۔ ان اوهان جي تاثر کي غلط ثابت ڪرڻ لاء اسان اوهان جي رهنمائي لاء قانوني نقط نظر سان ڪورٽن ۾ ڪيسن جي پروسڊنگ جي باري ۾ ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي۔ ڇاڪاڻ ته اسان جي ڪجه سٻاجهڙي عوام ،قانون کان واقف نه ٿيڻ جي بنياد تي پنهنجي ذهن ۾ توهان وارا ساڳي رائي جوڍيشري جي باري ۾ قائم ڪيو ويٺي آهي ، جيڪي حقيقت تي مبني نه آهي۔
    سائين منهنجا ڪورٽ ڪڏهن به ڪنهن مجرم کي پيرول تي رها نه ڪندي آهي ماسواء خصوصي حالتن ۾ جيڪڏهن ڪنهن قيدي جو پي يا ماء مري وڃي ۽ انهن جي جنازي ۾ اهو قيدي شرڪت ڪرڻ چاهيندو هجي تڏهن صرف هڪ يه ٻن ڏينهن لاء اها اجازت ڏبي آهي ،پر هاڻي ڪورٽ ان وجه سان به پيرول تي ملزم کي رها نه ڪندي آهي۔
    حقيقت ۾ پيرول تي رهائي ڪنهن مجرم کي سزا جي بعد ٿوري وقت لاء وفاقي يا صوبائي گورنمنٽ جي هوم مينسٽري هڪ نوٽفيڪشن جي ذريعي ڪندي آهي ۽ ان جي باري ۾ گورنمنٽ جو اهو نوٽفيڪشن صرف ان ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو آهي جيڪا ان ڏوهاري کي سزا ڏيندي آهي انفرميشن جي لاء ۔ جڏهن ته ريليز رٽ به هوم ڊپارٽمنٽ ڪڍندي آهي۔ان قانوني پروسيجر مان اهو اوهان سمجهي ويا هوندا ته پيرول تي مجرمن کي نه ڪورٽ آزاد ڪندي آهي نه ان سان ڪنهن قسم جو ڪورٽ جو واسطو هوندو آهي۔ هڪ ڳاله توهان ذهن ۾ ويهاري ڇڏيو ته پيرول تي مجرم جي رهائي ٿوري وقت لاء ڪئي ويندي آهي ۽ هميشه لاء نه ! هي جيڪي ماڻهون پيرول تي مشرف گورنمنٽ نوٽفيڪشن جي ذ ريعي آزاد ڪيا هئا ،جن جي باري ۾ اسان جي عزت مابه سپريم ڪورٽ ڪراچي وڳوڙي ڪيس ۾ نوٽيس ورتو آهي ۽ اڄ ڪله اسان جي ميڊيا ۾ انهن جو ذڪر زور شور سان جاري آهي، انهن جي دوباري گرفتاري لاء آپاء ڪورٽون وٺي رهيون آهن۔

    اسان جي ملڪ جي قانون ۾ سيڪشن 494 ڪريمنل پروسجير ڪوڍ سرڪاري وڪيل کي اختيار ڏئي ٿو ته هو صوبائي يا وفاقي گورنمنٽ جي هدايتن جي تڪميل لاء ٽرائيل ڪورٽ کي ڪانفڊينس ۾ وٺي ڪنهن به مجرم جي خلاف ڪريمنل ڪيس خارج (Withdraw) ڪري سگهي ٿو۔ گورنمنٽ ان قسم جي هدايت ان صورت ۾ ڏيندي آهي جڏهن ان ملزم جي انهن ڪيسن جي ڪري ملڪ جي آزادي کي ڪنهن قسم جو خطرو هوندو، يا ان جي ڪري ملڪ ۾ افراتفري واريون حالتون پيدا ٿيڻ جو خدشو هوندو جنهن جي ڪري ملڪ جو ڪار وهنوار صحيحي ۽ امن واري انداز ۾ نه هلي سگهڻ جو امڪان هوندو۔ توهان جنهن گورنر جي باري ۾ لکيو آهي ته هو گهڻن ڪيسن ۾ مجرم هئڻ جي باوجود حڪومت ۾ شامل ڪيو ويو آهي۔ توهان جي رهنمائي لاء ٻڌائيدا هلون ته انهن تي ۽ انهن جي ٻين ساٿيارن تي جيڪا ڪيس هئا، اهي سڀ ان وقت جي حڪومت انڍر سيڪشن 494 سي آر پي سي، جي تحت واپس ورتا هئا۔ ڪورٽن انهن کي انهن ڪيسن ۾ ميرٽ تي وڃي آزاد نه ڪيو هو۔ هاڻي سوال اهو ٿو اڀري ته جيڪڏهن گورنمنٽ پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاء ڪنهن مجرم جي خلاف ڪيس واپس وٺي ته ڇا ان ۾ به اسان جي ملڪ جي جوڍيشري جو قصور آهي؟ پنهنجي ضمير کان ان جو جوب وٺندا۔
    جنهن ملڪ ۾ ماڻهون ڪوڙ ڳالهائين ، ڪوڙ واپارائين، نوڪريون بغير پيسئي جي نه ملن، پنهنجي ٿوري فائدي لاء ڪورٽن ۾ شاهديون مٽائين ،ڪوڙا قسم کڻڻ کان نه ڪٻائين ، ڀاء ڀاء جي جائيداد هٿيائڻ لاء خون ڪرڻ کان نه ڪٻائين، يتمين جو حق کائي وڃن، سچيون شاهديون پنهنجي بزدلي جي ڪري ڪورٽ ۾ پيش نه ڪيون وڃن۔غريب ماڻهون جي حق ۾ سچي گواهي ڏيڻ لاء ڪو به تيار نه جڏهن ته بااثر ماڻهون جي مدد لاء هر ڪو ماڻهون تيار، ٿورڙن پيسئن جي بدودلت جعلي ڪاغذ ٺاهي قبضو ڪرڻ جو راواج،گورنمنٽ جي مخصوص ادارن جا هڪ هڪ پلاٽ کي ٽن چئن ماڻهون کي وڪڻي ڏيڻ يا ان جا ڪوڙا ڪاغذات ٺاهي ڏيڻ، پوليس ڏوهارين کي پڪڙڻ جي بدارن صرف وڏن ماڻهون کي پروٽيڪل ڏيڻ ۾ پوري ، يا پوليس کي پنهنجي مخالفين کي ڪچلڻ واري ڪم ۾ رڌل رکڻ واري ماحول ۾، اسان جي ملڪ جون ڪورٽون جيڪي اڃا به صحيحي ڊليور ڪري رهيون آهن جي باري ۾ اوهان جا تاثرات ڇا صحيحي آهن ؟ پاڪستان جي عام ماڻهون جوهاڻي به حق ۽ سچ لاء پاڪستان جي جوڍيشري ۾ نه رڳونظرون آهن پر اعتماد به آهي ۔
    اسان پاڪستان جي جوڍيشري جي وڪالت نه تا ڪيون ، اوهان جي سامهون صحيحي حقيقتون رکون پيا ۔ وڌيڪ فيصلو توهان جو ضمير پاڻ ڪندو۔هر ڊپارٽمنٽ ۾ بليڪ شيپ ، جيڪي ان اداري جي لاء بدنامي جو باعث هونديون آهن ، اهئي گنديون مڇيون اسان جي ملڪ جي جوڍيشري ۾ به هونديون ٿيئ سگهي ٿو ته انهن جو تعداد ڪجه وڌيڪ هجئي پر اوهان انهن جي ڪري سڄي جوڍيشري کي ته خراب نه چئو۔
    اسان نه اڳي ۾ نه هاڻي اوهان کان ناراض آهيون۔ هر انسان کي حق آهي ته ڪنهن جي باري ۾ به ڪا پرسنل رائي رکي۔ اسان ڪوشش ڪئي اهي ته توهان جي ذهن ۾ اٿندڙ سوالن جا جواب ڏئي سگهون۔ محترم صنم عباسي جيڪا پڻ وڪالت جي پيشي سان تعلق رکن ٿيون جون مهربانيون جن اسان جي ليک سان متفقي ڏيکاري آهي ۽ اميد ٿا ڪيون ته هو به پنهنجي قيمتي وقت مان ڪجه لمحا ڪڍي هن موضوع تي پنهنجي ڪجه ماهراينا رائي ڏينديون۔والسلام
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    محترم نور سنڌي صاحب اسلام عليڪم۔
    اسان جو قانون انڌو هئڻ جو دعوي انهي ڪري نه ٿو ڪري ته هو ڪنهن کي جائز فيض نه ٿو پهچائي سگهي۔ پر قانون جي انڌي هجڻ جو مطلب آهي ته هو انڌي هجڻ جي ڪري ڪنهن جي سائيڊ غير قانوني نه وٺي سگهيندو آهي ، قانون جي نظر۾ (بقول اوهان جي اندهي حالت)۾ سڀ برابر هوندا آهن۔ قانون جو اندهو هجڻ جو مطلب اهو به آهي ته ڪٿي ڪنهن اثر رسوخ واري، يا ڪنهن پنهنجي پياري تي نظر پوڻ جي ڪري ان جي دل ۾ انهن لاء ڪا نرم گوشو ظاهر نه ٿئي ۽ انهي جي ڪري مخالف جو ان قانون مان اعتقاد ۽ اعتماد نه نڪري وڃي۔ ماٺ ڪري نه ويهڻ گهرجي نه ماٺ ڪري ويهڻ جي صلاح ڏجي۔ قانون سڀني لاء هڪ جهڙو آهي ۔ توهان پنهنجي اردگرد ۾ نظر ڦيرائي ڏسو ته اهو قانون(بقول اوهانجي انڌو) ڪيترين اکين وارن جو سهارو بنيو بيٺو آهي۔، ورنه جهڙي قسم جون حالتون آهن ان ۾ توهان ۽ اسان ته هن معاشري ۾ زنده رهڻ جو به حق کسائي ويهي رهون هان۔ توهان ايهو الائي ڪيئن سمجهو ته انڌي شي ڪنهن کي روشني نه ٿئي پهچائي سگهي۔ اسان ان ڳاله جا شاهد آهيون ته جيڪي حافظ قران انڌا هوندا آهن انهن وٽ قران پاڪ جي تعليم وٺندڙ ٻارڙا وڌيڪ جلدي سان قران پاڪ پڄائي وٺندا آهن۔ اسان جي پاڙي واري مسجد ۾ آمام صاحب جن ( الله پاڪ هنن کي وڌيڪ عزتن سان نوازين) اکين کا ن لاچار هئا۔ ان جي باوجود هڪ ئي ٽائيم تي هو ٽن کان چئن ٻارن جو سبق ٻڌندا هئا، ان مان چوڪون ڪڍندا هئا ۽ نئون سبق ڏيندا هئا۔ان حافظ صاحب ڇا قران پاڪ جي روشني نه پکيڙي؟ انهي ڪري ( معذرت سان) اوهان پنهنجي اها سوچ بدلي ڇڏيو ته انڌن کان روشني جي اميد ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آهي۔ اسان جي قانون اڃا به گهڻن ماڻهون لاء مشعل راه آهي۔ اسان جي ڪا ڳاله اوهان کي خراب لڳي هجي ته ان جي لاء معافي جا طلبگار آهيون۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. صنم

    صنم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 مارچ 2011
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    124
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    اي ايمان وارو! انصاف تي خوب قائم رهڻ وارا ۽ الله (پاڪ) جي لاء گواهي (شاهدي) ڏيڻ وارا ٿئي رهو، پوء اها (انصاف ۽ گواهي) توهانجي پنهنجي ذات يا توهانجي والدين ۽ مائٽن جي خلاف ڇو نه هجئي۔اهو (فريق معاملو)چاهي امير هجئي يا غريب،الله بهرحال توهان کان وڌيڪ انهن جو خير خواه آهي۔ انهڪري پنهنجي خواهش نفسي جي پيروي نه ڪندا ڪيو،ايئن نه ٿئي جو توهان حق تان هٽي وڃو۔۽ جيڪڏهن توهان (انصاف ۽ شاهدي جي معاملي ۾ ) لگي لپٽي ڳاله چئي يا سچائي کان پهلوء بچايو ته بلاشبه الله (پاڪ) توهانجي اعمال جي پوري پوري خبر رکندو آهي۔( سورته النساء ، آيت 135)
    ( هن آيات ۾ اهل ايمان کي تاڪيد ڪئي وئي آهي ته هو عدل ؤ انصاف جا علمبردار ٿين ۽ انصاف جي حصول ۾ هنن جي شاهدي صرف الله (پاڪ) جي لاء هجڻ گهرجي۔ ۽ ان ۾ ذاتي مفاد يا ڪنهن ٻئي جي خوشنودي هرگزشامل نه هجڻ گهرجي)

    ادي سنڌي نور! قران شريف جي مٿين آيات هتي ٻڌائڻ جي ضرورت انهڪري پيش آئي ته توهان پاڻ اندازو لڳائي سگهو ته ڇا اسان جي عدالتن ۾ ماڻهون جي شاهدي الله پاڪ جي لاء هوندي آهي۔هو پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ لاء ڪورٽ ۾ ڪوڙ مٿان ڪوڙ پيا ڳالهيندا آهن۔ توهان سچا گواه جيڪي گواهي الله پاڪ جي خوف ۽ سچ جي خاطر ڏين کي ڪورٽ ۾ آڻيو ته اوهان ڏسندا ته اهو انڌو قانون به گهڻن کي صحيحي ۽ روشني واري مقام تي پهچائيندو۔اسان محترم ميمڻ صاحب جي ڳالهين سان متفق آهيون ته قانون انهڪري انڌو هوندو اهي ته پنهنجي ڪنهن ويجهي کي ناجائز طور تي فيور نه ڪري۔توهان ڪجه ڏينهن لاء اسان سان گڏ اچي وڪالت جي شعبي ۾ پير پايو،توهان پاڻ ڏسندا ته قانون بظاهر ته انڌو آهي پرحقيقت م گهڻن اکين وارن کان وڌيڪ روشن آهي ۽ سچي روشني ڦهلائي ٿو۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. سنڌي نور

    سنڌي نور
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 نومبر 2011
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    408
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ديس واسين سان محبتون ونڊڻ
    ماڳ:
    سنڌ جي مٽي
    ادا مصطفي ميمڻ ۽ ادي صنم،
    نور جو سلام جيئي سنڌ
    ايترو قانون نه ٿي ڄاڻا ڇو ته منهنجي تعليم نه هوئڻ جي برابر آهي، مان هن سماجي سانچي ۾ ًگهڙيل هن سماج جي ڳالھ ضرور ڪندم جتي قانون،۽ مذهب ته گهڻو ڪٍ ٻڌائي ٿو پر،هتي جي سماج ۾ قانون هجي يا مذهب جن کي ماڻهو پنهنجي فائدي لاء استعمال ڪن ٿا ۽ اسان ٍجهڙن جو اعتماد، يقين انهن کان ختم ٿي ويو آهي،هتي امير وڌيڪ امير ۽ غريب وڌيڪ غربت ۾ پيو وڪوڙجندو پيو وڃي،غريب سان ويڌهن جو ڪو سرپرست نه آهي انهن سان ٿيندڙ ظلم جو نه قانون ڪو به ساٿ نه ٿو ڏئي، ڪو به عام ڪيس به پنج ،ڏھ سال تائين لوڙائي ٿو، جنهن ۾ ٿاڻي جي سپاهي کان وٺي عدالتن جي چڪرن ۾ هر ماڻهو پنهنجي رشوٽ ۽ پيسو وٺڻ کان سواء ڪم نه ٿو ڪري، ڪيئن به ڪري اگر ڪو غريب اتي پهچي ٿو ته وري انهن پئسي ۽ وس وارن جا خريديل گواھ جي آڏو سچ به ڪوڙ ٿيو پوي يا ته ان غريب تي ايترو ته پريشر وٍجهندا جو هو عدالت يا قانونن جي چالبازين ۾ نه اچڻ چاهيندا آهن ۽ سڄي زندگي ماٺ ۾ زندگي الله جي آسري گذاري ڇڏين ٿا،هتي گواهي قران تي هٿ رکي نه پر پئسن جي عيوض جيترو پئسن جو وڌيڪ وزن هوندو اهو اوترو وڏو قسم کڻندو ۽ پنهنجي ڳالھ مڃرائي ويندو ۽ سچو ثابت ٿيندو، ڪنهن نياڻي جي عزت ختم ٿيڻ سان ان جا والدين به هن سماج ۾ پنهنجا هٿ مٿي ڪري ويندا آهن، صرف ان ڪري ته ڏوهاري پئسي جي ضرور تي هنن کي ڌمڪي ڏيندا ته هڪ نياڻي ته وڃائي اٿو جي خاموشي اختيار نه ڪندو ته اسان توهان جي سڄي خاندان ۾ ڪنهن به نياڻي جي عزت برقرار نه رهندي تڏهن ئي هو پنهنجي لٽيل نياڻي سان پاڻ به سڀ لٽائي ماٺ ٿي وڃن ٿا، شايد مان توهان جي اڳيان هڪ ڄٽڪياڻي طريقي سان پنهنجي ڳالھ پڄائيندي هجان پر پڪ سمجهان ٿي ته توهان ايترا پڙهيل لکيل آهيون جو منهنجي ڄٽڪين ڳالهين جو پورو مقصد سمجهي ويا هوندا۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    محترمه نور سنڌي صاحبه اسلام عليڪم۔ سمنڊ جي گهرائي جو اندازو تڏهن لڳندو آهي جڏهن ماڻهون سمنڊ جي لهرن سان گڏ ترڻ شروع ڪندو آهي، ڪناري تي بيهي توهان سمنڊ جي گهرائي جو اندازو نه ٿا لڳائي سگهو۔ اسان پنهنجي جوابن ۾ قانون جي ڪافي تشريح ڪئي آهي، ان جي باوجود به جيڪڏهن توهان جي اها رائي اهي ته اسان جي ملڪ جون ڪورٽون انصاف نه پيون ڪن ۽ ماڻهن جا سچ ڪيس به ڪورٽ جي چاليبازي جي ڪري خراب پيا ٿين ته اوهان محترم صنم جن جي ڳاله مڃي ڪجه ڏينهن لاء هنن جون ساٿي ٿي ڪري ڪورٽ ۾ هلندڙ ڪيسن جي پيروي جو پنهنجي اکين سان مشاهدو ڪيو۔ توهان تي هر ڳاله عالم آشڪار ٿئي ويندي۔ جيڪڏهن ڪورٽن ۾ ترت فيصلاء نه ٿا ٿين ان جو وڏو سبب جج صاحبن جي گهٽتائي ۽ ڪيسن جو وڏو نمبر آهي۔ جيڪڏهن هڪ جج صاحب روزانه 100 کان مٿي ڪيس ٻڌيندو ته هو ڪيئن انهن جو فيصلو جلدي ڪندو۔ڪجه ڪيسن ۾ وڪيلن جي به ڪوشش هوندي آهي ته ڪيس کي ڊگهو ڪيو وڃي۔ گواهن جوبه ڪورٽن سان تعاون نه ڪرڻ ۽ گواهي لاء ڪورٽن ۾ نه اچڻ به هڪ سبب آهي۔ گواهن جي ايڊريس مٽائڻ جي صورت ۾ انهن کي ڳولڻ ۾ به ڪافي وقت ڪورٽ کي لڳندو آهي۔ ان کان علاوه ڪافي سارا سبب آهن پر عام ماڻهون توهان وانگر صرف ڪورٽن کي انهي دير لاء مورد الزام ٿو ٺاهرائي۔۽ ٻين ماڻهون جون ان سلسلي ۾ پارٽ تي ڪا نڪتا چيني نه ٿو ڪري۔
    توهان لکيو آهي:”
    يا ته ان غريب تي ايترو ته پريشر وٍجهندا جو هو عدالت يا قانونن جي چالبازين ۾ نه اچڻ چاهيندا آهن
    ۔“
    محترما جيئن ته اسان قانون جي هڪ شعبي سان تعلق رکون ٿا انهڪري اوهان کي اهو ٻڌائڻ پنهنجو فرض ٿا سمجهون ته عدالت يا قانون جون ڪا به چالبازي نه هوندي آهي ۽ نه اڄ ڏينهن تائين اهڙي ڪا چلبازي اسان جي مشاهدي ۾ آئي آهي۔( جيڪڏهن توهان جي مشاهدي ۾ آئي آهي ته مهرباني ڪري ٻڌائيند ته اسان به ان قانون کي پڙهون جيڪو چلبازيون سيکاري ٿو۽ پنهنجي علم ۾ اضعافو ڪيون)
    جيڪڏهن گواه ڪورٽ ۾ سچي شاهدي نه ٿو ڏئي ڪنهن به وجه سان يا انهن وجه سان جيڪي توهان پنهنجي ليک ۾ ڏنا آهن ته ڇا اها ڪورٽ جي يا قانون جي چاليبازي آهي۔توهان جي ڪمينٽس کي بار بار پڙهڻ کانپوء به اسان اهو سمجهڻ کان لاچار آهيون ته توهان ڪيئن وڃي پنهنجي ذهن ۾ اها ڳاله ويهاري آهي ته عدالت ياقانون جون چالباذيون هونديون آهن ۔ توهان جهڙي سٺي شاعره کي ته گهرجي ته اول ڪورٽ ۾ هلندڙ ڪيسن جي باري ۾ سچو مشاهدو ڪري پوء ان جي باري ۾ تجزيو پيش ڪيو۔ اسان قانون يا جج صاحبن جي ڪا وڪالت نه پيا ڪيون پر اسان جي اها ڪوشش آهي ته هن اڱڻ جو هر ڀاتي ٻين جي ٻڌايل ڳالهين جي آڌارتي پنهنجي رائي نه ڏئي پر ذاتي مشاهدو ڪري ، رائي ڏئي۔ هڪ ڳاله ذهن ۾ رکو ته ڪورٽون جڏهن به فيصلاء ڏينديون آهن ته ڪيس هارائيندڙ ڌرهميشه غلط غلط الزام ڪورٽن تي لڳائيندي آهي۔اميد ته اسان جي هن جواب مان اوهان جون ڪجه غلط فهميون قانون جي باري ۾ گهٽ ٿيون هونديون۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    سائين ادب سان عرض ته ، گستاخي معاف ڪجو، مگر هڪ عام حالت جيڪا عام مشاهدي ۾ به آهي جنهن ۾ آء ڪنهن به جج صاحب کي موردِ الزام ڪو نه ٿو ٺهرايان نه عدالت تي تهمت ٿو هڻان مگر مون اهيو ڏٺو آهي ته اندر عدالت ۾ جج صاحب ويٺو هوندو آهي ۽ در جي ٻاهران رشوت ورتي ويندي آهي جنهن جو طريقو اهيو هوندو هي ته هاضري تي آيل ماڻهن کي سڏ ڪرڻ واري کي اگر جي ڏوڪڙ ناهن ڏبا ته اهڙي قسم جو سڏ ڪندو آهي جو ڪو به سمجهي ڪو نه سگهندو آهي ۽ موجود رهڻ جي باوجود به غير حاضر ٿي ويندو آه ،جنهن ڪري وڪيل جو منشي گڏ هوندي اڳ۾ ئي ان کي خرچي ڏيڻ لاء زور ڀريندو آهي ،وري ضمانت منظور ٿيڻ جي صورت ۾ سپرينٽنڊنٽ بغير پئسه ڏيڻ جي ضمانت قبول ناهي ڪندو ۽ ڪاغذن تي اعتراض مٿان اعتراض واريندو آهي ۽ هڪ اعتراض دور ڪري ايندو ته وري ٻيو اهو دور ڪبو ته وري ٽيون مطلب آخر جان ڏوڪڙ ڏيڻ ساان ڇٽي ٿي ،جڏهن ته جج صاحب ته بيشڪ عدالت ۾ اندر موجود هوندا آهن ليڪن ٻاهر جي ان عمل کان اڻ واقف هوندا آهن مگر عام ماڻهو عام حالت ۾ اهيو ئي تعثر وٺندو آهي ته هتي هر ڪم پئسي سان ٿو ٿئي ،سائين عرض ته ڇا اهڙي ڪنهن عمل جو توڙ آهي؟ يا ان کان بچڻ جو ڪو طريقو آهي ؟
    اميد ته رهنمائي فرمائيندا ،
    اوهان لاء دعاگو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو