• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪجهه سال اڳ لکيل ايڪتا تي هڪ نظم

شاهجهان سُميل

سينيئر رڪن
ڪجهه سال اڳ لکيل ايڪتا تي هڪ نظم ۔۔۔ اڄ شايد اُن جي ضرورت آهي يا نه ؟ ڇا ڪاڻ ته اسان اڃا متفق ناهيون۔۔۔

عجيب ئي مذاق آ
نه جنهن جو ڪو ئي دين ۽
نه جنهن جي ڪا ئي ذات آ
اُهي ئي ٿا ٺٺوليون ڪن
انهن تي جنهن جو شان آ
انهن تي جنهن جو مان آ
انهن تي جنهن لئه تاريخون
ثقافتون بڻيو اچن
انهن تي جنهن لئه سو صديون
تهذيبون کنيو اچن
ها پر انهن کي ڇا خبر
نه جنهن جون ڪي ثقافتون
نه جنهن جو ڪي ئي غيرتون
مگر اي ديش دشمنو ..
ٻڌو ! با هوش ٿي ٻڌو
نه ڇيڙجو نه ڇيڙجو
نه ڪنهن جو دين ۽ ڌرم
نه ڪنهن جو شان ۽ ڀرم
نه ڇيڙجو نه ڇيڙجو
نه محبتون نه چاهتون
نه تهذيبون، ثقافتون
نه ڇيڙجو نه ڇيڙجو
نه عزتون نه غيرتون
او بي ضمير مورتو ۔۔۔ !
اچو اسان کان ئي وٺو
حيا شرم جو درس ڪو
۽ لڄ ڀرم جو درس ڪو
سکي وٺو اسان کان اڄ
ثقافتن تي سر ڏيڻ
۽ ايڪتا جو ولولو
 
سکي وٺو اسان کان اڄ
ثقافتن تي سر ڏيڻ
۽ ايڪتا جو ولولو
خوبصورت اظهار ۔۔۔ اوهان جون سٽون وڻيون
 
ثقافت جو ڏڻ جڏهن پهريون دفعو ئي ملهايو ويو ته ٽوڪون ۽ چٿرون ڪندڙن جا ڳاٽا شرم کان جهڪي چڪا هئا ۽ پنهنجي غلطيون تسليم ڪرڻ کان سواءِ ڪو دڳ نظر نه آيو هو۔۔۔
 
Back
Top