ڇا ڪراچي ۾ نئين تڪبندين ۽ ووٽرلسٽن جي تصديق واري فيصلي تي عمل ٿي سگهندو؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ مسيح مگسي طرفان آندل موضوعَ ‏20 ڊسمبر 2012۔

  1. مسيح مگسي

    مسيح مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2012
    تحريرون:
    161
    ورتل پسنديدگيون:
    411
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    قمبر
    هي موضوع سنڌ جو حساس ترين موضوع آهي،تڪ بندي واري معا،لي تي عدليه جو رمارڪس ۽ موٽ ۾ ايم ڪيو ايم جون عدليه کي ڏيکاريل اکيون، ڪراچي مان سنڌين جي بي دخلي، مڪاني نظام ۽ جناح پور سازش۔هي سڄو سانگ هنن ئي تڪ بندين سان آهي۔هن موضوع تي سنڌي جاتي کي وڌ کان وڌ اڀياس ڪرڻ گهرجي ۽ ان تي اظهار ڪرڻ جي اپٽار ڪري (مسيح)
    ````````````````````````````````````````````````````````````````````

    ڇا ڪراچي ۾ نئين تڪبندين ۽ ووٽرلسٽن جي تصديق واري فيصلي تي عمل ٿي سگهندو؟
    امجد ميمڻ
    1403 اٽيچمينٽ ڏسو 1404 اٽيچمينٽ ڏسو
    اڳوڻي آمر پرويز مشرف پنهنجي دٻدٻي واري دور ۾ ڪراچي جا سمورا پراڻا چونڊ تڪ ڊاهي هڪ سياسي ڌر کي فائدو پهچائڻ لاءِ جيڪا تڪ بندي ڪرائي هئي، ان وقت سواءِ ايم ڪيو ايم جي سڀني اعتراض واريا هئا ته هي آمراڻو عمل صرف هڪ پارٽي کي فائدو پهچائڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي ان وقت آمر مشرف جي آشيرواد سان اهو سڀ ڪجهه ڪرايو ويو جيڪو ايم ڪيو ايم چاهي پئي. هن وقت سپريم ڪورٽ تڪ بندي کي اهڙيءَ ريت جوڙڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي جنهن سان انصاف جون تقاضائون پوريون ٿين. فوج کان به مدد وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن به ان مامري کي فوج جي نگرانيءَ ۾ شفاف بڻائڻ جي حامي ڀري آهي پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته سنڌ حڪومت ۽ ان جي اتحادي ايم ڪيو ايم ان عمل کي ڪيترو شفاف بنائڻ ۾ مدد ڪندي ڇو جو متحده قائد الطاف حسين لنڊن مان ويهي هتي هزارن جي ميڙ ۾ ٽيليفونڪ خطاب ۾ چئي چڪو آهي ته تڪ بندين وارو سپريم ڪورٽ جو فيصلو عدالتي مارشل لا آهي. الطاف حسين جي موقف کان پوءِ ميڊيا ۾ پ پ اڳواڻن جو به رد عمل اچي ويو ته رڳو ڪراچي ۾ ڇو؟ نيون تڪ بنديون سڄي ملڪ ۾ ٿيڻ گهرجن حلانڪه اهڙو موقف پير صاحب پاڳاري ۽ سنڌ جي ڌرين جو به رهيو آهي ته سنڌ جي سمورن تڪن سان هٿ چراند ڪئي وئي آهي. جيڪڏهن پ پ وارا چاهين ها ته پنهنجن ساڍن چئن سالن کان وڌيڪ عرصي جي حڪومت ۾ شفاف آدمشماري ۾ سندن اتحادي ڌر ڪراچي ۾ ڇا ڪيو ۽ ڪيئن اصلوڪين سنڌي وسندين کي ڳڻپ کان ٻار رکيو، ڇا اهو هاڻي ڪو راز آهي؟ اڄ ايم ڪيو ايم چوي ٿي ته آدمشماري کان اڳ نيون تڪبنديون نه ٿيڻ گهرجن سوال اهو آهي ته توهان جيڪڏهن فضيلت سان آدمشماري ڪرڻ ڏيندئو ته اها ٿيندي نه! جي هر حساس عملي کي پنهنجي مخصوص ناجائز مفادن تحت هلائڻ جي ڪوشش ڪبي ته سنڌي ماڻهو اهو ڪيئن قبول ڪندا ۽ اهو ئي سبب آهي ته 98ع کان پوءِ ڪابه آدمشماري نه ٿي سگهي آهي.
    جيڪڏهن ڏسجي ته اصولي طور تي نيون تڪبنديون پوري ملڪ ۾ ٿيڻ گهرجن ڇو جو هر طرف اعتراض آهي پر ڪراچي جي مخصوص حالتن سبب اتي چونڊن کان اڳ تڪ بنديون اڻ ٽر سمجهيون پيون وڃن. هاڻي واري اچجي پنهنجي اصل موضوع تي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم مطابق ڪراچي ۾ چونڊ تڪن جون نيون تڪبنديون ٿينديون ۽ کين فوج ۽ ايف سي جي مدد حاصل هوندي ايم ڪيو ايم جو ان مامري تي اعتراض پنهنجي جاءِ تي پر هيءَ ڪم ايترو آسان به نظر نٿو اچي ڇو جو ڪراچي ۾ ڪافي نوگو ايرياز آهن جتي ڪو قتل عام به ٿيندو آهي. ته پوليس ۽ رينجرز به پرتي بيهي پاڻمرادو ٺاپر جو انتظار ڪندي آهي ان کان علاوه در در تي وڃي جڏهن آدم شماري به نه ٿي سگهي تقريبن 5 سالن ۾ تڪ به سڌري نه سگهيا ايسٽ جا ووٽ ويسٽ ۾ ويسٽ جا ايسٽ ۾ آهن ته عملو ڪيئن چڪاسي سگهندو. هيءُ علائقو ڪٿان کان ڪٿي پورو ٿيندو جنهن ۾ ڪو قانون نافض ڪندڙ اداري وارو به وڃي نٿو سگهي! ڪراچي ۾ تڪبندين تي زور انهيءَ ڪري به آهي جو ملڪ ۾ ڪوبه هڪ اهڙو شهر ناهي جتي چونڊن جي نالي ۾ نسورو فراڊ ٿيندو هجي. ڇا اهو هڪ کليل راز نه آهي ته ڪراچي ۾ عملي طور چونڊون ٿينديون ئي ناهن اتي ته رڳو اردو ڳالهائيندڙ آبادي کان ووٽ جو حق کسيو ويو آهي انهن جا شناختي ڪارڊ اڳ ئي زونل آفيس وٽ جمع ٿيندا آهن. ڪراچي ۾ تڪ بنديون شهرين تي هڪ هٽيءَ جي خواهش رکندڙ ڌر گذريل 25 سالن کان هميشه پنهنجي مرضيءَ موجب ۽ ناجائز مفادن تحت ڪرايون آهن جي ائين نه هجي ته پوري ڪراچي ۾ 45 سيڪڙو سيٽون کڻي اچي! ٻيو ته اها 45 سيڪڙو اردو ڳالهائيندڙ آباد ڇا سموري هڪ جماعت سان وابسته آهي؟ ڇا انهن جو هڪ چڱو انگ جماعت اسلامي، جي يو آءِ، جي يو پي، اي اين پي، سني تحريڪ، تحريڪ انصاف توڙي پ پ ۽ ن ليگ سان وابسته ناهي. هڪ پارٽيءَ وٽ اهڙو ڪهڙو جادوءَ جو چراغ آهي جو اڌ آبادي جي نمائنده ڌر ڪراچي جون 90سيڪڙو سيٽون کٽي نه پر کڻي کڻي ٿي اچي! ظاهرآهي ته ان جا صرف ٻه اهي سبب آهن هڪ تڪ بنديون ۽ ٻيو دٻدٻو! ڪراچي ۾ قتل عام جي جيڪڏهن ماضي ۾ وڃي تاريخ ڏسجي ته اهي سڀ ڳالهيون هڪ لساني تنظيم جي کاتي ۾ وينديون ۽ هينئر سندس مقابلي ۾ انتهاپسند مذهبي ڌريون به اهي ڪم ڪري رهيون آهن جيڪي ڪم اها ڪندي آئي آهي. تازو پير صاحب پاڳاري سان ملاقات کان پوءِ جميعت جي قائد مولانا فضل الرحمان جو اهو چوڻ هو ته دهشتگردي جي حوالي سان ايم ڪيو ايم ۽ طالبان ۾ ڪوبه فرق ناهي. اسان طالبان کي ته پارٽي نٿا ڪيون پر حڪومت انهن تي پابندي لڳائي ان کي ڄڻ پارٽي تسليم ڪيو آهي. جيڪا دهشتگردي تحريڪ طالبان پاڪستان ڪري ٿي اهڙي ايم ڪيو ايم ڪري ٿي. مولانا فضل الرحمان اڳ ۾ ايم ڪيو ايم جي باري ۾ محتاط رويو رکندو هو ۽ ڪراچي جي ڪامياب جلسي تي متحده قائد الطاف حسين فون ڪري به کيس مبارڪباد ڏني هئي پر تازو مدرسن جي طالبن جي قتل عام ۽ اهي پيرا هڪ مخصوص پارٽي ڌي وڃڻ تي مولانا فضل الرحمان جي رويي ۾ تلخيٰ آئي آهي. تڪ بندين جي حوالي سان حقيقت اها آهي جيڪا مون مٿي به ذڪر ڪئي ته ڪراچي ۾ تڪن جي نئين سري سان جوڙ جڪ اڳواڻي آمر مشرف ڪرائي ۽ موجوده حڪومت جي اتحادي ڌر کي خوش رکڻ لاءِ ڦير ڦار ڪئي هئي اها تبديلي اهڙي ته بد نيتي جي بنياد تي ڪئي وئي جو اهي علائقا جيڪي پ پ جي ووٽ بئنڪ جو ذريعو هئا اهي به ورهائي انهيءَ جماعت جي حوالي ڪيا ويا جيڪي پنهنجو ڌاڪو ڄمائيندا پئي آيا. آمر مشرف جو ڪوبه تڪ نه هو ۽ شايد ايندڙ چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم سندس لاءِ ڪوبه تڪ ڇڏي پر ان وقت آمر کي ان جماعت جي ضرورت هئي جنهن جي هٿان هن موجوده چيف جسٽس آف پاڪستان کي به ڪراچي اچڻ نه ڏنو هو. ۽ اهو 12 مئي ڪنهن کان نه وسرندو جنهن ڏينهن ڪراچي ۾ لاش ڪيرايا ويا ۽ خود پ پ جا ڪارڪن به شهيد ڪيا ويا. پر مفاهمت ايتري ته وڌي وئي جو قاتل به ڇڏيا ويا ۽ اتحادي پارٽي جي هر ڳالهه مڃي کين اقتدار ۾ حصيداري ڏني وئي جيئن قاتل ليگ کي قابل ليگ بڻائي چوڌري پرويز الاهي کي ڊپٽي منسٽر بڻايو ويو حالانڪه شهيد راڻي جيڪي 5 نالا ڏنا هئا ته اهي مون کي شهيد ڪرائي سگهن ٿا انهن جو به نالو هو پر موجوده حڪومت واضح نموني شهيد راڻي جي قاتلن کي وائکو نه ڪيو آهي ۽ رحمان ملڪ تاريخن مٿان تاريخون ڏيندو رهي ٿو ته قاتل وائکا ڪيا ويندا ۽ هينئر هن تازي تاريخ 27 ڊسمبر ڏني آهي جنهن ڏينهن شهيد راڻي کي شهيد ڪيو ويو ۽ پورن 5 سالن کانپوءِ به قاتلن بابت واضح ڪندي الائي نه؟!
    شهيد راڻي کي ته پنجاب ۾ شهيد ڪيو ويو پر ان راڻي جي پنهنجي سنڌ به ٽارگيٽ ڪلنگ کان محفوظ ناهي ڪراچي جتي روزانو درجنين ماڻهو، سياسي ۽ مذهبي ڪارڪن هٿياربندن جونشانو بڻجن ٿا هاڻي وري تڪ بندين کي فيل ڪرڻ لاءِ ڪي ڳجها هٿ وري ڪراچي جي باهه کي وڌيڪ شعلا نه بڻائين اهو خوف وڌندو پيو وڃي ۽ تڪ بندين لاءِ ايندڙ فوج متان مستقل قتل عام کي روڪڻ لاءِ نه پهچي وڃي. حالانڪه فوجي آپريشن جي هرڪو مخالفت پيو ڪري. سو ڏسون ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي چوڻ مطابق ته ڪراچي ۾ نيون تڪبنديون ٻن مهينن اندر مڪمل ڪرڻ جو اعلان ڪيترو عملي جامو ٿو پهرجي ۽ ان کان علاوه ڪراچي ۾ فوج ۽ ايف سي جي مدد سان گهر گهر وڃي ووٽن جي تصديق واري سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ڪيترو عمل ٿو ٿئي. جڏهن ته چونڊون ويجهو هوندي تڪن جون تڪڙيون ڳالهيون ڇو پيون ٿين اهو سواليه نشان به آهي!
     
  2. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    جنهن ملڪ جاصدر ۽ وزير ڪتي وانگر لور لور لوسي ماڻهن جي پٽيان ڪندا وتن انهن مان ڪهڙي توقع رکي سگهو ٿا ،هنن ته سڌو سنئون پاڪستان جي فوج ۽ عدليه کي به ٻڌائي چڏيو ته اسان ڪيترا ڪانڀو خان آهيون سو ڏسون ته هنن جا هٿيار ۽ ظلمت ڪهڙو ٿي رنگ لائي ۽ بيغيرت حڪمرانن کي ڇاٿو ملي،جن پنهجي عهدن سان ملڪ سان غداري ڪئي آهي شهر جا رولو غنڊا ملڪ جا حڪمران آهن جن پنهجي زندگي ۾ ڪڏهن پنهجي ماء پيء جي فرمانبرداري ڪو نه ڪئي انهن کي ڪهڙو درد
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو