(ٿوري غفلت)

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ شيرين طرفان آندل موضوعَ ‏20 ڊسمبر 2012۔

  1. شيرين

    شيرين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    796
    ورتل پسنديدگيون:
    3,569
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    جهول ضلع سانگهڙ
    (ٿوري غفلت)
    هڪڙا هئا ٻه ڪاريگر، اهي گڏجي ڪاٺ جي طاقن مان هڪڙي ٻيڙي ٺاهي رهيا هئا. ڪم ڪندي هڪ طاق کي ڏٺائون ته ان ۾ ننڍڙو سوراخ آهي. جنهن ۾ هڪڙو ننڍڙو جيت ويٺو آهي. اهو ڏسي هڪڙي ڪاريگر چيو؛ هيءُ طاق ٻيڙيءَ ۾ نه لڳائجي، متان اڳتي هلي ان طاق سبب ڪو نقصان ٿئي.
    پر ٻئي ڪاريگر چيو؛ هن ننڍڙي جيت سان ڪهڙو فرق پوندو؟ ان کي اڇلائبو ته ڪجهه روپين جو اجايو نقصان ٿيندو. مطلب ته هن ٻئي ڪاريگر جي چوڻ تي جيت جي سوراخ وارو طاق ٻيڙيءَ ۾ هڻي ڇڏيو.
    ٻيڙي ٺهي تيار ٿي ته درياءَ ۾ هلڻ لڳي. سال کن گذرڻ بعد ان جيت طاق ۾ هڪ ٻيو جيت به ڄڻيو. پوءِ ته آهستي آهستي جيت وڌندا ويا. تان ته ان طاق کي اندران ئي اندران کائي کوکلو ڪري ڇڏيائون. هڪ ڏينهن ٻيڙي وچ درياءَ ڻ هلي رهي هئي ته ان کاڌل طاق ۾ اوچتو سوراخ ٿي پيو ۽ پاڻي ٻيڙيءَ ۾ ڪاهي پيو. پوءِ ته ٻيڙي ٻڏي وئي ۽ ان ۾ چڙهيل ڪيترا ماڻهو به ٻڏي ويا.
    ظاهر آهي ته ٻيڙي ٺاهيندڙ ڪاريگر پهرين ڏينهن غفلت ڪري جيت وارو طاق ٻيڙيءَ ۾ نه هڻن ها، بي پرواهي نه ڪن ها ته هيڏو وڏو حادثو نه ٿئي ها.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    ادڙي شيرين اسلام عليڪم۔ واقعي ٿورڙي غفلت جي ڪري اڳتي هلي ڪيڏو نقصان ٿيو۔ توهان جي ليک ۾ مرڪزي نصحيت تمام گهڻي ڪم واري آهي۔ اسان کي هر عمل ڪرڻ وقت شروع ۾ اهو ڏسڻ گهرجي ته اسان جي غفلت جي ڪري ڪا ڪوتهائي چاهي پوء اها معمولي هجي ته نه رهجي ويندو۔ تمام سٺو ليک۔ ان فڪر کي ضرور جاري رکندا پر پهريائين تعليم جي طرف توجهه۔
     
  3. شيرين

    شيرين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    796
    ورتل پسنديدگيون:
    3,569
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    جهول ضلع سانگهڙ
    جي ادا ضرور
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    بلڪل درست اسان جي ٿورڙي غفلط به ڪو وڏو نقصان ڪري سگهي ٿئي
     
  5. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    تمام بهترين ۽ حڪمت سان سرشار حڪايت آهي ، چوندا آهن ته تر جي گٿي سو چوٽون کائي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو